اڄ به ڪيترائي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ادب جو ڪم سماج کي تبديل ڪرڻ آهي يا ادب اهڙو لکجي جنهن سان سماج جي ڪايا پلٽ ٿي وڃي. جڏهن ته سماجي تبديليءَ جو اهم ترين محرڪ سياست آهي، ان سياست ۾ ادب پنهنجي جزوي ڪردار ضرور ادا ڪري سگهي. جيئن ڪنهن ميڙ کي گرمائڻ لاءِ مزاحمتي شاعري، ڪو اهڙو افسانو يا ڪهاڻي جيڪو ڪنهن سياسي يا حقيقي واقعي تي لکيل هجي يا وري نثر جو ڪو اهڙو ٽڪرو جيڪو ماڻهن کي سياسي حقن جو احساس ڏياري. باقي اديب يا هڪ ليکڪ مان اها اميد اجائي آهي ته هو اهڙو ادب تخليق ڪندو، جنهن سان ديس آزاد ٿيندو يا اهڙو ادب لکندو جو گهر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون مائرون ڀينرون پڙهي سگهنديون.
جيئن هڪ سنڌي رسالي جو ايڊيٽر سدائين چوندو آهي ته مون کي رسالي لاءِ اهڙي ڪهاڻي لکي ڏيو، جيڪا منهنجي ڌيءَ ۽ زال به پڙهي سگهن. ڀلا ڪو ڪهاڻيڪار ڪنهن جي گهرواري يا ڌيءَ لاءِ ڪهاڻيون لکي سگهي ٿو ڇا؟ پر ان کان به اهم ترين ڳالهه جيڪا گهڻو ڪري لکي ويندي آهي يا ڪئي به ويندي آهي سا اها آهي ته هڪ ليکڪ جيئن لکي سندس ڪردار به اهڙو ئي هجڻ گهرجي. ليکڪ ته الائي ڇا ڇا پيو لکندو آهي، جيڪڏهن هو پنهنجن لکڻين تي عمل ڪرڻ لڳو ته انسان جو پٽ ئي نه رهندو، الائي ڪهڙي مخلوق ٿي ويندو. ان جو هڪ سادو مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ٿا کڻون. سر سهڻي ۾ جڏهن سهڻي سياري جي رات ۾ مڙس ڏم کي ڇڏي پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ ٿي وڃي ته ڇا شاهه لطيف کي ميهار جهڙو ٿي وڃڻ گهرجي، جيڪو پرائي ماڻهوءَ جي زال سان سنڌو درياهه ڪناري بيهي واڪا پيو ڪندو هجي. ائين ئي هڪ تخليقڪار جا ڪئين ڪردار هوندا آهن، ڪي سٺا ته ڪي برا ۽ ڪي تي بنهه خيالي هوندا آهن.
جڳ مشهور ناول نگاره جي ڪي رولنگ، جنهن هيري پوٽر جو ڪردار تخليق ڪيو آهي، ته ڇا ان ليکڪه جيڪي ڪجهه لکيو آهي، کيس اهڙو ئي ٿي وڃڻ گهرجي. جنهن ۾ هيري پوٽر ٻهاري تي اڏامي آسمان جو سير پيو ڪري ۽ جهنگ ۾ اک ڇنڀ ۾ غائب ٿيو وڃي، ڇا هڪ انسان لاءِ اهو ممڪن آهي؟ هيءَ سڀ انسان جو تخيل آهي، جيڪو هن کان اهڙا ڪردار تخليق ڪرائي ٿو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن عورت جي ڳچي ڪونج جي ڳچي جهڙي ناهي پر هڪ شاعر يا ڪهاڻيڪار ان کي تشبيهه ڏيندي اهڙو سهڻو ڪري ڏيکاري ٿو. عورت جي وارن جو تصور واسينگ سان ڀيٽيو ويو آهي پر حقيقت ۾ عورت جي مٿي تي وارن بدران ڪارا واسينگ ڦٽي اچن ته اها ڪنهن مرد کي وڻي سگهي ٿي؟
ائين ئي دنيا ۾ ڪئين ليکڪ پيا آهن، جيڪي لکڻ ۾ مزيدار ڳالهيون ڪندا آهن، پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته انهن کي پنهنجن ڪردارن جهڙو ئي ٿيڻ گهرجي، تڏهن اهي زماني ۾ قبول پوندا. ڪوبه اديب فرشتو ڪونه هوندو آهي ۽ نه ئي فرشتا سماج ۾ رهندا آهن. تازو ئي شيخ اياز جي ڪردار جي حوالي سان ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن، کيس غداريءَ جا ٻلا ڏنا پيا وڃن ۽ سندس ماضي کي کوٽي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي ته هو ضياءَ جو ويجهو ماڻهو هو. پر سندس ڪيل ڪم تي ڪونه ٿو ڳالهايو وڃي. سندس ڪم تي ڪا تنقيد ڪانه ڪبي ۽ نه ئي سندس ڪيل پورهيي کي ڳائبو. دنيا ۾ اهڙا سوين مثال موجود آهن، جيڪي اديب پنهنجي ڪردار جي حوالي سماج کي قبول نه رهيا آهن.
سعادت حسن منٽو سڄي ڄمار شراب پيئندو رهيو، ڪا نوڪري ڪانه ڪيائين. هو رڳو افسانو لکڻ جا پئسا وٺندو هو ۽ ان کانسواءِ هن کي ڪو ٻيو ڪم ايندو به ڪونه هو. ڳاڙهين بازارن ۾ ويندو هو، طوائفن سان وقت گذاريندو هو، سندس ڪردار به اهي ئي عورتون ٿي ويون. هن کي انهن عورتن جي پوڙهي ٿيڻ جي ڳڻتي رهندي هئي. سندس دوستي گهڻو وقت ڪنهن سان هلي ڪانه سگهندي هئي ۽ منهن تي سچ چوندو هو پر سندس ڪردار اهي ئي طوائفون ۽ دلال آهن، ته ڇا منٽو کي اهڙو ئي ٿي وڃڻ گهرجي، جهڙا سندس ڪردار آهن.
اردو جو مشهور شاعر اسد الله غالب، انگريزن جي پينشن تي پلبو هو، سڄي ڄمار دٻار ۾ جاءِ ڪانه مليس ڇاڪاڻ ته ان وقت بهادر شاهه ظفر جي درٻار ۾ ابراهيم ذوق جي هوندي اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته بهادر شاهه ظفر کيس پاڻ وٽ رکي ها. نوڪري همراهه کان ڪانه ٻڄندي هئي، ان ڪري پئسا اوڌارا وٺي شراب پيئندو هو ۽ جواري سندس يار هوندا هئا، ته ڇا غالب اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو شاعر نه ليکبو.
يورپي ملڪن ۾ ڪيترائي ناول نگار اهڙا آهن، جيڪي پبلشرن کان ناول لکڻ جا پيسا اڳواٽ وٺي ڪسينو تي اڏائي، شراب پيئو خرچ ڪريو ڇڏين ۽ جڏهن پبلشر کين گهڻو تنگ ڪندا آهن ته پوءِ وڃي ناول جو مسودو انهن جي حوالي ڪندا آهن. انگريزيءَ جو مشهور ناول نگار خوشونت سنگهه نه رڳو عورتن سان راتيون رنگين ڪندو هو پر کيس شراب پيئڻ جي لت لڳل هئي پر اڄ سندس ڪم ئي ڳائجي پيو. اهڙي ريت شيخ اياز جي ڪردار جي پرک به ڪو سرڪاري يا نام نهاد اديب نٿو ڪري سگهي بلڪه هن جي ڪردار جي پرک ڪو اهڙو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڻ به ڪردار ۾ اهڙو ئي صاف سٿرو هجي، جيتري اميد هو شيخ اياز جي ڪردار مان رکي ٿو.
ماڻهو اهو وساري ڇڏيندا آهن ته ادب ۽ هڪ اديب جو ڪردار ان جي تخليقي پورهيي تي ڪڏهن به حاوي نه ٿي سگهندو آهي، بلڪه سندس لکڻيون هن جي ڪردار تي پردو وجهي ڇڏينديون آهن. شيخ اياز ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾نوڪري ورتي ته چيو ويو، هن نوڪري ڇو ڪئي. يعني هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي نه ٿئي ها. سنڌ يونيورسٽيءَ به سنڌين جي يونيورسٽي آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو پڙهيل يا عقل فهم وارو ماڻهو نوڪري ڪري ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي.
شيخ اياز جي حوالي سان ٻي راءِ جو اچڻ يا سندس ڪم تي تنقيدنگاريءَ کي ڀليڪار چوڻ گهرجي پر ڪو ماڻهو اها ڳالهه ڪري ته هن نوڪري نه ڇڏي، ان ڪري غدار آهي يا هن کي هيئن نه هيئن ڪرڻ گهرجي ها. شيخ اياز جيئن پنهنجي شاعري لکي آهي، هن جو ڪردار به ائين هئڻ گهرجي. اها ڳالهه ڪجهه عجيب ٿي لڳي. تنهنڪري هڪ اديب مان اها اميد رکڻ اجائي ڳالهه آهي ته سندس ڪردار بلڪل هن جي لکڻين جهڙو ئي ٿيڻ گهرجي. گهڻو ڪري اديب پنهنجي مزاج ۾ رکا ۽ گهڻن معاملن تي غيرسياسي به هوندا آهن، ڪنهن به اديب کي زوري سياسي نٿو بڻائي سگهجي، جيڪڏهن ڪو آهي ته اها خراب ڳالهه ناهي. شيخ اياز جي ڪردار کي لوئڻ ۽ کيس ڪنهن ٻئي شاعر سان ڀٽي سندس تذليل ڪرڻ کان بهتر آهي ته اسين سندس فن ۽ فڪر تي ڳالهايون، ان جا نوان پهلو ڳوليون ۽ تنقيد ۽ تحقيق وسيلي نئين کوجنا ڪريون.