هو بوهري برادري جو سيٺاڻو ٻار هو، پر هن جي ڏاڏي طيب علوي عام ماڻهن جي زندگي کي ويجهڙائي کان ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انهن سان دوستي رکڻ لاءِ پنهنجي پوٽي حمزا علويءَ کي لياري جي کڏا مارڪيٽ واري پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. هو 10 اپريل 1921ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائو هو.( هن سال اپريل ۾ هن جي صد سالا سالگره جي تقريب ڪووڊ جي ڪري نه ٿي سگهي هئي). تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ طيب علوي ڪراچي جي واپاري برادري بوهري ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ هو. هنن جو ڪٽنب پنهنجي انداز واري سماجي ڪمن ۽ بوهري ڪميونٽي کان ٻاهر سوچڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي بوهري پير کان به ٽٽل هو. انهيءَ زماني ۾ طيب علوي واپاري سرگرمين کان سواءِ تعليمي واڌاري لاءِ پنهنجو اسڪول قائم ڪيو. هن جو ڀاءُ حاتم علوي ڪاروباري برادري وارو هئڻ جي باوجود سياسي سرگرمين جي نتيجي ۾ ڪراچي جو ميئر به ٿيو.
حاتم علوي جي ميئري واري دور ۾ ڪراچي جا روڊ به ڌوپندا هئا ۽ ميونسپل ڪميٽي جي خرچ تي شهر ۾ بيمار رولو جانورن جو به علاج ٿيندو هو. ڪراچي ۾ اڄ به حاتم علوي روڊ ان جي ايامڪاريءَ جي ياد ڏياري ٿو. ڪاروباري گجراتي ڪميونٽي واپاري طور ممبئي کان پوءِ ڪراچي کي ان ڪري به وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳي هئي، ته سوئيز ڪئنال ٺهڻ کان پوءِ بحري واپار ۾ ڪراچي جي اهميت وڌي وئي هئي. هونءَ به چيو ويندو آهي ته ننڍي کنڊ جي سياست ۾ ٻن گجراتين جناح ۽ گانڌي کي وڏي اهميت حاصل آهي. جڏهن هندو گجراتين گانڌي کي اهميت ڏني ته مقابلي ۾ مسلمان گجراتين جناح جو پاسو کنيو. ان ڪري بوهري مسلمان گجراتي هئڻ ڪري واپاري طور ڪراچيءَ ڏانهن وڌيا ۽ اتي پنهنجون ڪاروباري شاخون کوليون.
هوڏانهن وري ائين به آهي ته بوهري برادري کي انگريز دور ۾ ممبئي مان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان ڪري آباد مسواڙ تي دوڪان کولڻ ۾ انگريزن سهولتڪاري مهيا ڪئي ته جيئن ڪنٽومينٽ آباديءَ کي گهربل سامان مهيا ڪري سگهن. ان ڪري اٽڪل ٻن صدين کان بوهري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪاروبار ڪندڙ آهن. اهڙي ريت جديد ڪراچي جي اڏيندڙن ۾ جتي پارسي ۽ خواجه برادري جو عمل دخل رهيو آهي ته اتي بوهري ڪميونٽي پڻ ڪراچيءَ کي ايشيا جي راڻيءَ وارو درجو ڏيارڻ لاءِ وسان ڪينه گهٽايو. شهر کي عالمي سطح جو ميگا سٽي جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان صورتحال ۾ سيٺ طيب علوي ڪراچيءَ ۾ ماٺ ميٺ ۾ سماجي ڪم ڪاريون ۽ تعليمي خدمتون انهيءَ حد تائين سر انجام ڏنيون، جو گهڻن محققن طيب علوي کي سر سيد احمد خان سڏيو آهي. سو طيب علوي پنهنجي پوٽي حمزا علوي کي وري ڪراچي جي ڪنهن سيٺين واري مهانگي اسڪول ۾ پڙهائڻ بدران ڪراچي جي غريب بستي طور سڃاڻپ رکندڙ لياري جي ميونسپل پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي حمزا علوي جي دوستي وري ابوبڪر نالي واري گڏهه گاڏو هلائيندڙ سان ٿي. جيڪو گڏهه گاڏي هلائي گهر ڀاتين لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ اسڪول مان وچان گم ٿي ويندو هو. جيتوڻيڪ پوءِ ته حمزا علوي ڊي جي ڪاليج ۽ سنڌ مدرسي ۾ به پڙهيو. جتان پوءِ واڊيا ڪاليج پونا ۾ پڙهڻ ويو. هو بمبئي ۾ به پڙهيو ۽ معاشيات ۾ اعليٰ تعليم لاءِ علي گڙهه ويو. 1944ع ۾ هن کي معاشيات ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڪراچي ۾ ولي محمد توالي ميڊل ڏنو ويو. ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب خالق ڏنو هال ۾ ٿي، جنهن تقريب جي صدارت علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڪئي هئي.
هن 1945ع ۾ انڊيا ريزرو بينڪ جي ريسرچ شعبي ۾ نوڪري ڪئي. 1946ع ۾ هن شادي ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ ريزرو بينڪ جي گورنر ديش مک کيس پاڪستان جي مرڪزي بينڪ جيڪا پوءِ اسٽيٽ بينڪ سڏي وئي، ان ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني. جتي هو اسٽيٽ بينڪ جي پنجن پرنسپلز آفيسرن مان هڪ هو. هو ڍاڪا ۽ ڪراچي ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن جو بينڪاريءَ ۾عام ماڻهوءَ جي عمل دخل ۽ فلاح بهبود واري ڪم تي بينڪ جي انتظاميا سان اختلاف ٿيو ۽ 1953ع ۾ بينڪ جي نوڪري ڇڏي پنهنجي ساهرن ۾ زال سميت تنزانيا هليو ويو. تنزانيا ۾ هئڻ دوران هن زرعي شعبي ۾ ريسرچ وارو ڪم ڪيو ۽ هارين ۽ زرعي شعبي جي پورهيتن جي زندگيءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اتي هن جي طبيعت خراب رهڻ لڳي. هن کي لنڊن ۾ علاج جو مشورو ڏنو ويو. جنهن سبب هو 1965ع ۾ علاج لاءِ لنڊن ويو. جتي رهڻ دوران هن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ پاڪستان جي بينڪاريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. جنهن کان پوءِ هن عالمي سطح تي مانچسٽر، ڪيليفورنيا يونيورسٽي، لاس اينجلس، يونيورسٽي آف ڊينور، يونيورسٽي آف ليڊز، يونيورسٽي آف سسيڪس، زرعي يونيورسٽي مشي گن ۽ ملائشيا جي ڪوالالمپور يونيورسٽي ۾ 30 سالن تائين درس تدريس وارو ڪم ڪيو.
هو 1990ع ۾ ڪراچي واپس آيو. پهرين ڊسمبر 2003ع ۾ هو گذاري ويو. هن جي سڄي زندگيءَ تي لياريءَ جي اسڪول ۽ اتي جي ٻارڙن جي غربت واري زندگي جو اثر رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ هو طبقاتي طور تي مارڪسي سوچ وارو ٿيو. هن جو ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران شاگردن جي يونين سازيءَ جي سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ٿيو ۽ هن جي انهيءَ ٽڪرا جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي پسند جو مقابلو ڪندڙ شاگردن جو گروپ اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرايو. پونا ۾ ڪاليج جي انتظاميا سان ٽڪراءُ کان پوءِ گوڪلي انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. هي اهو زمانو هو، جڏهن عالمي سطح تي نوجوانن ۾ مارڪسزم جو لاڙو وڌيل هو. انهيءَ زماني ۾ هڪ طرف نوابن، رئيسن ۽ سيٺين جا ٻار برطانيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ويندڙ هئا، جيڪي عالمي سطح تي اڀري آيل مارڪسي سوچ کان متاثر ٿيڻ لڳا هئا. اهڙي ريت شاگردي واري زماني کان وٺي حمزا علوي جي سوچ ۾ پڻ طبقاتي سياست جو اڀار آيو. هن مارڪسي دانشور طور اهم نوعيت وارو تحقيقي ڪم ڪيو. هن آفريڪا ۾ زرعي شعبي تي تحقيق ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي هاري ۽ کيت مزدورن سان گڏجي 1968ع کان 1969ع تائين پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ فيلڊ ريسرچ طور رورل انٿرو پائلاجي وارو ڪم ڪيو. هن معاشيات، تاريخ ،آثار قديمه، انٿروپائلاجي ۽ سيڪيولر ازم تي تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو ۽ ڄاڻايل موضوعن تي انگريزي ۾ تحقيقي آرٽيڪل لکيا. هن جاگيرداري ۽ سماج، تشڪيل پاڪستان، مذهب ۽ سيڪيولرزم، پاڪستان هڪ رياست جو بحران، تخليق پاڪستان ۽ ٻيا ڪتاب لکيا.
هو 1971 کان 1985ع تائين جنرل آف ڪنٽمپريري ايشيا جي ادارتي بورڊ جو باني ميمبر رهيو. ساڳي ريت هو جنرل آف پيزنٽ اسٽڊيز ۽ پاڪستان ٽوڊي سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن جو گهڻو ڪم انگريزي ٻولي ۾ لکيل آهي. جن مان ڪجهه ڪم اردو ۾ ترجمو ٿيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ به حمزه علوي جو ڪم اڃان ترجمو نه ٿيو آهي. هن پنهنجي تحقيق جي نتيجي ۾ ڄاڻايو هو ته مسئلن جي بنياد تي ڳوٺاڻي هاري ۽ پورهيت جو شهري پڙهيل لکيل جو اتحادي ٿيڻو آهي. هن مهانگائي وڌڻ دوران چيو هو ته بازار جي واپارين جي عروج پارٽي هر وقت اوج ۾ رهي ٿي. هن ملڪ جي مارڪسي سوچ وارين پارٽين کي سياسي طور ٻهراڙي جي پورهيت ۽ شهري طبقي وارن سان ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو هو.