هو ڇهن سالن جي عمر ۾ گليلي جي ڳوٺن مان پنهنجي خاندان سان گڏ لبنان آيو. انهن هڪ رات رميش گندي تلاءُ جي ڀر ۾ سورن ۽ ڳئن سان گذاري. صبح اتر ڏانهن روانا ٿيا. هو واٽ تي شهتوت پٽيندو ۽ کائيندو رهيو. اهو سفر جيزين تي ختم ٿيو. هن اڳ برف نه ڏٺي هئي. جيزين برف جو فارم هو ۽ هتي هڪ آبشار به هو جيڪي هن پهريون ڀيرو ڏٺا. کيس اڳ اها به ڄاڻ نه هئي ته صوف ٽارين تي هوندا آهن. هن سمجھيو ٿي ته اهي دٻن ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهي صوف هن بمبو سان لاهي چشمي جي پاڻي ۾ ڌوئي کاڌا. هتي جيئن ته گھڻي ٿڌ هئي ان ڪري اهي دامر شهر ۾ اچي رهيا جيڪو هڪ ننڍو پر سهڻو شهر هو. اهو ٻار جڏهين بيروت پهتو ته کيس ٽوپي پارائي البرج چوڪ تي ڇڏيو ويو جتي هو اسٽريٽ ڪار ۾ ويٺو. پوءِ سندس ڏاڏو کيس دامر وٺي ويو، جيڪو هڪ وڏي سمنڊ وغيره جي ڪري بيروت کان وڌيڪ سهڻو هو. پر سندس ضد بيروت وڃڻ هو ته جيئن هو وري اسٽريٽ ڪار ۾ ويهي سگھي.
محمود درويش پنهنجي ڪتاب Memory for Forgetfulness ۾ پنهنجي جلاوطني ۽ 1982 ۾ لبنان تي اسرائيلي حملي جي ڪٿا ٻڌائي ٿو. هو جڏهين 1972 ۾ ڏهن سالن کانپوءِ بيروت پهتو ته هن ٽئڪسي کي چيو ته کيس دامر وٺي هل. کيس دامر جو رڳو سمنڊ ۽ ڪيلن جا باغ ياد هئا ۽ ڪيلن جي باغ جي مالڪ عورت کيس پيار مان چمي ڏني هئي. هن دراصل ان ٻار کي ڳولهڻ چاهيو ٿي جنهن کي هن، ان جي باوجود ته هو پاڻ هاڻي وڏو ٿي شاعر ٿي چڪو هو، وڏو ٿيڻ نه ڏنو هو. هن ان ٻار جا قدم ٿي ڳولهڻ چاهيا جنهن پنهنجي عمر کان وڏا قدم کنيا هئا. ان وقت سندس ڏاڏي جون نظرون سرحد جي ٻئي پاسي پنهنجي وطن ڏانهن هونديون هيون ۽ هو ان اميد سان روز اخبار ڏسندو رهندو هو ته ڪڏهين سندن واپس وڃڻ جو اعلان ٿو ٿئي پر سندس اها اميد پوري نه ٿي سگھي. محمود درويش انهن شاعرن ۽ ليکڪن مان آهي جيڪي پنهنجي قوم جي سڃاڻپ هوندا آهن. سندس اهو ڪتاب جيتوڻيڪ لبنان تي اسرائيل جي حملي جي پس منظر ۾ لکيل آهي پر هڪ لحاظ کان اها ڄڻ فلسطينين جي بي وطني، ڏک ۽ پيڙا جي ڪٿا آهي. شاعراڻي انداز ۾ لکيل اها لکڻي ماڻهو جي اندر کي جھوري وجھي ٿي. اهو نظم ۽ نثر جو هڪ سهڻو امتزاج آهي. فجر جو وقت آهي ۽ اسان جي شاعر کي ڪافي جي ضرورت آهي پر سامهون سمنڊ مان لاڳيتو گولا باري ٿي رهي آهي ۽ مٿان آسمان تي جنگي جهاز اڏامي رهيا آهن. اهي ڪا وٿي نه ٿا ڏين ته هو بس پنهنجي لاءِ ڪافي ٺاهي سگھي. هو چئي ٿو بس مون کي رڳو پنج منٽ ڏيو ته جيئن آئون پنهنجي لاءِ ڪافي ٺاهي سگھان. ان ڪافي جي سندس لاءِ خاص اهميت آهي. بس کيس پنهنجي هٿ جي ٺاهيل ڪافي گھرجي. اهو سندس هٿ جو ڪارج ۽ ان جو هڪ تخليقي ڪم آهي. ٻئي ڪنهن جي موجودگي سندس ڪافي جي لطف کي خراب ڪري ڇڏيندي. نيٺ کيس ڪجھه وقفو ملي ٿو. ان سان گڏوگڏ پکي پنهنجي صبح جي معمول جي لات لنوي رهيا آهن. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ مٿن ان گولي باري جو ڪو اثر ناهي ٿيو. پر ٿوري دير کانپوءِ اهي به ڄڻ هراسجي خاموش ٿي وڃن ٿا.
اولهه بيروت جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پاڻي جي اڻاٺ کي هو هن ريت بيان ڪري ٿو ته:
جسم جي ڪهڙي عضوي لاءِ گھڻا قطرا پاڻي استعمال ڪري. پر جڏهين واشنگٽن جي هدايتن تي پاڻي کوليو به وڃي ٿو ته سندس بلڊنگ جو مالڪ، جنهن جي اها عادت هجي ٿي ته ڪنهن به معمولي ڳالهه ۽ ڪنهن مسواڙي سان جھيڙي جي ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيندو هو، پاڻي نه ٿو کولي. نيٺ ڪنهن هٿيار بند تنظيم جي مداخلت تي هو پاڻي کولڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. پاڻي انهن ماڻهن لاءِ اهڙي ريت هڪ الميو به بڻجي ٿو ته اسرائيلي جهازن لاءِ پاڻي لاءِ گڏ ٿيل عورتن تي بمباري ڪري مارڻ هڪ بهترين موقعو هجي ٿو.
ريڊيو خاموش آهي. کيس اخبار جي طلب محسوس ٿئي ٿي پر ان ڏينهن اخبار به نه ٿي اچي. هو ٻاهر گھٽي ۾ ڏسي ٿو جيڪا سنسان ۽ ويران لڳي پيئي آهي. هو نه ٿو چاهي ته هو ملبي هيٺان دٻجي وڃي ۽ پوءِ کيس زخمي يا مئل حالت ۾ اتان ڪڍيو وڃي. کيس پنهنجي هڪ دوست سمير جو خيال اچي ٿو جيڪو ان بمباري جو شڪار ٿي نهايت خراب حالت ۾ اسپتال ۾ داخل هو. سمير اهڙو شخص هو جنهن ٽي ڀيرا اسرائيلي جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽيئي ڀيرا پڪڙجي پيو ۽ کيس ٽي ڀيرا عمر قيد جي سزا آئي. قيدين جي مٽا سٽا ۾ هو آزاد ته ٿيو پر ڄڻ ننڍي جيل مان نڪري وڏي جيل ۾ اچي ويو هو. هتي جيڪي بااختيار هئا انهن جو ڏاڍ ۽ تشدد، رائي جي اختلاف کي برداشت نه ڪرڻ ۽ مختلف گروهن جا پاڻ ۾ اختلاف هئا پر هو پنهنجيون وفاداريون نه ٿو بدلائي ۽ نيٺ اسرائيلي جهازن جو نشانو بڻجي وڃي ٿو.
هو ڏهين ماڙ کان هيٺ لهي ٿو. چوٿين ماڙ تي هڪ عيسائي عورت پنهنجي مڙس سان رهي ٿي. اها فلسطينين تي ڪاوڙيل هجي ٿي ته انهن اسان کي هروڀرو اچي ڏچي ۾ وڌو آهي. هو ان سان ڳالهائي هيٺ لهي ٿو. لبنان ۽ خاص طور بيروت، هڪ اهڙو شهر آهي جنهن کي ڪوبه پوري ريت سمجھي نه سگھيو آهي. کيس شهر ۾ رهندي هڪ ڊگھو عرصو ٿيو آهي پر جڏهين هو هاڻي ان جي گھٽين ۽ سڙڪن تان گذري ٿو ته کيس لڳي ٿو ته هو انهن کان اڻڄاڻ آهي. اهو هڪ اهڙو شهر آهي جتي سڀني عرب ملڪن جا ماڻهو جن کي پنهنجن ملڪن ۾ سياسي ۽ اظهار جي آزادي ناهي هتي اچي پنهنجي اها خواهش پوري ڪن ٿا. اهي هتي پنهنجن پنهنجن هم خيال سياسي گروپن جو حصو بڻجي هتان جي سياست کي اڃا وڌيڪ ورهائي ڇڏين ٿا. ِ
ليکڪ سوچي ٿو ته جبل کان وٺي سمنڊ ۽ نار تائين عربن جي سرزمين هئي جيڪا پوءِ مختلف حصن ۾ ورهائجي ويئي ڪنهن کي شرم الشيخ، ڪنهن کي غزه ۽ ڪنهن کي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويو. لبنان ۾ فلسطينين جي اچڻ جو ڪارڻ عظيم مصري اڳواڻ جمال عبدالناصر جو عرب قوم پرستي جو نظريو هو. اسرائيل جي 1967 جي مصر تي حملي جو ڪارڻ عرب علائقن تي قبضي کان وڌيڪ عرب قوم پرستي جي نظرئي کي ختم ڪرڻ ۽ ناصر کي هٽائڻ هو.
1970 ۾ ناصر جي وفات ۽ سادات جي اسرائيل سان ٺاهه هڪ پاسي عرب قوم پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي پاسي اسرائيل کي اهو موقعو فراهم ڪيو ته اهو لبنان جي فلانجسٽن جي سهڪار سان فلسطينين خلاف ڪارروايون ڪري. اهڙي ريت جڏهين اهي ماڻهو ٿورائي ۾ بدلجي ويا ته صورتحال بدلجي ويئي. هن وقت نه رڳو لبنان جا عيسائي پر مسلمانن به اهو چاهيو ٿي ته فلسطيني لبنان مان هليا وڃن. ليکڪ هڪ لبناني مسلمان شاعر جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته فلسطينين سان اسان جي جنگ ته آهي پر هر فلسطيني ٻار به اسان جو دشمن آهي. اها صورتحال سڀني عرب ملڪن جي آهي جيڪي ڪنهن به ريت فلسطينين کي پنهنجي ملڪ ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ان ڳالهه جي باوجود ته انهن ملڪن جي حڪمرانن جن ۾ بادشاهه، آمر ۽ انقلابي سڀ شامل آهن، هميشه پنهنجن ماڻهن جي اوٻر ڪڍڻ لاءِ فلسطينين ۽ فلسطين جي نالي کي استعمال ڪيو آهي. ساڳي وقت انهن حڪمرانن فلسطينين جي مزاحمت کي هميشه هڪ حد اندر رهڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ جڏهين به انهن پنهنجي ليکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته کين چيو ويو آهي ته صبر ڪيو اڃا اهو وقت ناهي آيو. مختلف گروهه ۽ انهن جا اڳواڻ مختلف عرب حڪمرانن جي هدايتن تي هلن ٿا ۽ انهن جي مقصدن لاءِ ڪم ڪن ٿا.
پر هن وقت اها ڳالهه به نه رهي آهي. اسرائيل جي بيروت جي محاصري ۽ فلسطينين کي اڪيلو ڪري مارڻ ۾ ڄڻ اهي اسرائيل سان سهمت آهن. هن وقت انهن لاءِ پنهنجن ماڻهن جي اوٻر ڪڍڻ جو ذريعو فلسطين نه پر فٽبال جا ميچ آهن. ان وقت فٽبال جي عالمي ڪپ ۾ الجزائر جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهتي هئي ۽ سيمي فائنل جي ميچ ۾ ان جي هارائڻ کي ريفري جي بي ايماني ۽ يورپي ملڪن جي عربن خلاف سازش ڪري پيش ڪيو ويو هو جنهن جي خلاف گھڻن عرب ملڪن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا هئا. اهڙي ريت فلسطين جي بجائي پنهنجي فٽبال ٽيم جي هارائڻ تي ماڻهن جا مظاهرا ۽ احتجاج اهي ان سڀڪجھه کي ٿيڻ ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن مان کين ڪو جوکم ناهي. ٽيم جي کٽڻ کي اهي پنهنجي کاتي ۾ وجھندا آهن جڏهين ته ان جي شڪست جو ذميوار، ريفري، ڪوچ يا ٽيم جي ڪپتان کي قرار ڏنو ويندو آهي.
هن وقت اسرائيل جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ بجائي عرب حڪمرانن ان ڳالهه تي پئي زور ڏنو ته بيروت کي بچايو وڃي جنهن جو مطلب صاف طور اهو هو ته پي ايل او بيروت خالي ڪري. ساڳي وقت ڪوبه عرب ملڪ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. جڏهين ته ليکڪ بجا طور اهو اصرار ڪري ٿو ته فلسطيني عرب آهن، ڪنهن ڌار ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهو ناهن.
جڏهين پي ايل او جي بيروت مان نڪرڻ متعلق ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته ياسر عرفات کان هڪ صحافي پڇيو هو ته اوهان هاڻي ڪيڏانهن ويندا ته هن کيس جواب ڏيندي چيو هو ته جتان آيا آهيون اوڏانهن مطلب ته فلسطين وينداسين. 1948 ۾ اسرائيل جي قيام وقت جڏهين نو لک کن فلسطينين پنهنجا گھر وغيره ڇڏيا هئا ته کين اهو ئي آسرو هو ته اهي ڪجھه مهينن ۾ جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وطن موٽي ويندا پر ائين نه ٿي سگھيو. پر وطن موٽڻ جي خواهش نسل در نسل هلندي آئي. ليکڪ مختلف ڪردارن ۽ سمبل جي صورت ۾ ان خواهش کي پيش ڪيو آهي. جيئن هن حيفه جي شهر کي هڪ فاخته جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. اهي ڪردار پنهنجي ماضي کي ياد ڪن ٿا ۽ وطن موٽڻ جي خواهش رکن ٿا پر سندن اها خواهش پوري نه ٿي ٿي سگھي.
اها درد جي هڪ ڪٿا آهي جنهن کي درد کي سمجھندڙ ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھن ٿا.