شوبز

ڪبرا خان ريمپ تي مرڪي شو ۾ ڇائنجي وئي

پاڪستاني اداڪارا ڪبرا خان ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪرڻ دوران مرڪي فيشن شو کي پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي ۽ اها هر طرف ڇائنجي وئي. ميڊيا مطابق فيشن شو دوران جڏهن ريمپ تي واڪ ڪندي ڪبرا خان مرڪي ڏنو تھ ڏسندڙن کي سندس اهو انداز وڻي ويو ۽ هر پاسي کان سندس انداز کي موقعي تي ئي داد ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڪبرا خان پنهنجي اهڙي انداز واري تصوير جئين شيئر ڪئي تھ مداحن پڻ ان کي ڀرپور موٽ ڏني آهي ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ان تصوير تي مني لک کان مٿي لائيڪس اچي ويون آهن ۽ مداحن تعريفي تبصرا ڪمنٽس ۾ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button