ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خبيرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ کي مليل شڪست

Editorial- Article- Akhtar Hafeez

نيٺ پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کي شڪست ٿي آهي، هو ان شڪست جو سبب مهانگائي ٻڌائي ٿو. ڪي پي ڪي ۾ ٿيل هاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ جي يو آءِ ( (ف) پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي سوڀاري ٿي وئي آهي. مڪاني چونڊن جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 15 جڏهن ته اپوزيشن 26 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ سوڀ ماڻي آهي.
مڪاني چونڊون ايندڙ چونڊن جي مشق آهي. هن وقت جيڪا حڪومت جي حالت آهي، ان مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ايندڙ سال به چونڊون ٿي سگهن ٿيون. پر في الحال اڃا ان جو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي. اهو ان ڪري نه ٿي سگهيو آهي جو لنڊن ۾ اڃا ڳالهيون جاري آهن. جهڙي ريت نواز شريف کي اقتدار مان لاهي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ هڪ لنڊن پلان تيار ڪيو ويو هو ۽ تبديليءَ جي ڪوڙي نعري هيٺ ماڻهن کي گڏ ڪري انهن کي اشتعال ڏياري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي وارا چور آهن، ان ڪري انهن کي ووٽ نه ڏنو وڃي بلڪه پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو وڃي. اهڙيءَ ريت هاڻ وري لنڊن پلان تيار ڪيو ويو آهي، پر فرق رڳو ايترو آهي ته ان ۾ ڪنهن ڪوڙي تبديليءَ جو خواب ناهي.
پي ٽي آءِ وارو تجربو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو وري نواز شريف ڏانهن واجهائي رهي آهي. ان ڪري جو پي ٽي آءِ نه رڳو معاشي محاذ تي ناڪام ٿي وئي پر اها سياسي ۽ سفارتي محاذ تي به مڪمل ناڪام وئي آهي. هونئن ته هتي ڪابه حڪومت ملڪي معاملن جي حوالي سان ايتري آزاد نه هوندي آهي ۽ نه ئي اها سفارتي طور آزاد فيصلا ڪري سگهندي آهي پر پي ٽي آءِ ته اڳيون سوجهرو ئي چٽ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري فوج کي معاملا حل ڪرڻا پيا. پر جيڪڏهن ڪا حڪومت انتظامڪاريءَ جي هر شعبي ۾ ناڪام وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ۾ ايتري اهليت ئي ناهي جو اها معاملن کي بهتر انداز ۾ حل ڪري سگهي ۽ ان کانسواءِ ايندڙِ وقت لاءِ ڪي اهڙيون رٿائون به ڏئي سگهي، جن سان عوام جو ڪجهه ڀلو ٿي سگهي.
هن وقت جيڪي نتيجا خيبرپختونخوا ۾ آيا آهن، ان کان به خراب نتيجا پي ٽي آءِ لاءِ ٻين صوبن ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ سان ائين ڇو ٿيو يا ائين ڇو ٿيندو؟ ان جا ڪجهه اهم سبب آهن.
پي ٽي آءِ جڏهن “ڪمپني بهادر” جي مدد سان هارايل چونڊون کٽي آئي ته کيس يقين ڏياريو ويو ته 10 سال اوهين اقتدار جا مزا ماڻيندا بس اسان کي ڪجهه نه چئو ۽ نواز ليگ توڙي پيپلز پارٽي مخالف بيانيي کي هوا ڏيندا رهو ۽ ان کانسواءِ ان جي ايتري مخالفت ڪريو جو عوام ٻنهي پارٽين کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.
نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي سياسي طور اڪيلو ڪرڻ لاءِ جيڪا مدد پي ٽي آءِ کي گهربل آهي، سا اسٽيبلشمينٽ فراهم ڪندي ۽ انهن تي ڪوڙا ڪيس ڪري نيب جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي سياسي طور پريشان ڪيو وڃي.
احتساب جي نالي ۾ سياسي پارٽين کان حساب وٺڻ لاءِ انهن جي تذليل ڪريو ته جيئن جتي ڪٿي انهن جي خواري ٿئي.
ميڊيا جي نڙيءَ تي ننهن ڏيو ۽ ان کي ايترو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو جو حق سچ جي ڳالهه ته پري رهي پر حڪومت جي ڪنهن ڪوتاهيءَ جي خبر ۾ ڪنهن چينل تي نه هلي.
پر انهن سڀني حربن جي باوجود به نه پيپلز پارٽيءَ کي سياست مان اسٽيبلشمينٽ تڙي سگهي ۽ نه ئي نواز شريف جي سياسي اهميت کي گهٽائي سگهي. بلڪه وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو ثابت ٿي ويو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي هن ملڪ جي سياست مان ڪڏهن به مائينس نٿيون ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪئين سياسي ۽ معاشي معاملا اهڙا آهن، جن کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ انهن پارٽين وٽ ڪجهه بهتر ٽيم آهي. پر جيڪڏهن سياست مان انهن پارٽين کي رڳو ان ڪري ٻاهر ڪڍڻو آهي جو اهي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن کتي پورو نٿيون ڪن ته پوءِ ملڪي صورتحال اهڙي ئي ٿي سگهي ٿي، جهڙي هن وقت ٿي رهي آهي. سو معاملو رڳو پي ٽي آءِ جي نااهليءَ جو ناهي پر ملڪي معيشت جي تباهي ۽ ان کان به اهم ترين معاملو اسٽيبلشمينٽ جي انهن مفادن جو آهي، جيڪي پڻ داءُ تي لڳي چڪا آهن. جڏهن ملڪي معيشت ئي جٽادار نه هوندي ۽ سرمائيداري نه ايندي ته پوءِ اهي ڪم به نه ٿي سگهندا، جن لاءِ پي ٽي آءِ جهڙي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو ويو هو.
پي ٽي آءِ ڪوڙن انگن اکرن وسيلي عوام کي ته بيوقوف بڻائي سگهي ٿي پر جيڪي رپورٽون شايع ٿين ٿيون يا جيڪي انگ اکر مختلف ادارا پيش ڪن ٿا، انهن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته سچ سامهون اچيو وڃي ۽ نتيجي ۾ اها خبر پئجو وڃي ته پي ٽي آءِ عوام سان ڪهڙي ريت دوکو ڪري رهي آهي. هن وقت ملڪ معاشي طور تباهي ڪناري پهتل آهي ۽ عوام مهانگائي سبب پريشان لڳو پيو آهي، ان وقت به عمران خان نيازي کي افغان عوام جي ڳڻتي لڳي پئي آهي. سندس تازي بيان مان ائين لڳي رهيو آهي ته هو افغان عوام جي ڏک ۾ ننڊ به نٿو ڪري. سندس چوڻ آهي ته افغان عوام کي افغان طالبان کان الڳ ڏسڻو پوندو. دنيا کي داعش جي خطري کان بچڻو آهي ته افغانستان کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. افغان صورتحال تي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي، جيڪڏهن اڃا به صورتحال تي اکيون بند ڪيون ويون ته انساني الميو جنم وٺندو. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ افغانستان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا ۽ افغانستان جي حالتن سبب سڀ کان وڌيڪ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو. 41 سالن کانپو پاڪستان ۾ ڪوٺايل او آ ءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 41 سالن کانپوءِ او آءِ سي جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، معزز مهمانن کي شرڪت تي پاڪستان ڀليڪار چئي ٿو. هن چيو ته جيتريون ڏکيائيون افغانستان برداشت ڪيون آهن، ايتريون ڪنهن به ناهن ڪيون. افغانستان 4 ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني جانيون ضايع ٿيون. عمران خان چيو ته افغانستان ۾ سالن جا سال ڪرپٽ حڪومتون رهيون، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. بئنڪن جو نظام ٺيڪ ناهي، اتي هن وقت صورتحال انتهائي سنگين آهي. افغانستان ۾ عورتن ۽ انساني حقن جي معاملن کي حساسيت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ اسان جي مذهبي ذميواري آهي. فوري ايڪشن کڻڻو پوندو، هي افغانستان جي بقا جو سوال آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي عوام جي فوري طور مدد ڪرڻي پوندي. هڪ مضبوط افغانستان ئي خطي ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اميد آهي ته او آءِ سي افغان امن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. فلسطين ۽ ڪشمير جو عوام به اسان ڏانهن ڏسي رهيو آهي، اسان کي هر فورم تي انهن لاءِ به آواز اٿارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا اهم مسئلو آهي، نائن اليون کانپوءِ اسلامو فوبيا جي لهر ۾ شدت آئي. اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ حقيقت جي ابتڙ آهي، ڪو به مذهب دهشتگرديءَ جي اجازت ناهي ڏيندو.
هاڻ پرامن افغانستان پاڪستان لاءِ ضروري ٿي پيو آهي پر اصل ۾ پرامن افغانستان ته ان وقت ضروري هو، جڏهن آمر ضياءُالحق ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ هتان جهادي موڪليا هئا ۽ ان کي اسلام جي بقا جي جنگ قرار ڏنو هو. افغانستان بابت ڳڻتي ڪندڙ وزيراعظم کي جيڪڏهن ٿوري به ڳڻتي هن ملڪ جي عوام جي هجي ته اڄ عوام جي حالت اهڙي نه هجي ها، جيڪا هاڻي آهي. پر جيئن ته دنيا کي اهو ڏيکارڻو آهي ته اسين دنيا جو درد دل ۾ رکون ٿا، ان ڪري افغانستان واري مسئلي کي ڇيڙي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ اسين حاضَر آهيون.
پي ٽي آءِ جو منطقي انجام نيٺ به (ق) ليگ جهڙو ئي ٿيڻو آهي. هن وقت جيڪي آزاد اميدوار يا ٻيا نمائندا پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن، اهي سياسي هوائن جي تبديليءَ کانپوءِ ان جو حصو نه رهندا. ان ڪري ڪي پي ڪي ۾ آيل شڪست جي آئيني ۾ پي ٽي آءِ پنهنجو چهرو ڏسي وٺي ته کيس خبر پئجي ويندي ته سندس منهن تي عوام سان ڪيل ناانصافين ۽ ڏاڍاين جي ڪارنهن مليل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button