لطيف سائين انسانن جي ڀيٽ ۾ پکين جي پاڻ ۾ پريت جي واکاڻ ڪئي آهي. هن “وڳر ڪيو وتن،پرت نه ڇنن پاڻ ۾،” واري ڳالهه ڪئي آهي. پرڏيهي پکي يورپ جي ٿڌن ملڪن مان سياري جي سخت ٿڌ کان بچڻ لاءِ ٻه کان ٽي هزار ميلن مهيني کن جو سفر ڪري اسان وارن ملڪن ۾ پهچن ٿا. جنهن ۾ هنن کي جابلو سلسلا، سمنڊ ۽ دريائن جي مٿان لنگهڻو پوي ٿو. اهو هنن جو هر سال جو ڌنڌو آهي. جنهن سان هنن جي زندگيءَ جو سفر به هلي ٿو ۽ اهو روٽين ٻئي نسل ۾ منتقل ٿئي ٿو. هوائي جهاز وانگر هو ساڳيا رستا ۽ فلاءِ زون تان گذرن ٿا. اها هنن جي ڄڻ ته لائيف سائيڪل آهي، يا فطري مجبوري آهي. اهي پکي جديد مواصلاتي نظام جهڙي جبلت رکندڙ آهن. جنهن جي بنياد تي هو موسمن جي تبديلين ۾ پنهنجا ماڳ ڇڏي پرڏيهه جو سفر ڪن ٿا ۽ پرڏيهه کان ٻيهر پنهنجي ماڳن تي پهچن ٿا. انهن پرڏيهي پکين ۾ هڪڙو ڪونج جو به قسم آهي. ٻين پرڏيهي پکين جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعرن سڀ کان وڌيڪ ڪونج کي ڳايو آهي. ڪونج سهڻو ۽ پنهنجي ساٿي سان محبت ڪندڙ پکي آهي. پکين جي حوالي سان سنڌ جي لوڪ ادب ۽ شاعريءَ ۾ سڀ کان گهڻي جاءِ والاريندڙ ڪونج پکي آهي. سنڌي لوڪ ادب ۽ شاعريءَ ۾ سندس وطن روهه ٻڌايل آهي. مٺي آواز ۾ ڪرلائڻ ۽ ڊگهي ڳچيءَ سبب شاعرن سدائين ڪونج جي ڊگهي ڳچيءَ جي تشبيهه ڏني آهي. سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي شاعريءَ کانسواءِ عالمي طور تي به جاپان کان وٺي ٻين ملڪ جي شاعريءَ ۾ ڪونج جي خوبصورتي ۽ ڊگهي ڳچيءَ جو ذڪر ملي ٿو. ڪونج سهڻي عورت ۽ وطن کان وڇڙي ويل جي علامت طور ڳائي وئي آهي. شاهه لطيف ڪونج جي خوبصورتي ۽ وڳر کان وڇڙڻ واري درد جو اظهار پنهنجي شاعري ۾هن ريت ڪيو آهي.
“ڪونج نه پسين ڪک،
ڍٻ جنين سين ڍٻيو. ماريءَ ماري لک،
وڳر هڻي ويڇون ڪيا!ڪوجڙيءَ ڪالهه لنئي،
سڄڻ وڌ ۾ ڇت، آئون جنين ريءَ هت،
گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.
ڪونج ۽ ٻين پرڏيهي پکين بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪونجون اوڀر ايشيا (سائيبريا واري پاسي)، قازڪستان وچ ايشيا واري پاسي، ڪالميڪا (بحر اسود ۽ ڪيسپين واري پاسي) روس ۽ ٻين ملڪن جي اترين علائقن کان اچن ٿيون. پهرين قازڪستان جي ڍنڍن، ميدانن ۽ آماجگاهن ۾ مختصر ساهي کڻي، پوءِ انڊس فلاءِ وي ذريعي وڌيڪ اڏام ڪن ٿيون. ڪي وڳر وري افغانستان واري رستي هندوڪش ۽ قراقرم جي جابلو سلسلن تان اڏامندا، سنڌو درياءَ جي مٿان وارو گس وٺن ٿا. اهڙن ماهرن موجب ڪجهه قافلا وري افغانستان کان ايران، سيوستان وارو دشت اڪري، بلوچستان مان ٿيندا ڪاڇي ۽ منڇر پهچن ٿا. سنڌ انهن پرڏيهي پکين جو وڏو ميزبان وطن آهي. سنڌ ۾ اٽڪل ٽي چار سئو ننڍيون وڏيون ڍنڍون، سنڌو ۽ ان جا پراڻا ڍورا۽ واهڙ، ٽي سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي، 250 سئو ڪلوميٽرن جو ڪڇ وارو رڻ آهي. ڪاڇو، اڇڙو ٿر ۽ ٿرپارڪر جو ريگستاني جا طبعي ڀاڱا انهن پکين لاءِ وڏي ڪشش جو سبب آهن. هڪ ڪاٿي موجب اٽڪل 10 لک پرڏيهي پکي ساليانو هتي اچن ٿا. جيتوڻيڪ شڪارين جي بي رحم ورتاءُ جي باوجود ڊبليو ڊبليو ايف جي سروي موجب پرڏيهي پکين جي انگ ۾ اڌارو ايندو رهيو آيو آهي. “
پرڏيهي پکي عام طور تي آگسٽ کان اچڻ شروع ڪن ٿا. هر پکي پنهنجو پنهنجو ٽولو ٺاهي سفر ڪري ٿو. ڪوبه پکي پنهنجي ٽولي کانسواءِ ٻئي ڪنهن پکيءَ واري نسل سان گڏجي سفر لاءِ گهر نٿو ڇڏي. هي پکي سياري جا ٽن کان چار مهينا ڏکڻ واري گرم حصي ۾ رهن ٿا. ڪونج به سنڌيءَ جي ان بيت وانگر سڄو سيارو مون گنديءَ ۾ گذاريو، وانگر هتي گذاري ٿي. ڪونج جهڙو پکي جيڪڏهن پنهنجي وڳر کان وڇڙي ٿو ته ان جون درد ڀريون صدائون شاعر ۽ سگهڙ محسوس ڪن ٿا.
چون ٿا ته ڪونج جهڙو سهڻو پکي آهي، اوتري ئي سادو ڀورو پکي به آهي. ڪانگ جي بلڪل ابتڙ پکي آهي. هن جو ڪرلائڻ ئي کيس مارائي ٿو. وڏو شڪاري ۽ ليکڪ پير علي محمد راشدي هن پکي کي سادو ۽ ويساهي پکي سڏي ٿو. سندس چواڻي “ڪونجن جا آواز ٻڌي سندس ملازم اچي کيس ٻڌائيندو هو ته هن کيت ۾ ڪونجون اچي لٿيون آهن. ڪونج جي وڳر تي شڪاريءَ فائر ڪيو ۽ ڪنهن ڪونج کي ڌڪ لڳڻ سبب وڳر مان ڪري پئي ته، ٺڪاءُ تي ٻيو وڳر بروقت اڏامي، پر وري وڇڙيل جي سار لهڻ لاءِ موٽيو اچي. اهو انهيءَ وڳر جو اصول آهي ته سفر ۾ ساٿيءَ کي ساري هلبو. پوءِ ڪيتري وقت تائين وڃايل ساٿي جي جدائي ۾ مٿان ڦرنديون ۽ ڪرلائينديون رهن ٿيون. گهڻن هنڌن تي ته ٻيهر ورڻ سان وڌيڪ شڪار ٿيو وڃن. ولر کان وڇڙڻ ڪونج لاءِ قيامت هوندي آهي. ڪونج سدائين شڪاريءَ جي اک ۾ کٽڪندڙ ڪنڊو رهي آهي.شڪاري ڪونج جي شڪار لاءِ آتو هوندو آهي.”
ڪونجن جو ذڪر جوڙي ۾ رهڻ وارو ملي ٿو. ڪونجن جي جوڙي جي اهڙي ڪيفيت جي ڪهاڻي فقير مقيم ڪنڀار پنجويهه سال کن اڳ، نئون ڪوٽ کان مٺي ويندي ٻڌائي هئي. فقير مقيم ڪنڀار متحرڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر هو. آئون مٺي وڃڻ لاءِ نئون ڪوٽ ۾ گهاڻن واري اسٽاپ تي بيٺو هئس ته فقير مقيم ڪنهن اين جي اوز جي گاڏيءَ ۾ مٺي وڃي رهيو هو، ته مون کي ڏٺائين ۽ لفٽ ڏئي مٺي کڻي آيو. اها مند روهيڙن ۾ پيلن ۽ گلابي گلن واري هئي. شام لڙي رهي هئي، ڪونڀٽن جا پاڇا اوڀر ڏانهن وڌي رهيا هئا. ڪنڊي جي وڻن مان ٻور ۽ مڃر هڳاءَ وسي رهيو هو. ماکي ۽ پوپٽن جو مڃر تي ميڙو متل هو. ڪرڙ جي پُسي مان پکي رس چوسي رهيا هئا. هن مون کي روهيڙي جي وڻن تي سرڪاري حڪم نامون ۽ ڪنڊي جي وڻ جي ٿڙ کي ڏنل لوڙهي جي ڪهاڻي به سمجهائي هئي. هن لوهيڙا ڳڀيا ڪسر نسريا وارو شاهه جو بيت ٻڌايو ۽ چيو ته هاڻ ڪونجن جي ڪرلائڻ واري مند ڀرجي آئي آهي. هن ڳالهه ئي ڳالهه ۾ پنهنجي ڳوٺ نهٽي جي هڪ شڪاري وڏيري جي ڳالهه ٻڌائي. فقير مقيم ڪنڀار وٽ ڳالهه ڪرڻ جو پنهنجو انداز هو. هو ايڏو ته روح سان ڳالهه ڪندو هو، جو ڳالهائيندي سندس غزالي سرخ اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو. هيءَ ڳالهه ڪندي به هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. هن پنهنجي ڳوٺ نهٽي جي منظرڪشي ڪندي چيو ته “اسان جو ڳوٺ مٿي ڀٽ تي واقع آهي ۽ هيٺان هاڪڙي درياءَ جو ڍورو آهي. برساتن کانپوءِ ڍورو درياءَ جو ڏيک ڏيندو آهي. برساتن ۾ ڍورو ڀرجيو وهي، ان وقت نوهٽو ۽ ٿر نبي سر ڏسڻ وارا هنڌ هوندا آهن. انهيءَ پاڻيءَ تي فصل اهڙا ٿين جو ڳالهه کڻي ڇڏ. هن ٿر نبي سر جي منظر نگاري ڪندي حليم باغي جي شاعريءَ جون ڪجهه سٽون به ٻڌايون. هن ڪونجن جي ڪرلائڻ واري ڳالهه ڪندي پنهنجي ڳوٺ جي شڪاري وڏيري جو ڪونجن جي شڪار بابت واقعو ٻڌايو. هن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هر پيرسن ٻڌائي سگهي ٿو. نهٽي واري ڳوٺ ۾ نون وڏيرا ۽ اسان جا گهر ڀٽ واري پاسي آهن ۽ ميمڻ وڏيرن جا گهر ڀٽ جي سامهون هيٺائينءَ تي هاڪڙي جي ڍوري واري پاسي آهن. وڏيرو ميمڻ وڏو شڪاري هو. هڪ ڀيري جڏهن ڪونجون ڪڇ جي رڻ واري ڪنڌيءَ تان موٽيون پئي ته سندن ڪرلائڻ تي هن پنهنجي بندوق تيار ڪري ورتي. وڳر جڏهن ڳوٺ جي مٿان گذريو ته شڪاريءَ بندوق جا ٻٽي فائر مٿن ڪيا. پکي گهڻو مٿي هئا، پر وڳر مان هڪڙي ڪونج زخمي حالت ۾ اچي ڦهڪو ڪيو. فائر جي باوجود ڪونجن جي وڳر ۾ ٽاهه پوڻ بدران سڄي وڳر زخمي ڪونج جي سار لهندي ڳوٺ تي ڄڻ هلر ٻڌي بيٺيون. ڪونجن ۾ رڙو رڙ پئجي وئي. وڏيرو به پراڻو شڪاري هو، پر ڪونجن جو اهڙو حشر هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. سڄو ڳوٺ توبهه توبهه ڪرڻ لڳو. ماڻهن دل ئي دل ۾ وڏيري کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. وڏيرو به ڪونجن جي اهڙي عمل تي اچي ششدر ٿيو. نيٺ ڪونجون گهڻي دير کانپوءِ پنهنجي سفر تي روانيون ٿي ويون. وڏيري زخمي ڪونج کي سير وجهڻ بدران ملم پٽي ڪرائي چڱي ڀلي ڪيو. پوءِ ڪونج ڪڪڙن وانگر وڏيري جي گهر ۽ اوطاق ۾ پئي هلندي هئي. سال کان پوءِ ٻيهر ڪونجن جي ڪرلائڻ وارا ڏينهن موٽي آيا ۽ ڪئين ٽولا ڳوٺ مٿان اڪري روانا ٿيندا رهيا. پر هڪڙي ڏينهن اهڙو ڪونجن جو وڳر آيو، جيڪو ڳوٺ جي مٿان ٻيهر چڪر ڏيڻ لڳو. وڳر جي آوازن تي هيٺ پاليل ڪونج به ڪرلائڻ شروع ڪيو. ڪجهه چڪرن کانپوءِ هڪڙو پکي هيٺ لهي آيو. ڀڄندا ڀڄندا، پاڻ ۾ ڳچيون ڳچين سان ملائي گهڻو وقت بيٺا رهيا. شڪاري وڏيرو ۽ اتي موجود ڳوٺاڻا سڪتي ۾ کين ڏسندا رهيا. ڪجهه لمحي کان پوءِ ٻئي پکي مري ويا.” فقير مقيم ڪنڀار اکين مان ڳوڙها اگهندي ٻڌايو ته اهو ڏينهن اهو پنڌ، وڏيري توبهه توبهه جو ڪئي ته سڄي عمر وري شڪار نه ڪيو.