سنڌي ٻوليءَ جي جڳ مشهور اديب موهن ڪلپنا پنهنجي آتم ڪٿا جو عنوان “بک، عشق ۽ ادب” رکيو هو. جيڪڏهن هو هن دور ۾ هجي ها ۽ هند بدران سنڌ ۾ رهندو هجي ها ته پنهنجي آتم ڪٿا جو عنوان “ادب، سياست ۽ عوام” رکي ها. ڇو ته سنڌ ۾ ادب پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو آهي ۽ اهو تيزيءَ سان سياست جي ور چڙهي رهيو آهي. جڏهن مان اهي لفظ لکان ته “ادب سياست جي ور چڙهي رهيو آهي” تڏهن منهنجي ان مان مراد اها سياست ناهي، جيڪا انقلابي هوندي آهي ۽ جنهن سياست سان عوام جا صديون اڳ غصب ٿيل حق انهن کي واپس ملندا آهن. جڏهن مان ادب تي سياست حاوي ٿيڻ جي ڳالهه ڪريان ته مان افسوس سان ان سياست جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪا بازاري آهي، جيڪا ويڪائو آهي، جيڪا بي اصول ۽ ڪرپٽ آهي. ان سياست جو جنهن به شيءَ جي مٿان پاڇو پوي ٿو، اها شيءَ پنهنجي حقيقي حيثيت وڃائي ويهي ٿي.
اها سياست جيڪا تمام سستي آهي ۽ جنهن جي منزل عوامي سک نه پر عوام جو ڏک آهي. ان سياست عوام سان دوکا ڪيا آهن. ان ڪري هاڻي عوام ان سياست جو لفظ به ٻڌي ٿو ته هن جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار نمايان ٿي وڃن ٿا. عوام کي اهو حق آهي ته هو ان سياست سان ڀلي پنهنجي چڙ ۽ ناخوشيءَ جو اظهار ڪري، جنهن ان سان دغا ڪئي آهي. جنهن نه رڳو جمهوريت پر هر اصول ۽ هر قائدي سان فراڊ ڪيو آهي. ان سياست ڪنهن به شيءَ کي نه ڇڏيو آهي. هر اها شيءَ جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عوام جي معتبر ۽ عزت جي لائق هئي، ان سياست جو جڏهن ان مٿان منحوس پاڇو پيو آهي ته ان سان ان شيءَ جي حقيقي حيثيت تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي.
ان حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ هونءَ ته تمام گهڻا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا پر هن وقت ۽ هن جاءِ تي اسان صرف ادب جو ذڪر ڪنداسين. ڇو ته ادب انسانن جي دلين کي ويجهو رهيو آهي ۽ انسان منڍ کان وٺي ادب سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. هونءَ به ادب ته محبت جو اظهار ئي آهي. ادب جون تاريخي طور تي جيڪي به صورتون رهيون آهن، عوام انهن سان ڪنهن نه ڪنن طور تي منسلڪ به رهيو آهي ۽ هن مهل به ادب جنهن به شڪل ۾ عوام جي سامهون اچي ٿو، اهو عوام جي من کي موهي ٿو. اسان ادب کان سواءِ دنيا ۾ جنهن بوريت جو شڪار ٿينداسين، ان جو تذڪرو به تمام گهڻو مشڪل آهي. پر ان ادب مان آهستي آهستي تخليقيت ختم ٿي رهي آهي. ان ادب ۾ درٻاري پڻو وڌي رهيو آهي. ان ادب ۾ اهو عنصر پنهنجو مقدار وڌائي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ادب مان اثر ختم پيو ٿئي ۽ انسان جنهن سطح تي ڪري پيو آهي، هن کي ان مان مٿي کڻڻ جي لاءِ ادب کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ کپي اهو بنهه به نه ٿو ڪري. ان جو سبب اهو آهي ته ادب ۾ اها وٿ باقي نه بچي آهي، جنهن جو عوام جي دلين تي اثر ٿيندو هو. هاڻي ادب کوکلو بڻجي رهيو آهي. سياست ان جو سمورو رت ست چوسي ڇڏيو آهي.
ادب کي دنيا ۾ جنهن انداز سان ڏٺو ويو آهي، ان ۾ سڀ کان اثرانگيز شيءَ هن جي سادگي ۽ سچائي هئي. اسان اڄ به جڏهن روس جو ادب پڙهون ٿا ته اسان جي اکين جي آڏو اهو معاشرو اڀري اچي ٿو، جنهن معاشري انسانن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو ۽ جنهن معاشري انسانن کي ايترو گهڻو ستايو جو انسان نيٺ ان معاشري جي خلاف بغاوت تي لهي آيا ۽ ان جي ڪري دنيا ۾ انقلاب برپا ٿيا ۽ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي انداز کي تبديل ڪري ويا. هاڻي به جيڪڏهن اسان ڏسون ٿا ته اسان کي ادب جي صورت ۾ هڪ تاريخ ملي ٿي.
شاعري ادب جو تمام اهم حصو آهي. شاعريءَ ۾ هاڻي جيڪا مصنوعيت اچي وئي آهي، ان شاعريءَ جو جادو ختم ڪري ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ماضيءَ جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان جو من مست ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن اسان جي حال جي شاعري ٻڌون ٿا ته اسان کي تمام گهڻي مايوسي ٿئي ٿي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن دور ۾ سياست جن هٿن ۾ آهي، انهن هٿن کي چالاڪ ۽ لالچي دماغ هلائين ٿا ۽ اهي هٿ محروم اديبن کي آسانيءَ سان پنهنجي طرف آڻي انهن سان اها ويڌن ڪن ٿا، جيڪا وڪري جي مال سان ڪبي آهي. هن دور ۾ ادب کي فروغ ڏيندڙ ڪا به سرگرمي ناهي. پر هن دور ۾ سياست کي سهارو ڏيندڙ ادب جي بازار کلي پئي آهي. چڱا ڀلا ماڻهو اسان جي ادب جي عظيم نالن کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ اهو ڪجهه ڪن ٿا، جن سان معاشري ۾ هڪ طرح جو مايوسيءَ ڀريو پيغام وڃي ٿو. اسان کي ان جو حل به تلاش ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن؟
دنيا ۾ اڄ به ادب جي اهميت جو اقرار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو چيو وڃي ٿو ته ادب جي حيثيت کي ڪنهن به طرح سان گهٽ سمجهي نه ٿو سگهجي پوءِ آخر اسان جي معاشري جو اهو حال ڇو ٿي ويو آهي؟ اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جنهن معاشري ۾ ادب سان ويساهه گهاتي ٿيندي آهي، ان معاشري جو حال اهڙو ٿيندو آهي. اسان جو معاشرو تمام گهڻي تيزيءَ سان پنهنجا بهتر پهلو ۽ تعرف جوڳا معيار وڃائي رهيو آهي. اسان جو معاشرو زوال جي تري ۾ ڪري پيو آهي. اسان جو معاشرو تمام گهڻو کوکلو بڻجي ويو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهو ادب جيڪو اسان ۾ بهتر اصولن جي آبياري ڪندو هو ۽ جيڪو اسان کي سٺن مقصدن سان ڳنڍيندو هو ۽ اسان کي بهتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، اهو ادب معاشري جي ڪجهه چالاڪ ماڻهن جي عملن سبب تمام گهڻي حد تائين پنهنجو پراڻو جادو وڃائي هڪ ڇسي شيءَ بڻجي ويو آهي.
اسان کي تمام گڻو فڪر به آهي ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جا قدر جيڪڏهن اهڙي طرح سان تباهه ۽ برباد ٿي ويندا ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان کي ادب جي اڄ به ضرورت آهي. ڇو ته عوام جي دلين تي اصل راڄ ادب ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو ادب کان محروم ٿي ويندا آهن ته انهن جي اميدن ۽ آسن جو سج لهي ويندو آهي هو تمام هيٺ ڪري پوندا آهن. انهن کي معاشري ۾ اهو هنڌ نه ملندو آهي، جتي ويهي هو پنهنجي موڳي من کي ڪجهه توانائي ڏين. اسان معاشري کي هيٺ ڪرڻ کان بچائڻ ۽ ان کي وري آدرشن سان سجائڻ لاءِ سياست کي نه پر ادب کي بهتر ذريعو سمجهون ٿا. اسان پنهنجي ادب کي جڏهن سياست جي هٿان يرغمال ٿيل ڏسون ٿا ته اسان کي تمام گهڻو افسوس به ٿئي ٿو ۽ اسان جي حصي ۾ ناقابل بيان مايوسي به اچي ٿي ۽ اسان ان مان نڪرڻ جي لاءِ جيڪي واٽون تلاش ڪريون ٿا، اهي تمام گهڻيون منجهيل ۽ منزل طرف نه ويندڙ آهن. اسان کي اهڙي پريشان حاليءَ ۾ وري ادب جي طرف واپس ورڻو پوي ٿو ۽ اسان ان هنڌ تي پهچون ٿا، جنهن هنڌ تي اسان پنهنجو رستو وڃايو هو.
ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ جيڪو تعلق ماضيءَ ۾ رهيو اهو عوام دوست هو ۽ ادب جو سياست سان هن وقت جيڪو تعلق بچيو آهي، اهو عوام دشمن آهي. اسان کي ان عوام دشمنيءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي ڪوشش ڪري اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان اسان جا ماضيءَ وارا آدرش وري ٻيهر توانائي حاصل ڪن ۽ اهي ان منزل کي پهچن، جنهن منزل جي جستجو ادب جو اصل روح هوندي آهي. ادب کي بازاريت ۾ ٻاهر ڪيئن آڻجي ۽ ادب کي پنهنجي وڃايل حيثيت سان ڪيئن بحال ڪجي؟ ان باري ۾ اسان کي فڪري بحث ڪرڻ گهرجن پر انهن ۾ سچائي هجي. ڇو ته جڏهن به بحث سچائيءَ کان هٽي ويندا آهن ته انهن جي حيثيت تمام گهڻي هيٺ ڪري پوندي آهي ۽ اهي عوام جي لاءِ مايوسيءَ جو سبب بڻجي ويندا آهن.