هي سماج ڪيترو وحشي ٿي چڪو آهي، ان جو اندازو ٻارڙين سان ٿيندڙ ڏاڍاين مان لڳائي سگهجي ٿو. هتي عورت ته محفوظ ناهي پر ٻارڙيون به محفوظ نه آهن، جيڪي گهٽيءَ ۾ نڪرن ٿيون يا ٻهراڙيءَ ۾ ٻنيءَ ۾ وڃن ٿيون يا وري ڪنهن دڪان تي وڃن ٿيون، تڏهن به اهي غيرمحفوظ ئي آهن. سوين اکيون انهن جو پيڇو ڪنديون آهن ۽ سوين هٿن انهن جي پوتي لاهڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ذهني طور بيمار سماج ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ عام ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نه ته ماڻهن جي ذهني تربيت ٿيل آهي ۽ نه ئي کين ڪي اخلاقي قدر آهن. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ ٻارڙين سان ريپ جا واقعا ٿيڻ، انهن کي تيزاب هاري مارڻ جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. اهي واقعا ان ڪري به ٿين ٿا جو قانون سازي هوندي به ان تي عملداري ڪٿي نظر نٿي اچي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي ڪري ٿو ته ان جو ڪيس ئي اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو جو اهو ڪيس مان آجو ٿيو وڃي، جنهن ڪري ٻين ماڻهن کي به يقين ٿي ويندو آهي ته اهي اهڙو ڪم ڪندا ته قانون به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ڪالهه جيڪو واقعو عمرڪوٽ ۾ پيش آيو آهي، اهو نه رڳو دل ڏاريندڙ آهي پر بنهه گهڻو وحشتناڪ به آهي، جنهن ۾هڪ ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي ڪري سخت زخمي ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد آندو ويو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ آڏتيو فارم ۾ دڪان تي شئي وٺڻ لاءِ ويل 8 سالن جي معصوم ٻارڙي سان نامعلوم ماڻهو مبينا زيادتي ڪري کيس بيھوشي واري حالت ۾ واٽر ۾ ڦٽو ڪري ويا، مائٽن پاران ڳولا ڪرڻ بعد ٻارڙي واٽر مان بيھوشي واري حالت ۾ پيل ملي، نينگري کي مائٽن واٽر مان ڪڍي فورن سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي تصديق ڪئي. ٻارڙيءَ جي ڏاڏي ٻڌايو ته پوٽي شيءِ وٺڻ دڪان تي وئي هئي، ڪجهه دير گم هئي، ڳولا ڪرڻ کانپوءِ واٽر مان ملي، اسان سمجهيو ته ھن کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪيو آهي، پر اسپتال ۾ اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙيءَ سان نامعلوم ماڻهن ڏاڍائي ڪئي آهي، اسان سان ظلم ٿيو آھي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي ٿي آھي، اطلاع تي عمرڪوٽ پوليس به سول اسپتال پھچي وئي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي. آخري اطلاعن تائين نينگريءَ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس حيدرآباد ريفرر ڪيو ويو. ٻئي طرف ڀيل باشعور فورم جي مرڪزي اڳواڻن وڪيل لالا ڀيل، رانجهن ڀيل ۽ چنيسر ڀيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوسناڪ واقعي کي 24 ڪلاڪ گُذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري معصوم نياڻيءَ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن قسم جي واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻه ٻارڙيون محفوظ نه آهن ۽ نه ئي انهن کي هيءَ سماج ڪو تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته ڪو اهڙُو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن اهڙا واقعا نه ٿيندا هجن. اهڙن واقعن سبب نه رڳو خوف ۽ هراس جنم وٺي ٿو بلڪه هڪ عام تاثر اهو به اڀري ٿو ته پاڪستان عورتن لاءِ ڪنهن به ريت محفوظ ملڪ ناهي. ڇاڪاڻ ته هنن واقعن سبب ملڪي ساک به خراب ٿي رهي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ دردناڪ واقعو آهي ۽ ان جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. بلڪه هيءَ هڪ شرمناڪ عمل آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جن ماڻهن به ٻارڙيءَ سان جنسي ڏاڍئي ڪري کيس درندن وانگر ماريو آهي، انهن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي، انهن کي ترت قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين اها ئي سزا ڏني وڃي، جيڪا اسيمبليءَ مان منظور ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ هن ڪيس کي خراب ڪرڻ يا وري جوابدارن لاءِ ڪا همدردي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هن واقعي ۾ جهڙي ريت ٻارڙيءَ کي چچريو ويو آهي ۽ مٿس بيدرديءَ سان جيڪو تشدد ڪيو آهي، اهو انتهائي ڀوائتو آهي. ان ڪري هن ڪيس ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.