شوبز

شروع کان بولڊ هيس، ڀارت وڃي نھ ٿيس: حميما ملڪ

پاڪستاني اداڪارا حميما ملڪ انڪشاف ڪيو آهي تھ مان شروع کان ئي بولڊ رهي آهيان، اهو غلط آهي تھ ڀارت وڃي بولڊ ٿي ويس. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ عمران هاشمي سان فلم ۾ بار ڊانسر جو ڪردار ڪيو تھ ماڻهن نفرت جو اظهار ڪيو ۽ مون کي بولڊ سڏيو ويو. هن جو چوڻ هو تھ عمران هاشمي سان اهو ڪردار ڪري مون کي مزو آيو. هن ٻڌايو تھ مون ننڍي عمر کان اداڪاري شروع ڪئي آهي، تنهنڪري تعليم بھ مڪمل نھ ڪري سگهيس. هڪ سوال جي جواب ۾ حميما جو چوڻ هو تھ والدا کي گهر ٺهرائي ڏنو، اصل پنجابڻ آهيان ۽ ميانوالي ۾ جنم ورتو، پر شوبز جي ڪم سبب ڪراچي ۾ آيس. هن چيو تھ اسين پاڻ ۾ 6 ڀينرون ۽ ڀائر آهيون. هن چيو تھ شوبز کان ڌار نھ ٿي آهيان، هاڻ جلد واپسي ڪنديس. مون ڀارت ۾ 3 سال ڪم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button