ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھڪ نئين صفبندي ڪرڻي پوندي

Editorial-Article-Danish Gopang

ھر ايندڙ دور ويندڙ دور کي مات ڏئي پنهنجي صفبندي ڪندو آھي. ماضي جي تجربن مان مليل لاڀ موجب موجوده دور ۾ زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو نه ٿيڻ لاڳاپيل قانون تي ۽ معيشت تي هڪ خاص گروھه جي قبضي سبب آهي. عام عوام سان ناانصافيون وڌي وڃڻ ونڊ ورڇ جي پيماني جون تقاضائون پوريون نه ڪرڻ، عام عوام جي حقن جي نفي ڪرڻ سبب جبر ۽ ظلم جي جڏھن اوج ٿئي ٿي، تڏھن عام عوام جون ڪيهون نڪرڻ شروع ٿين ٿيون. تڏھن مروج نظام مان جان ڇڏرائڻ لاءِ عام عوام ھڪ نئين نظام جي حاصلات لاءِ جدوجھد جي شروعات ڪندو آھي، جنهن کي انقلاب جي شروعات سڏجي ٿو. انقلاب ئي واحد اُھا راھه ھوندي آھي جيڪا سڀني ناانصافين مان نجات ڏياري ھڪ نئون نظام جوڙي ٿي. انقلاب سان ناحق، ناانصافي، اڻ برابري، جبر ۽ ظلم جو خاتمو آڻي ھڪ صحتمند معاشرو جوڙي جديد قانون آڻي سگھجي ٿو، جنهن سان عدل قائم ٿئي، جنهن ۾ ھر انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي ۽ سڪون جو ساھه کڻي.
ايڪيهين صدي جون تقاضائون به اسان کان انقلاب جي گهرج ڪن ٿيون ھر پاسي کان ظلم جبر ۽ ناانصافين جا ڪارا ڪڪر زحمت بڻجي برسي رھيا آھن، عام عوام جون ڪيھون ھر طرف وڌي ويون آھن. ڪٿي سرعام سردارن ھٿان ماڻھو قتل ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي بيروزگاري ۽ بک کان تنگ ٿي ٻارن سوڌو مائٽ زندگيءَ جو انت آڻين پيا. ڪٿي مذھبي انتھاپسندن ھٿان ھِندن جي عبادت گاھن کي نقصان ڏنا ٿا وڃن ۽ سري عام روڊن رستن تي باهھ ڏني ٿي وڃي. ڪٿي برادرين جا جهيڙا ڪرائي انهن کي ھٿي ڏني ٿي وڃي، سندن ڪونڌر ڪُھائي، ڪن کي پوليس ھٿان ٻڌرائي، سالن جا سال جيلن ۾ واڙيو ٿو وڃي، ته ڪن تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي روپوش ڄاڻائي ڌاڙيل قرار ڏنو ٿو وڃي ۽ انهن جا سمورا واپسي جا رستا بند ڪيا ٿا وڃن. ڪٿي غريبن جي ٻنين جا ڪلاسي وڏيرا جاگيرون وڌائڻ جي شوق ۾ قبضا ڪري غريب ننڍن زميندارن کي ٻڌرائي ڪُٽرائي زوري زمينون لکرائي، بي روزگار ڪن ٿا ته ڪٿي سرمائيدار بيروزگاري ۽ غربت جو فائدو وٺي غريب پورھيتن کان گهٽ اجوري تي ڪم وٺي ٿو ۽ پورھيتن لاءِ عالمي قانون مطابق ڪا به سھولت نٿو ڏئي ۽ نه ئي اداري اندر پورھيتن کي متحد ٿيڻ لاءِ يونين جوڙڻ لاءِ اجازت ڏئي ٿو. جانورن وانگر ٿوري ۽ سوڙھي ته راضي رکي ٿو. جيڪڏھن ڪو ڪُڇي ٿو ته مزدوري مان فارغ ڪيو ٿو وڃي. ھڪ پاسي بيروزگاري چوٽ تي آھي ته ٻئي پاسي مهانگائي چوٽ چاڙهي وئي آھي. پورھيتن جي اجوري ۾ ڪا به واڌ نٿي ڪئي وڃي ٻن ويلن جي ماني کائڻ زندگيءَ جو وڏو مقصد بڻيل آھي.
عام عوام جو جيئڻ عذاب ٿي ويو آھي. انهن حالتن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارو جنهن جو انگريزي ۾ پورو نالو (پبلڪ آفيسر ليگل انويسٽيگيشن ڪرمنل ايمرجنسي) آھي ۽ آسان لفظن ۾ پوليس سڏيو ويندو آھي. سنڌي ۾ ان لفظ جو ترجمو ڪجي ته ھيئن ٿيندو (عوامي عملدار قانوني تحقيقات ۽ فوجداري ھنگامي حالتن لاءِ) عوام لاءِ مقرر ٿيل شخص جنهن کي عملدار چئجي ھنگامي حالتن ۾ قانوني لحاظ سان صاف شفاف تحقيق ڪندڙ) پر ھتي ان لفظ پويان بيٺل عملدار عوام جو نه پر ھڪ خاص گروھه جي اڳيان رقص ڪندڙ ان رقاصا جي مثل آھي، جيڪو ان مٿان نوٽ لٽائيندو رقص به ان اڳيان ڪبو ۽ عام ماڻھو ڏي مورڳو کلي به ڪونه نهاربو سو انصاف ته پري جي ڳالهھ آھي، ھڪ ئي وقت انسان جي زندگيءَ مفلوج بڻجي چڪي آھي.
هن وقت سرزمين سنڌ جنهن کي اسان وطن ۽ ماءُ به سڏيون ٿا، جنهن تي گھڻ رخي حملا ڪيا پيا وڃن، هزارين سالن کان سنڌو درياهه سموري سرزمين سنڌ لاءِ سرسبز ۽ خوشحالي جو سبب رھيو آھي ته ان سان گڏ سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ ڪري سمنڊ کي ڌرتي کان ڪئين ڪوھه پري بيھڻ تي مجبور ڪري ڌرتيءَ جي بقاءَ جو ضامن پڻ رھيو آھي. اڄ اسان جي سنڌو تي مڪمل ڌاڙو لڳل آھي جنهن ۾ سنڌو مٿان مختلف ڊيم اڏيا پيا آھن ۽ ٿل ڪينال جي نالي تي غير قانوني برانچ ڏنڊي جي زور تي واھيو ٿو وڃي، جنهن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي چڪي آھي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ نه ڪرڻ سان سمنڊ جو مٿي چڙهي اچڻ سبب لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ٿورو ٿڪو جيڪو پاڻي اچي ٿو ان تي خاص گروهھ جنهن کي اسان رياستي ڪلائنڊ سڏيندا آھيون. مطلب رياست جا خاص ماڻهو، وڏيرو يا ڀوتار انهن جو قبصو قائم آھي. اھي شاخن ۽ واھن ۾ بند ٻڌرائي ڇڏيندا آھن جنهن سان صرف سندن زمين کي پاڻي ملي ٿو، باقي غريب چار پنج ايڪڙ واري زميندار مطلب عام ماڻھو کي ڍڪ به پاڻي جو نٿو ملي. زمينون بنجر ٿي وڃڻ جي ڪري، عام ماڻھو کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھڻ سبب مجبوري مان صدين کان نسل پاليندڙ زمينون ڀڳڙن مٺ مطلب سستيون وڪرو ڪرڻيون پون ٿيون. تن زمينن جا خريدار خاص گروھه جا ماڻهوَ وڏيرا يا وري بلڊر مافيا اڳي ئي گھوريا ھوندا آھن. وڏيرن کي جاگير وڌائڻ جو شوق ھوندو آھي ۽ بلڊر مافيا وري ترقي جي نالي تي نوان شھر اڏڻ جو ڏيکاءَ ڏئي ٿي.
حقيقت ۾ ترقي جي نالي تي نوان شھر اڏڻ شھرڪاري ڪرڻ سان اسان جي ڪا به ترقي نه ٿي ٿئي پر ان عمل سان اسان وڌيڪ غلامي ۾ قيد ٿيندا وڃون ۽ ماحولياتي تباهي جو شڪار ٿيندا وڃون. ڇو جو ترقي جي نالي تي اسان کان سستي ملھه زمينون وٺي انهن تي اسان ڌرتي واسين کي ماڊرن ڳوٺ يا ٽائون ٺاھي نٿا ڏنا وڃن پر اسان کان سستي زمين وٺي ان کي راتون رات پنجوڻو مهانگي ڪري غير سنڌين ٻين علائقن مان آيل ڌارين کي وڪرو ڪري آباد ڪيو ٿو وڃي، جنهن سان اسان کي اقليت ۾ آڻي اسان جي ثقافت ٻولي تمندن ۽ اسان جي روزگار تي سڌو سنئون ڌاڙو ھنيو پيو وڃي.
جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ اندر ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي ھٿي ڏئي بلڊر مافيا کي سرڪاري سهڪار سان ڇيڪ ڇڏيو ويو. رياست ۽ ھر دور جي حڪومت جي آشيرواد سان سنڌ جون سرڪاري زمينون راتون رات الاٽ ڪيون ويون آھن ايتريقدر جو سنڌي سمنڊ جا ٻيٽ ۽ ڪوسٽل بيلٽ جون زمينون ۽ سنڌ جي سونهن ۽ ناياب جبل ڪارونجهر به محفوظ نه رھيو آھي.
اٽي لٽي ۽ گهر جي نالي تي ووٽ وٺندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو سوشلسٽ پارٽي اشتراڪي (برابري) سڏيندو ھو. اها حقيقت ۾ خاص گروھه وڏيرن سرمائيدارن ۽ سردارن جي پارٽي ھئي ۽ آھي جنهن صرف خاص گروھه جون دولتون وڌائڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ عام عوام کي اٽي لٽي ۽ گهر جو آسرو ڏئي بيوقوف بڻائي اقتدار حاصل ڪيو آھي ۽ ھر ضرورت زندگي کان محروم رکيو آھي. مسلسل تيرهن سالن کان اقتدار ۾ رھڻ جي باوجود به عام عوام کي نه تعليم ڏئي سگهيا آھن نه وري صحت جون سهولتون مھيا ڪري سگهيا آھن نه ئي نوجوانن کي روزگار ڏنو اٿن. سڄي سنڌ ۾ انفرااسٽرڪچر تباهھ حالت ۾ آھي. ايتري قدر جو پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا آھن. شھري آبادي جا ماڻھو گٽر مليل پاڻي واپرائن ٿا ته ٻهراڙي ۾ جر جو سينکي مليل کارو پاڻي عام ماڻھو پيئن ٿا. عام عوام لاءِ مليل بجيٽ جا ڪوڙا وائچر ٺھرائي سمورو مال کائي ٿا وڃن. جنهن جو تازو مثال سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني مال کائي وڃڻ جي ڏوھه ۾ نيب ھٿان گرفتار ٿيو ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام آھي. ھي دولت شهرت ۽ اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي نشي ۾ سموري سنڌ جو سودو ڪري چڪا آھن جنهن ۾ سنڌي سمنڊ جي ٻيٽن کان ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ٿر جي ڪوئلي تائين انهن جي راضپي جا سگنيچر لڳل آھن. ھي بليڪ ميلر عام عوام کي ته دوکو ڏين ٿا پر جڏھن پنهنجي آقائن کان ڪن معاملن تي دڙڪو ايندو اٿن ته يڪدم وڏا مها انقلابي ٿي سنڌ جي به ڳالھه ڪندا آھن ته اقتدار نه ڏنو ويو ته ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور ٿي وينداسين، پر حقيقت ۾ اهو آقا کي بليڪ ميل ۽ عوام کي جذباتي ڪرڻ جو ڍنگ آھي.
ٻئي پاسي وري قومي تحريڪ اندر شخصيت پرستي جو رجحان انتھائي زور وٺي ويو آھي جتي ون مين شو وارو فارمولو مسلسل ھلندو اچي، ھڪ ئي شخص ڪرتا ڌرتا ھجي ۽ نئين ڪيڊر کي ڪو به اسپيس نه ھجي ۽ انقلاب جي ڳالھه به ڪجي ته يقينن ڳالهھ سمجهھ کان ٻاھر آھي. ھر دور جا پنهنجا جدا جدا تضاد ٿيندا آھن، نون تضادن کي سمجهڻ لاءِ به تازن ذھنن جي ضرورت ٿيندي آھي پر ھتي رجعت پرستي ۽ شخصيت پرستي نئين ڪيڊر جا سمورا رستا بند ڪري چڪا آھن جنهن جو نقصان اسان کي وڏو رسيو آھي.
جيڪڏھن کاٻي ڌر ڏانھن ڏسجي ٿو ته اھي به پنهنجو پاڻ کي مها انقلابي سمجهن ۽ سڏرائين ٿا پر مها انقلابي طبقاتي سرڪل کان ٻاھر پير نٿا رکن انهن جو خيال آھي ته قومي معاملو ڪو معاملو آھي ئي ڪونه انهن کي صرف سرمائيدارن سان ويڙھه ڪرڻي آھي اھا به ھڪ خاص سرڪل ۾. عمل ڪو به نه ڪرڻو آھي ڇو جو انهن کي اجازت ئي ايتري آھي.
ھر طرف تباھي بربادي ظلم ۽ جبر ڦرلٽ لاقانونيت سياست ۾ فريب دوکا غلط بيانيا عام ماڻھن کي وڌيڪ ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آھي، اسان اھي حالتون ڏسي خاموشي ۾ ماٺ ڪري ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button