نوجوان ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار هاليپوٽي مختلف وقتن تي ڪجهه اخبارن ۽ فيس بوڪ تي لکيل آرٽيڪلن کي ترتيب ڏئي، “سنڌ جي صورتخطي” جي نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي ويجهڙائيءَ ۾ مهورتي تقريب پڻ ٿي. 928 صفحن تي ضخيم ڊبل ڪرائون سائز وارو ڪتاب نامياري پبلشر ڪويتا پبليڪيشن ڇپيو آهي. ذوالفقار هاليپوٽي هي ڪتاب پنهنجي شريڪ حيات منيزا کي ارپيو آهي. هن پنهنجي شريڪ حيات سان گڏ وارو فل سائيز وارو رنگين فوٽو ڪتاب جي شروعات ۾ ٻئي نمبر صفحي تي ڏنو آهي. هن وقت جڏهن هن ڪتاب بابت ڳالهايو وڃي پيو، ان وقت عالمي سطح تي سالياني عورتن جي حقن لاءِ 16 ڏينهن واري جدوجهد پڻ هلندڙ هئي. عورتن جي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ بهتر لڳو.
ڪتاب جو تت ڪڍندي، ڪتاب تي ٻه اکر لکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر ٻڌايو آهي ته ڪتاب 11 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. سنڌ ۽ سماجي تبديلي، سنڌي ٻولي ۽ نصاب، ادب ۽ صحافت سميت اٽڪل 200 مضمون ان ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهن. اهي سمورا مضمون سنڌ ۽ ان جي سماجي تبديليءَ کي سمجهڻ ۾ نوجوان نسل لاءِ سدائين مددگار بنجندا. ڪتاب ۾ “ٻولي نصاب ۽ تعليم” جي موضوع تي 305 صفحي تي آرٽيڪل ڇپيل آهي. هن آرٽيڪل ۾ جديد سامراجيت ۽ مارڪيٽ ايڪاناميءَ ۾ ٻولي ۽ نصاب جو بحث ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اڳوڻي گورنر سنڌ عشرت العباد جي ان بيان ته يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ اردو پڙهندڙ شاگردن کي آسان سنڌي نه پڙهائڻ واري بيان تي بحث ڇيهه ڪري ٿو. انهيءَ آرٽيڪل ۾ عالمي سطح جي ٻولي ماهر نصاب تي ڪم ڪندڙ عالم ڪرسٽينا شفينر ۽ انيتا ويندن جو حوالو ڏنو ويو آهي. جن ٻولي ۽ امن جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. انهن عالمن جي ڪتاب جو قول ڏنل آهي، ته تاريخي طور ٻوليءَ کي سياسي استحصال، اقتصادي ۽ سماجي تفريق لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. چئن صفحن جي انهيءَ مضمون ۾ محمد ابراهيم جويي جو شروع ڪيل ان بحث تي ته پرائمريءَ ۾ انگريزي پڙهائي ٻار جي ذهن تي بار وڌو وڃي پيو، پر نصاب جي حوالي سان لکيل ان آرٽيڪل ۾ اهڙي به ڪا ڳالهه نه ڪيل آهي، ته سرڪاري اسڪولن ۾ نصابي طور پرائمريءَ کان انگريزي پڙهائجي يا نه. ڪتاب ۾ 2006ع ۾ سنڌ جي اقتصادي تباهيءَ تي ورلڊ بينڪ جي رپورٽ تي اهم ڪالم آهي، اهو ڪالم هر وقت رفرنس طور ڏٺو ويندو. انهيءَ آرٽيڪل ۾ 2012 تائين سنڌ ۾ وڏي تباهيءَ جي اڳڪٿي ڪيل آهي، انهيءَ آرٽيڪل جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي سماجي تبديلي، اريگيشن، فوڊ، ايگريڪلچر، تعليم، هيلٿ کي ڊسمبر 2021ع ۾ هن وقت وڌيڪ سولائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ساڳي ريت هڪ ٻيو آرٽيڪل “کاڌ خوراڪ تائين رسائي جو حق” ۾ خوراڪ تائين رسائي بابت هلندڙ عالمي بحث، عالمي منظرنامو، پاڪستان جو منظر نامو ۽ سنڌ جو منظر نامو تفصيل سان ڏنل آهي. جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته 1947ع کان 1960ع تائين سنڌ خوراڪ جي حوالي سان ملڪ کي فيڊ ڪندي هئي. ان آرٽيڪل ۾ سنڌ حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ پاران ورلڊ بينڪ، لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، ايس ٽي پي آءِ، ڊبليو ايف پي ۽ ٻين ادارن جي سنڌ جي ڪجهه ضلعن بابت ڪيل گهڻ پاسائين اسٽڊي رپورٽ ڪئي وئي آهي. انهيءَ ساڳي آرٽيڪل ۾ 2011ع جي نيشنل نيوٽريشن سروي جا انگ اکر به رپورٽ ڪيل آهن. جيڪا ملڪ جي 30 هزار ماڻهن جي سمپل سروي رپورٽ جي روشنيءَ تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ گلگت ۽ ڪشمير سميت ٻڌايل ويو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ غريب، غذايت ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي. ان ساڳئي مضمون ۾ جديد گهرجن واري زراعت، آبپاشي، مارڪيٽنگ جا مسئلا ۽ 40 سيڪڙو اناج ۽ ميون کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ واري تجويز ڏنل آهي. زراعت بابت صحافين ۽ مختلف فورمز تي مرحوم زرعي ماهر نذير ميمڻ احمد ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي. هن ڪتاب تي تبصرو ڪندڙ پڻ انهيءَ ماهر کان چيٽ ۽ ڪتيءَ جي فصلن جن ۾ ڪڻڪ، وونئڻ، ڪيلا، ڪمند، تيلي ٻج ۽ دالين جي فصلن کي گهڻا گهڻا انچ پاڻي گهربل هوندو آهي. جهڙي اهم ڄاڻ پڻ مختلف وقتن تي وٺندو رهيو آهي. ڪتاب جي ليکڪ جا پڻ زرعي ماهر نذير ميمڻ سان گڏيل مضمون اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. پر هن ڪتاب ۾ زرعي ماهر نذير ميمڻ جو ڪٿي به نه ذڪر ڪيل ۽ نه وري ڪتاب جي مهاڳ ۾ ان بابت ڪو ٻڌايو ويو آهي.
هڪ آرٽيڪل سان اختلاف: ڇا هاڻي مسئلو رڳو گوڙاڻي رٿا جو آهي؟ جي نالي وارو آرٽيڪل ڪتاب جي 213 صفحي تي ڇپيل آهي. هن آرٽيڪل ۾ ڇپيل مواد تي پڙهندڙن کي سخت اعتراض ٿي سگهي ٿو. اهو اعتراض ٻن قسمن وارو آهي. هڪ ته ٿر جي صحافين ۽ شاعرن خلاف سخت ۽ نفرت انگيز ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، ته گوڙاڻي رٿا تي ٽيڪنيڪل لفظن لکڻ بدران ڌر بڻيل آهن ۽ رٿا تي ٽيڪنيڪلي ڳالهائڻ بدران اجايو شاعريءَ ۾ ڳالهايو وڃي پيو. هن ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي هنڌ بدين جي گئس فيلڊ وارن خلاف ان وقت بدين جي ڪميونٽيءَ جي هلندڙ جدوجهد جي حمايت ڪندي، ان تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ سياسي جدوجهد سان ڳنڍڻ جي تجويز ڏنل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ ادريس راجپوت جي حوالي سان ڳالهه ڪيل آهي ته ٽيڪنيڪل ڳالهين جي بنياد تي پاڻي ۽ سنڌ جي ناڻي وارو ڪيس نٿو کٽي سگهجي. ان لاءِ سياسي جدوجهد جي ضرورت آهي. اهڙي ريت “سنڌ سان ٿيندڙ لفظن جو فلرٽ” جي عنوان واري آرٽيڪل ۾آبجيڪٽو واري اصطلاح کي رينگٽ سڏيندي ان کي رد ڪندي 142 صفحي تي لکي ٿو ته اڻ ڌريو ٿي لکڻ بدران ڌريو ٿي لکڻ جي صلاح ڏنل آهي. هو لکي ٿو ته “اسين ڪيترا به غير جانبردار هجون، پر ڇا اسين پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ماڻهن جي زندگي ۽ موت جي لاڳاپيل يا ٻين اهڙن معاملن تي غير جانبدار ٿي سگهون ٿا؟ اهڙي ريت سماجي تبديليءَ ۾ دانشور ۽ اديب جي ڪردار جي عنوان واري آرٽيڪل ۾ رابرٽ فسڪ، اروندتي راءِ ۽ نوم چومسڪي جو حوالو ڏئي چيل آهي ته ليکڪن ۽ ڪالم نگارن کي پنهنجي سماج ۾ اسٽيٽسڪو، جي قوتن کي هر وقت چيلينج ڪرڻ گهرجي ته پوءِ سنڌي صورتخطي جي ليکڪ کي آخر گوڙاڻي جي معاملي تي ٿر جي صحافين ۽ شاعرن بابت اهو تضاد ڇو؟ ان کانسواءِ گوڙاڻي واري آرٽيڪل ۾ غلط ۽ گمراه ڪندڙ معلومات ڏئي پڙهندڙن کي منجهايو ويو آهي. پنج هزار پي پي ايم جي کاراڻ واري پاڻيءَ کي نيشنل انوائر مينٽل ڪوائلٽي اسٽينڊز جي اجازت ڏنل معيار کان به گهڻو گهٽ سڏيو آهي. سوال اهو آهي ته اهو اسٽينڊرڊ ڪيئن ۽ ڪهڙي بنياد تي طئي ٿيو. ان کان به گمراه ڪن ڳالهه هيءَ لکيل آهي ته اهو پاڻي جر جو پاڻي خراب نه ڪندو، ڇو ته ساک رکندڙ ڪمپنين جي رپورٽن جي بنياد تي ظاهر ڪيو ويو آهي ته اتي جي زمين جي هيٺان چن جي پٿر جا تهه موجود آهن. (چمڙي جي صنعت جي رڱاوتي ڪم جي نتيجي ۾ قصور ۾ جر جي پاڻيءَ جي خرابيءَ جو عالمي سطح تي نوٽيس وٺڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ چمڙي جي رڱاوتي صنعتون بند ٿي چڪيون آهن) گوڙاڻي واري تلاءَ ٺهڻ جي نتيجي ۾ حجامن جو ڳوٺ، گوڙاڻو ڪاٽڻ ٻين ڳوٺن جا کارا ٿي ويل کوهه ٻڌائين ٿا ته هٿ ڪنڱڻ کي آرسيءَ جي ضرورت ناهي. انهيءَ آرٽيڪل ۾1500 ايڪڙن واري گوڙاڻي جي تلاءَ ۾ 532 ايڪڙ نجي زميندارن جي زمين ۽ 968 ايڪڙ سرڪاري زمين ڄاڻايل آهي.”ان سرڪاري زمين بابت ڇو گوڙ ڪيو پيو وڃي” ڄاڻايل آهي. صدين کان ان زمين تي رهندڙن جو تاريخ ۾ ته ذڪر آهي، پر سندن مڪان ۽ مهاڳي جي زمين جي مالڪي جو ستين فارم ۾ اندراج ٿيڻ وارو سوال ڪندڙ، ڪارپوريٽ ڪمپنيءَ جي سهولتڪاري وارو نه آهي؟ اهو به سمجهڻ ضروري آهي ته سنڌ جي روينيو کاتي ۾ تپيدار ڪيڏي وڏي طاقت رکندڙ آهي.
گوڙاڻي خلاف جدوجهد: ڪارل مارڪس کان وٺي ٻين سماجي ڏاهن جو چوڻ آهي ته ويڙهه سواءِ ٻئي ڪا واه نه آهي. هن رٿا خلاف سماجي طور ٿر جي پوئتي پيل ماڻهن جمهوري انداز ۾635 ڏينهن احتجاجي طور بک هڙتال ڪئي. جنهن ۾ هڪ مهينو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان، 2 ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ۽ باقي ٻيا سمورا ڏينهن اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان عورتن، مردن ۽ ٻارڙن بک هڙتال ڪئي. رٿا خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل هلندڙ آهي. ٻيهر ڪيس جي شنوائي ست ڊسمبر تي ٿي آهي ۽ عدالت پاران ٻيهر جنوريءَ جي شنوائي ڏنل آهي. انهيءَ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ سياسي طور تي عوامي تحريڪ پاران جناب رسول بخش پليجي جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين 31 ڏينهن جو پيرين پنڌ احتجاجي مارچ ڪيو. جنهن جي بنياد تي هڪ سال جا گوڙاڻي جي علائقي جي پنج سئو ست خاندانن کي پنج ڪروڙ ست لک جي ادائگي ٿي چڪي آهي.
جدوجهد نه ٿيڻ جو نتيجو: ٿرڪول جي ٻئي ٺهندڙ منصوبي جي بلاڪ ون جي کاڻ مان کارو پاڻي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي نيڪال ڪيو ويو آهي. اهڙي کاري پاڻي بابت ڪميونٽي پاران منظم احتجاج وغيره نه ٿيڻ جي صورت ۾ ورواهي واري علائقي جي ڏهرن ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اهو پاڻي هلندڙ آهي. جنهن سبب سوين ايڪڙن وارو علائقو کاري پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي.