ڄمڻ کان مرڻ تائين وهي جي واٽ تي وکون وڌائيندڙ هر ساهسي کي وچ رستي تي ڪيترين ئي بيمارين جون بلائون ڏنگينديون آهن. ٻيا ساهوارا بي زبان هوندي پيڙائن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي موت کي ڀاڪرن ۾ ڀريندا آهن ۽ انسان ويچارو شعوري سگهه سهاري وبائن جي واسينگن کان پاڻ بچائڻ لئه ويڄن ۽ طبيبن وٽ ويندو آهي جيڪي پنهنجي وس ۽ وت آهر وسيلو بڻجي انسان جي درد جو دارون ڪندا آهن. وبائن ۽ ويڄن جي تاريخ ڪائنات جي وجود جيتري پراڻي آهي زمانن جي تبديلين سان گڏ بيماريون بدلجنديون رهيون آهن ۽ سندن ڦڪين ۾ ڦيرو ايندو رهيو آهي ۽ طبيبن جا تپاسڻ وارا طريقا به تبديل ٿيندا رهيا آهن. تاريخ ۾ اهڙن مسيحائن جو به ذڪر ٿيل آهي جن جون آڱريون اسٽيٿواسڪوپ ۽ اکيون ايڪسري مشين جو ڪم ڪنديون هيون سندن شفا خانن ٻاهران لڳل تختين تي سندن نالن هيٺيان شد مد سان ڊگرين جا نالا قطعي ڪونه لکيل هوندا هيا پر انهن ڊاڪٽرن جا نانءُ ئي ڊگريون هوندا هيا. هو مريضن سان شفيقن جيئان پيش ايندا هئا ۽ سندن قربت جو ڪمال اگهي لاءِ اڌ اعلاج مثل هوندو هو. سندن تجربو ۽ علم کين ڀَري گورين جي لکڻ کان روڪيندو هو بس مرض مطابق پنهنجي دواخاني ۾ رکيل مڪسچر مان مريض کي معمولي معاوضي عيوض دوا ڏيئي روانو ڪندا هئا يا وري هڪ ٻه وڙ دوائن جا لکي ڏيندا هئا.
اهڙن ئي موڪلاڻي ڪري ويل انسان دوست ميسحائن جي مالها جو هڪڙو موتي ڏيپي ميگهواڙ جي شهر ڏيپلي ۾ حياتي جون آخري گهڙيون اڪيلائي مان گهاري پيو، جنهن محبوب ماڻهو وٽ روزانو سوين ناچاڪ وجود پنهنجي چاڪائي جي تمنا کڻي ايندا هئا.
لکين مريضن کي صحتيابي جي سوغات ارپيندڙ ٿرين جي ان مسيحا کي ٿريا ڊاڪٽر حاجي شفيع جي نانءُ سان سڃاڻين ٿا توڙي جو هو پاڻ اڪيلائي جي عذاب ۽ پيري جي پريشاني سبب بيماري جي بستري تي عمر جون آخري هڏڪيون کڻي رهيو آهي پر سندس نالي کڻڻ سان اڄ به هزارين چپن مان دُعائن جا پوپٽ اُڀ ڏي اڏرڻ لڳن ٿا. هن مرد قلندر جي پوري ڄمار اگهين جو آڌار ٿيندي گُذري آهي هن پنهنجي پيشي سان عشق به ڪيو آهي ۽ عبادت به….! ڊاڪٽر شفيع ميمڻ جي انهي نرالپ کيس مسيحائن جي هيڏي وڏي هجوم مان منفرد ۽ يگانو بڻايو آهي جو هُن پنهنجي مريض کي ڪڏهن به اجاين ميڊيڪل ٽيسٽن جي چڪر ۾ ليبارٽرين ڏانهن ناهي ڊوڙايو. هو نه صرف ماهر نبض شناس رهيو آهي پر انهي سان گڏ ماڻهن جي مزاجن جي علم جو به وڏو پارکو آهي.
هُن جي هٿ جڏهن به مريض تپاسيو ته اهو قطعي خيال نه ڪيو مريض هزار ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي يا ڪالهوڪو لانگهيل؟ ڪيريئر دوران ڪنهن به وڏي ماڻهو جي پرواهه نه ڪندڙ هن اڏول شخص متعلق ٿريا قصا ۽ ڪهاڻيون ايئن ٻڌائيندا آهن جيئن يونان جا ماڻهو پرديسين کي ديومالائي داستان سڻائيندا هئا. بطور ميڊيڪل آفيسر مُلڪ جي مختلف ماڳن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر شفيع ميمڻ هر وستي ۽ واهڻ ۾ پنهنجي لاءِ دعائن جا هزارين هٿ اُڀا ٿيندي ڏٺا ۽ انهي حسين ماضي جو ذڪر ڪندي سندس اکيون اڄ به ڏُک ۽ خوشي مان اشڪبار ٿي پون ٿيون. سندس ڏيل ڏُک جي ان ڏونگر به ڏاري وڌو آهي جو کيس خالق اولاد جي نعمت کان محروم رکيو آهي.
تندرستي دوران مريضن مان اولاد جون سڪون لاهيندڙ هن سدابهار شخص تي تنهائي جڏهن طعنن جا تير وسائي ٿي ته هو روز هزارين موت مري ۽ جيئي ٿو. پر سندس چپن جي ڍنڍ تان ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت يا ميار جا سارس نٿا اُڏرن. مايا جي پنجوڙ ۽ ملڪيت ميڙڻ جي ڏانوڻ ۾ ڦاسجڻ کان بچي ويل هن جهور جهوني سڄي ڄمار مفت ۾ يا معمولي فيس تي انهن هزارين ماڻهن کي موت جي مُنهن مان ڪڍي حياتي جي هنج حوالي ڪيو جن کي مُلڪ جي مشهور ادارن جي ماهر ڊاڪٽرن لا اعلاج ڪري روانا ڪيا.
پنهنجي پينشن کان وٺي زندگي جي ڪُل ڪمائي مسڪينن حوالي ڪندڙ هن ديومالائي ڪردار سان وابسته وڏڙن کان ٻُڌل ڪافي ڳالهيون منهنجي هانءُ ۾ هُرن ٿيون دل چاهي ٿي اوهان سان اوري ڇڏيان. ارباب حاجي الهڙجئي جي خاندان سان عقيدت جيتري عزت ڪندڙ ڊاڪٽر شفيع ميمڻ هڪڙي ڏينهن ارباب عطاءُالله سان ملڻ کيتلاري ويو ته سڄي ڳوٺ ۾ لڪڙتار ڦهلجي وئي مريضن جو ميڙ وڃي ارباب جي اوطاق تي ڪٺو ٿيو. ڊاڪٽر شفيع کي جيئن ئي ٻاهرين ماجرا جو پتو پيو ته يڪدم ٻاهر اچي بيمارن کي تپاسڻ لڳو. مريض ڏسندي سندس نظرون پرتي ويٺل نوجوان تي پيون کيس اشارو ڪري ڀر ۾ ويهاريائين نبض تي آڱريون رکندي کيس پيشاني تي پگهر اچي ويو. نوجوان جي مائٽن کان پڇيائين هن ڇوڪري کي ٻه ٽي مهينا پهرين ڪُتي ڪونه کاڌو آهي؟ وارثن وراڻيو بلڪل سائين ٽي مهينا پهرين ڪتي چڪ هنيو هئس. ڀر ۾ ويٺل ارباب عطاءُالله ڏانهن نهاري چيائين 24 ڪلاڪن ۾ اگر ڦلاڻي سُئي کيس لڳي وئي ته هي جوان بچي سگهي ٿو. ارباب پنهنجي ڊرائيور کي سڏي چيو وڃ حيدرآباد يا ڪراچي جتي ملي هي انجيڪشن آڻي ڏي قدرت جا فيصلا به عجيب هوندا آهن وڏي ڪوشش کانپوءِ انجيڪشن ته ملي وئي پر واپسي ايندي حيدرآباد ويجهو ڪنهن احتجاج سبب ٽرئفڪ بند ٿي وئي ۽ مقرر وقت ميرپورخاص وٽ ختم ٿي ويو ۽ هُتي چوويهه ڪلاڪن کان پوءِ نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هن قسم جو ڊائگنوس ڪرڻ ۽ اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏڻ هر ويڄ جي وس ۾ ناهي هوندو.
آئون هڪڙي ڊرائنگ ٽيچر کي سڃاڻان جنهن مونسان پنهنجو تجربو ونڊيندي چيو ته هڪڙي دفعي مونکي ڪنڌ ۾ اچي شديد سور پيو صفا مرڻ هليس ڀرپاسي جي ڊاڪٽرن وڏا وس ڪيا پر سُور جي شدت ويرو وير وڌندي وئي نيٺ مايوس ٿي ڏيپلي ڊاڪٽر شفيع وٽ وياسين. وٽس وڏي رش هجي ۽ منهنجي به رڙ ئي نه بند ٿئي مريض تپاسيندي ڪڙڪ آواز ۾ سڏ ڪيائين ته رڙهي وڃي ويجهو ٿيس ٿورڙي پڇا ڳاڇا ڪري چيائين قميص مٿي ڪر ۽ قلم سان منهنجي ڪرنگهي واري هڏي تي گول نشان لڳائي چيائين هن هنڌ تي پاڻي ڀرجي ويو اٿئي، ڪنهن سُٺي سرجن کان ڪڍرائي وٺج تيستائين هي گوري کائج سور ختم ٿي ويندئي. مون سوچيو بغير ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ جي ڪيئن خبر پئجي ويس ته پاڻي ڀرجي ويو آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ وڃي جناح اسپتال ڪراچي مان نڪتس سرجن ٽيسٽون ڪرايون ايڪسري ٿيو ۽ ڊاڪٽر شفيع جي نشاندهي ڪيل نشان وٽان جڏهن پاڻي ڪڍيائون ته منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ ٿڌن ساهن سان گڏ ڊاڪٽر شفيع جي ساراهه ۾ چپ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا ته مار هنن ڊاڪٽرن هزارين رپيا خرچ ڪرائي پوءِ اهو راز پروڙيو جنهن جو پتو مفت ۾ ٿر جي مسيحا ٻڌايو هئم.
ڊاڪٽر شفيع هونئن ته سخت مزاج ۽ نرم دل رکندڙ انسان آهي اڪثر طور تي پنهنجي ڌُن ۽ ڪرت ۾ مصروف رهڻ دوران کل ڀوڳ نه ڪرڻ برابر ڪندڙ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو منفرد مزاح ڪري وجهندو آهي جو ماڻهو کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجيو وڃن. ڊاڪٽر جي صحبت ۾ رهندڙ ڏيپلي جي هڪڙي پيرسن ٻڌايو ته هڪڙي دفعي آئون حاجي شفيع وٽ ويٺو هئس تيستائين هڪ همراهه ڊاڪٽر وٽ چڪاس ڪرائڻ آيو ڪپڙا صفا ميلهاڻا وارن ۾ چيڙهه پيل اسان ڏسندي پرکيوسين ته همراهه کي وهنتي ڪي ڏينهن ٿيا هوندا، بخار ۾ سندس هڙٻاٽيون پئي ڏڪيون ڊاڪٽر شفيع کائنس پُڇيو بابا ڇا ڪندو آهين؟ بخار ڪڏهن آيو اٿئي؟ سائين ڍڳيون چاريندو آهيان اڄ ڏهون ڏينهن آهي ٻَري صفا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن.
ڊاڪٽر پرچي تي ڪجهه لکي مريض سان گڏ آيل شخص کي ڏئي چيائين هي دوائون استعمال ڪجو مُڙس مرندو ڪونه. اهو پرچي کڻي جيئن سامهون ميڊيڪل اسٽور تي پهتو ته اسٽور واري جا ٽهڪ اسان جي ڪنن جا پردا ڦاڙڻ لڳا ڊاڪٽر به ٿورڙو مُرڪيو ۽ آئون ٻاهر هليو ويس. اسٽور وارو کلندي کلندي چئي رهيو هو هن پرچي تي دوا ٻوا ڪجهه ڪونهي لکيل، بس اهو لکيل آهي ته ٻه بالٽيون پاڻي جون صبح سان ۽ ٻه شام ٽاڻي مريض مٿان هاريو، پاڻهي چڱو ڀلو ٿي ويندو.
اڃان به ڪيئي اهڙيون مزيدار ۽ عجيب ڳالهيون آهن جيڪي لکجن ته ڪتاب پورو ٿي وڃي. لکين بيمارن کي چاڪ ڪندڙ ڊاڪٽر شفيع ميمڻ هينئر پاڻ ناچاڪ آهي پاڻ کان ايترو ضرور پهچي سگهي ٿو جو هن عظيم انسان جي صحتيابي لاءِ پالڻهار در دعائن جا ٻه ٻُڪ کڻون.