اکين وارئو، اکيون وڏي نعمت آهن.
نابين فقيرن جي اها صدا اسان مان ڪير آهي، جنهن نه ٻڌي هوندي. وقت گذريو ته اهي خبرون اچڻ لڳيون ته سريلنڪا مان انهن ماڻهن جي اکين جا تحفا اچن پيا، جيڪي گذاري ويا. انهن سوکڙين جي پيوندڪاري انهن ماڻهن جي اکين ۾ ٿيندي، جيڪي نابين آهن. اهي اڀاڳا جن جي سڄي زندگي هڪ نه ختم ٿيندڙ رات هئي، سريلنڪا کان ايندڙ انهن سوکڙين اسان جي هزارين ماڻهن جي زندگي روشن ڪئي. هڪ اندازي موجب 1967ع کان اهڙا لڳ ڀڳ 35 هزار پاڪستاني آهن، جن جي زندگين ۾ سريلنڪا کان ايندڙ ڏيئن سوجهرو ڪيو.
1976ع کان هيستائين آئون ڪئين ڀيرا سريلنڪا وئي آهيان، انهن ڏينهن ۾ جنهن وقت هيءَ هڪ پرامن ملڪ هو، سير ڪيو. جڏهن اتي گهرو ويڙهه پنهنجي عروج تي هئي، ان وقت به آئون ڪولمبو، ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهميس، اهڙي حالت ۾ مون کي سدائين انهن پاڪستانين جو خيال آيو، جيڪي سريلنڪا جي انهن شهرين جي ڏنل سوکڙي صدقي ڏسي سگهن ٿا ۽ هڪ ڀرپور زندگي گذارين پيا. پر ڪجهه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ مان هڪ گارمينٽ فيڪٽريءَ جي مينيجر جناب پريانٿا ڪمارا تي ڪارخاني جي ملازمن حملو ڪيو، هن کي ڏنڊن ۽ سرن سان ماريو، پو جڏهن هو مري ويو ته سندس لاش تي تيل هاري باهه ڏئي ڇڏيائون ۽ ان تي فتح وارا نعرا لڳائڻ لڳا. نعرا هڻندڙن جو چوڻ هو ته مينيجر دين جي گستاخي ڪئي هئي. پرانٿا ڪمارا جو سڙيل لاش سريلنڪا جي سفير حوالي ڪري ڇڏيو. اڄوڪين اخبارن ۾ سندس بيوه جون تصويرون ڇپيون آهن، جنهن ۾ هو سندس ڊگري ۽ تصوير کڻي بيٺي آهي ۽ پاڪستان جي رياست کان انصاف جي گهرجائو آهي.
اسين هن کان ۽ سريلنڪا جي ماڻهن کان ڪيتري قدر شرمسار ڇو نه هجون، پر سندس مڙس جي زندگي واپس نه ٿي اچي سگهي. ان نقصان جو ڪنهن به ريت ازالو نٿو ٿي سگهي. هڪ مشهور انگريزي اخبار ۾ حسنات ملڪ صاحب 1990ع ۾ هيستائين توهين رسالت جي نالي تي تشدد ۾ مارجي ويل 62 ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي ڪنهن ثبوت ۽ شاهدين کان سوا ڪاوڙيل ميڙ جي سفاڪي جو نشانو بڻجي ويا. ان باري ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو هو ته اها ماڻهن جي نه پر رياست جي ذميواري آهي ته هو سيڪشن 295 سي آڌار لاڳاپيل ڪيسن جي تحقيق ڪري ۽ انصاف تي ٻڌل ڪيس هلائي ۽ ان جو فيصلو ڪري.
اهڙي ريت مشعال خان جو قتل به اسان جي پيشانيءَ تي هڪ داغ جيان آهي. مبينا طور هن يونيورسٽي انتظاميا جي ڪجهه بدعنوان ماڻهن ڏانهن آڱر کنئي هئي. ان کانپو ان تي توهين رسالت جو الزام هڻي ٿڏن، مڪن ۽ ڏنڊن سان ماري ماري قتل ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه دين جي نالي تي ڪيو ويو. ايوب مسيح جو ڪيس به توهين جي الزام تي هليو، ان کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، پر ان جو ڪيس وري سپريم ڪورٽ ۾ هليو، جتي خبر پئي ته اصل مسئلو 7 مرلا پلاٽ تي هو.
پاڪستان ۾ دين جي نالي تي جيڪي ڪجهه به ٿئي پيو، اهو مذهبي ماڻهن کي به ڏکارو پيو ڪري. اهي ڄاڻن ٿا ته دين جي ان کان وڌيڪ توهين ٻي نٿي ٿي سگهي. ان انڌوناڪ واقعي جي باري ۾ اسان جي اخبار “ايڪسپريس” پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ وڏي تفصيل سان لکيو آهي ته هي واقعو صبح جو 11 لڳي 26 منٽن تي پوليس کي رپورٽ ٿيو، ان وقت فيڪٽريءَ جا ملازم روڊ تي اچي چڪا هئا، جنهن جي ڪري پوليس کي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي. اهو ٻڌايو ويو آهي ته تازو ئي ڪن ملازمن کي ڊسيپلين ٽوڙڻ تي خارج به ڪيو ويو هو. مينيجر ملازمن کي ڊسيپلين موجب ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. انهن حڪمن جي ڪري ورڪر ڪاوڙ ۾ هئا.
پوليس جانچ دوران سامهون ايندڙ وڌيڪ تفصيلن موجب واقعي وقت فيڪٽريءَ ۾ رنڱ روغن جو ڪم هلندڙ هو. سريلنڪن فيڪٽري مينيجر ديوار تي لڳل ڪجهه پوسٽر لاٿا ته ان دوران فيڪٽري مينيجر ۽ ملازمن ۾ ڏند چڪ ٿي، فيڪٽري مينيجر کي ٻوليءَ جي خبر نه هئي، ان ڪري کيس ڏکيائي پيش پئي آئي، جڏهن ته فيڪٽري مالڪن ملازمن سان گڏجي تڪرار حل ڪريو ۽ فيڪٽري مينيجر غلط فهميءَ جو اظهار ڪري معذرت به ڪئي. پر ڪجهه ملازمن ڪجهه دير کانپو ٻين ماڻهن کي اشتعال ڏياريو، جن تي ڪن ملازمن مينيجر کي مارڻ شروع ڪيو.
فيڪٽريءَ ۾ ٿيندڙ هن واقعي سان خبر نه پئي ته فيڪٽري اندر انتظاميا وٽ ان قسم جي هنگامي ۽ تشدد واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لا مناسب انگ ۾ تربيتي يافته سيڪيورٽي فورس موجود ناهي. جڏهن صورتحال ايتري قدر سنگين هئي، جڏهن فيڪٽري ملازم مينيجر کي مارڻ لا گڏ ٿي رهيا هئا، ان وقت ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته مقتول مينيجر جي حياتي بچي پئي سگهي. پوليس فورس به معاملي جي سنگينيءَ کي سمجهي ها ۽ رستو بند ڪندڙ ميڙ تي لٺباري ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس اڇلائي ٽڙ پکڙ ڪري ها ته وقت سر انهن ملزمن تائين پهچي وڃي ها، جيڪي مينيجر تي تشدد ڪري رهيا هئا. لڳي ٿو ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن ان معاملي کي وڌيڪ سنجيده نه ورتو ۽ نه ئي ان ۾ مشتعل ۽ ڪاوڙيل ميڙ کي سنڀالڻ جي صلاحيت موجود هئي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ سانحن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پوليس فورس جو ڪردار سدائين ڪمزور رهيو آهي. بهرحال سريلنڪن مينيجر جي موت وقت لاقانونيت ۽ ڏڦيڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فيڪٽري انتظاميا وٽ ڪوبه انتظام موجود نه هو ۽ نه ئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪار ان ذهانت ۽ صلاحيت جا مالڪ هئا جو ريسڪيو ڪن ها. مختلف محرڪن ۾ توهين مذهب سان گڏ انتظامي پاسن جو جائزو به ورتو پيو وڃي. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل آف پنجاب پوليس رائو سردار علي خان چيو ته پنجاب پوليس 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ وقت ۾ 200 ڇاپا هنيا آهن. 13 مک ملزمن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 160 سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان حاصل ڪيل 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ فوٽيج ۽ موقعي تي موجود ماڻهن جي موبائيل ڊيٽا جو تجزيو ڪيو آهي. پوليس جي پهچڻ تائين سريلنڪن شهري مري چڪو هو.
سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري ملازمن جي بي رحم تشدد سان سريلنڪن مينيجر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پراڊڪشن مينيجر جي ويڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جان تريءَ تي رکي غير ملڪي کي بچائي رهيو آهي. هڪ نجي ٽي وي وٽان ملندڙ فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن فيڪٽري ملازمن پرڏيهي ملازم تي حملو ڪيو ته پراڊڪشن مينيجر هن کي پاڻ سان وٺي ڇت تي هليو ويو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين. جڏهن ته 20 کان 25 ماڻهو دروازو ٽوڙي حملي آور ٿيا. پراڊڪشن مينيجر کين درخواست ڪندو رهيو ته پرڏيهي ڪجهه ڪيو آهي ته پوليس حوالي ٿا ڪريون، پر ميڙ پراڊڪشن مينيجر کي به ڌڪ هنيا. هڪ ٻي ويڊيو ۾ فيڪٽريءَ جو هڪ ملازم پريانٿا ڪمارا جي مٿان ليٽي ويو ۽ تشدد سهندو رهيو پر فيڪٽري ملازمن ان کي کڻي مٿان هٽائي ڇڏيو. ويڊيو ۾ ڪجهه ماڻهن کي نعرا هڻندي اهو چوندي به ٻڌي سگهجي ٿو ته هيءَ اڄ نه بچندو.
هڪ انساني جان ان ڏينهن بچي نه سگهي، پر ان سان گڏ ئي اسين عالمي برادريءَ ۾ جهڙي ريت خوار ٿياسين ته ان جو شايد اڃا اندازو به نٿو لڳائي سگهجي پر ڪن اهم معاهدن سبب اسان جي ملڪ کي جهڙي ريت ڌار رکيو ويندو، ته اسين واويلا ڪندا رهنداسين ۽ ان ڳالهه تي اصرار ڪندا رهنداسين ته اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، اسين پنهنجن معاملن جي باري ۾ گهڻا حساس آهيون پر پنهنجي عالمي ذميواري ائين محسوس نه ٿا ڪريون، اهو خيال نه ٿا ڪريون ته ڇا اسان جي ديني تعليم اسان کي انسانن کي ائين قتل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي. جناب پريانٿا ڪمارا جو تابوت اسان ڪولمبو روانو ڪري ڇڏيو آهي پر اسين پريانٿا جي بيوه ۽ سندس خاندان جي ٻين ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين، اسان مان ڪنهن وٽ به ان جو جواب ڪونهي.
اڄ گوڙ ۽ واويلا کانپو هيءَ اذيتناڪ سانحو جيڪڏهن وساري ڇڏجي ته يقين رکو جيڪڏهن ان نموني ماڻهو قتل ٿيندا رهيا ۽ اسان جهڙا ماڻهو ڊڄي انهن سانحن کي ڏسندا رهياسين، صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ ٻيا ماڻهو اهو ئي چوندا رهندا ته اسان جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن، پر اهي جملا ٻڌي انصاف جا گهرجائو ڪنهن بيوه جي دل کي سڪون ڪونه ايندو ۽ اسان جا ڪنڌ جهڪيل ئي رهندا.