ان ڳالهه جو ذڪر مون اڳ به ڪيو آهي ته سروائيول آف دي فٽيسٽ وارو نظريو رڳو جانورن يا ٻين جيون تي لاڳو نٿو ٿئي پر اهو نظريو قومن ۽ سماجن تي به لاڳو ٿئي ٿو. جيڪو سماج وقت سان گڏ پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۽ نواڻ کي قبولڻ لاءِ تيار رهندو، اهو اوترو ئي بهتر ۽ ترقي يافته ٿيندو رهندو. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ نظرياتي سرحدن جي حفاظت وارو بيانيو بحث هيٺ آڻي جهڙي ريت ملڪ کي عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪيو ويو آهي، ان کان پوءِ هيءَ ملڪ نه ته ان اڪيلائيءَ مان نڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي ان جدت کي قبولڻ لاءِ تيار آهي، جنهن کي دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڀليڪار ڪري رهيا آهن.
سعودي عرب جنهن پاڪستان ۾ وهابيت کي هٿي ڏني، مدرسن لاءِ فنڊ ڏنا ۽ هڪ خاص قسم جي مذهبي پرچار لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪندو رهيو، اهو هاڻ هڪ نئين سفر تي نڪتو آهي. اهو سفر جدت، سائنس ۽ ٽڪينالاجي، سياحتي معيشت ۽ سيڪيولرزم جو آهي. محمد بن سلمان سعودي عرب کي وچ اوڀر جو يورپ بڻائڻ ۾ لڳو پيو آهي. هن کي پنهنجي ملڪ ۾ جيڪي سڌارا ڪرڻا آهن، انهن تي هو تيزيءَ سان عمل ڪري رهيو آهي، عورتن کي ڊرائيونگ جو حق ڏيڻ، پردي جي زوري زبردستي ختم ڪرڻ کان وٺي ڇوڪرين کي اڪيلي سر ڪيڏانهن وڃڻ توڙي جوڙي کي بنا نڪاح جي گڏ رهڻ جهڙا فيصلا ڪري هن سڄي سعودي سماج جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي آهي. اهڙيءَ ريت هاڻ سعودي ۾ بارون هونديون، سنيمائون وري فعال ٿينديون ۽ اتان جي لائبيريرين مان مودودي جهڙن ڪٽر مذهبي اڳواڻن جي ڪتابن تي پابندي لڳائي پئي وڃي، ان کانسواءِ سعودي عرب ۾ هاڻ ڪابه تبليغي جماعت نه هوندي.
انهن سمورن سڌارن کان پوءِ پاڪستان اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. پاڪستان لاءِ مذهبي طور سعودي عرب هڪ آئيڊيل ملڪ رهيو آهي. اهي اهو به چوندا رهيا آهن ته اهي ڪعبي جا محافظ آهن ۽ آهن به سهي، پر جيڪڏهن سڀاڻي ڪعبي جي سيڪيورٽي ڀارتي مسلم فوجين کي ڏني وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ سعودي عرب کي اهو خيال ڇو آيو ته هو پنهنجي سماج ۾ وڏيون سياسي ۽ سماجي تبديليون ڪري، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ڄاڻي ورتو آهي ته مذهبي وکر هاڻ نٿو وڪرو ڪري سگهجي. ان کانسواءِ ڪنهن ملڪ جي معيشت ٻاهرين ماڻهن کي روزگار ڏئي نٿي بچائي سگهجي. سعودي عرب ۾ جڏهن عورتن کي ڊرائيونگ جو حق ڪونه مليل هو ته ان وقت گهڻا ڊرائيور پاڪستاني هوندا هئا. حج ۽ عمري تي ايندڙ ماڻهن مان ملندڙ پئسي کانسواءِ انهن جي ڪمائي جو سڀ کان وڏو ذريعو تيل رهيو آهي پر هاڻ جڏهن دنيا توانائيءَ جي متبادل ذريعن ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ايندڙ ڏهن سالن ۾ پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون ۽ ڪارخانا نالي ماتر رهجي ويندا ته ان تيل جي ڪهڙي اهميت رهندي. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي سعودي عرب پنهنجي معيشت لاءِ متبادل رستا ڳوليا آهن. جنهن ڪري هو سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ وڌ کان وڌ سياحت لاءِ ماحول سازگار ڪري رهيو آهي. جنهن کان پوءِ ان جي معيشت سياحت سان سلهاڙجي ويندي. پر پاڪستان جهڙو ملڪ اڄ به ان ساڳي ذهني ڪيفيت ۾ ورتل آهي، جتي توهين مذهب جو ڪوڙُو الزام هڻي ڪنهن کي به جيئرو ساڙي سگهجي ٿو، ڪنهن به ماڻهو جي سسي فرقيواريت جي نالي ۾ لاهي سگهجي ٿي. پرڏيهي ملڪن کان قرض وٺي وزيرن لاءِ مهانگيون گاڏيون گهرائي سگهجن ٿيون پر پنهنجي ملڪ جي وسيلن جو بهتر استعمال ڪري ان مان ڪمائي نٿي ڪري سگهجي.
هي معاملو رڳو سعودي عرب ۾ ايندڙ اندروني تبديلي جو ڪونهي بلڪه سعودي عرب پنهنجا دوست به تبديل ڪري رهيو آهي. اڄ کان ڪجهه سال اڳ سعودي عرب پاڪستان جي گهڻو ويجهو هو پر هاڻ هو ڀارت کي ڪافي ويجهو ٿي ويو آهي. هو ايندڙ وقت ۾ اسرائيل جو بهترين دوست ملڪ ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته سياست ۾ مذهب جي بنياد تي دوستيون نه هلنديون آهن پر مفادن جي بنياد تي هلنديون آهن. ان ڪري سعودي فلم انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سلمان اچي اتي افتتاح ڪري ٿو، سندس هٿن جا نقش ترت سعودي عرب ۾ نظر ايندا. اهو ان ڪري به ٿي رهيو آهي جو سعودي حڪومت انهن سمورين روايتن کي پوئتي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جيڪي ڪنهن به انساني سماج جي ترقيءَ ۾ وڏيون رنڊڪون وجهنديون آهن. هن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ڪانهي ته سندس رياست کي ڪير مديني جي رياست چوي پر هن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته سڀاڻي سندس رياست پنهنجن ماڻهن کي ڪيترو سکيو رکي سگهي ٿي ۽ اها دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪهڙي ريت هلي سگهي ٿي. ائين ناهي ته سعودي عرب ئي وچ اوڀر جو اهڙو ملڪ هوندو، جيڪو تبديل ٿيندو پر ان جي ڀرپاسي جا ملڪ ۾ به ان اثر هيٺ ايندا. ان سڄي ڪترپڻي مان جان ڇڏائيندا، جنهن جي ڪري سندس سماج گُهٽ ٻُوسٽ وارو رهيو آهي.
ايندڙ وقت ۾ سعودي عرب وچ اوڀر جو جديد ترين ملڪ بڻجي ويندو، اهو به چيو پيو وڃي ته محمد سلمان جو خواب رڳو سعودي عرب کي جديد رياست بڻائڻ جو ناهي پر سندس ذهن ۾ هڪ پورو خاڪو موجود آهي ته ڪهڙن ڪهڙن سالن ۾ ان خطي جا ڪهڙا ملڪ ان نواڻ ۾ رڱجي ويندا. جڏهن ڪابه رياست اهو فيصلو ڪري ان کي تبديل ٿيڻو آهي ته ان لاءِ ڪو مسئلو ئي نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته مذهب جي نالي ۾ ڪوبه ملڪ گهڻي وقت تائين ان نيرِٽيو کي قائم نٿو رکي سگهي ته دين کي خطرو آهي. مذهب جو ڪنهن سماج ۾ هجڻ يا ان جي عملي شڪل هجڻ خراب ڳالهه ناهي پر جڏهن رياستي معاملا ئي رڳو مذهبي بنيادن تي هلايا وڃن ته معاملا بهتر هلي ڪونه سگهندا آهن.
ان سڄي راند ۾ سعودي عرب جي ڏوهن کي به بخش نٿو ڪري سگهجي، جنهن پاڪستان کي ڪٽرپڻي جو ڌاتارو پياريو ۽ سڄي سماج کي ايترو ته انتهاپسند ڪري ڇڏيو آهي جو اها اسان کي هر شعبي ۾ نظر اچڻ لڳي آهي. سعودي عرب ان زماني ۾ جنهن رستي تي هلي رهيو هو، ان لاءِ پاڪستان استعمال ٿيو ته ڇا هاڻ هن جيڪو گس ورتو آهي، ان لاءِ پاڪستان جهڙي ملڪ کي راضي ڪندو ته اهو به اهو ساڳيو دڳ وٺي. سعودي عرب ان ڳالهه کي سمجهي ويو آهي ته قومن جي بقا لاءِ تبديلي اڻٽر آهي، جيڪڏهن ان تبديليءَ کي قبول نه ڪيو ويو ته پوءِ هڪ ڌپ ڪري ويل سماج سڄي جهان کي گندو ڪندو رهندو. سو وچ اوڀر ۽ آفريڪا جا ملڪ تبديلي ۽ نواڻ لاءِ تيار آهن پر پاڻ واري سنگت لاءِ اڃا دلي دور است……