ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

افغانستان تي مڙهيل فاقن جو موت

اسلام آباد ۾ افغانستان بابت 57 ملڪي اسلامي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ 20 ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کان سواءِ آمريڪا، چين، روس، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن علامتي سفارتي شرڪت ڪئي. البت اسلامي ڪانفرنس جا اهي پنج وچ ايشيائي ملڪ (قزاڪستان، ڪرغيزيه، ازبڪستان، تاجسڪتان، ترڪمانستان) جن جون سرحدون افغانستان سان ملن ٿيون، انهن دهلي ۾ ٿيندڙ ڀارت وچ ايشيا سهڪار ڪانفرنس ۾ شرڪت کي وڌيڪ اهم سمجهيو. پنجن ملڪن جي سربراهن کي ڀارت 26 جنوريءَ تي يوم جمهوريه ۾ بطور خاص مهمان دعوت ڏني آهي.
اسلام آباد ۾ 7 رياستي ۽ عالمي نمائندن جي 21هين نقاطي مبهم همدرداڻي امدادي وعدا ۽ خاطريون پنهنجي جڳهه تي پر اصل گيم طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ آهي. آمريڪا جي خيال ۾ طالبان کي عالمي معيار جي بنيادي سڌارن تي مجبور ڪرڻ لا لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر جي افغان خزاني جي امانت کي منجمند ڪرڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ ته مالياتي ٻانهن مروڙڻ بنا طالبان عالمي اميدن کي سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا. البت آمريڪي ڪانگريس جي 30 ميمبرن هڪ خط ۾ بائيڊن انتظاميه کي درخواست ڪئي آهي ته افغان عوام جي مدد لا مالياتي اثاثا غيرمنجمند ڪيا وڃن.
طالباني حڪومت کي اميد آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بک ۽ سي ۾ ڏڪندڙ هزارين افغان عالمي سرحدن جا ليڪا پار ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا ۽ عالمي ميڊيا ۾ بکايل معصوم ٻارن جون تصويرون ڇپجڻ شروع ٿي وينديون ته اولهه جي ملڪن جي را عامه پنهنجي پنهنجي حڪومتن تي وڌيڪ دٻا وجهندي ته توهان جي ويڙهه ته طالبان سان آهي پر پوڻا ٽي ڪروڙ افغانين جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جو 40 سالن کان اهي مصيبتون سهڻ کانپوءِ به انهن تي بک جو موت به مڙهيو پيو وڃي. چاهيندي نه چاهيندي پوءِ عالمي امداد اچڻ شروع ٿي ويندي ۽ طالبان انهن سڌارن کان به بچي ويندا جنهن جي گهرجاءُ عالمي برادري آهي. ڄڻ سياسي ۽ سفارتي بحران جو حل انساني بحران پاڻمرادو ڪڍي وٺندو.
ٿي سگهي ٿو ايئن ئي ٿئي پر اهو خطرو به آهي ته عالمي برادري افغانستان کي يمن وانگر اڪيلو ڇڏي ڏيندي، جتي سعودي ڪاوڙ جي خوف سان ٻين ملڪن ۽ عالمي اين جي اوز کليل نموني امداد نه پيون ڪري سگهن ۽ افغانستان ۾ آمريڪي رضامندي کان سواءِ ڪا به اولهه جي حڪومت يا عالمي مالياتي ادارو پنهنجي پر امدادي ڪوششن ۾ ٽپي پوڻ نه پيو چاهي. ان پسمنظر ۾ پاڪستان جي سفارتي ۽علائقائي پوزيشن سدائين وانگر نازڪ موڙ تي آهي. جيڪڏهن هو بين لاقوامي برادري جي اتفاقي راءِ واري دائري کي توڙي طالبان حڪومت جي سڌي ريت مدد ڪري ٿو ته ان کي عالمي سطح تي وڌيڪ اڪيلو ٿيڻ جو خدشو آهي.
پاڪستان جون پنهنجيون اقتصادي حالتون به اهڙيون آهن جو مٿان مٿان پنهنجي افغان امداد پاليسي جوڙڻ جي قابل ڪونهي. البت بک جي حقيقي خطري کي منهن ڏيندڙ افغانين تائين ترت بنيادي مدد نه پهچي ته پوءِ پاڪستان لکين نون لاچارن لاءِ اڻ اعلانيل مدي لاءِ پنهنجيون سرحدون بند نه رکي سگهندو. ڄڻ پاڪستان طالبان جي فتح جي شروعاتي خوشي ملهائڻ کانپوءِ هاڻي پاڻ کي پنجوڙ ۾ محسوس ڪري رهيو آهي. افغان انساني بحران بم جي ٽڪ ٽڪ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. جنهن ملڪ جي 75 سيڪڙو قومي بجيٽ پنجن مهينن تائين عالمي امداد جو محتاج هئي، ان جي پيرن هيٺيان اوچتو امدادي قالين سرڪي وڃي ته اهڙي حالت ۾ بهترين حڪومت به هوا ۾ هٿ پير هلائڻ کان سواءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهي.
طالبان 15 آگسٽ تي ڪابل ۾ داخل ٿيا ته هڪ ڊالر جو قدر 80 افغاني هو. اڄ ڊالر جي قيمت سوا سئو افغاني تائين آهي. پنج مهينا اڳ 5 ليٽر کاڄري تيل جو ڏٻو 7 سئو افغاني ۾ ملندو هو. اڄ اهو 18 سئو افغاني ۾ به مشڪل سان ملي ٿو. افغانستان ۾ ڪئين شهرين لاءِ ملازمت جو مطلب سرڪاري سيڪٽر جي ملازمت آهي. 70 سيڪڙو استاد ۽ ٻين سرڪاري ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن کان پگهار ناهي ملي.
صحت جو نظام اڳ به عالمي اين جي اوز جي رحم ڪرم تي هو، اڄ سرڪاري صحت نظام 90 سيڪڙو ڊهي پيو آهي. دوائن جو ڏڪار آهي ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب مريض خاص طور تي ڪمزور ۽ بيمار ٻارن جي انگ ۾ ٻيڻي اضافي سبب بسترن جي شديد کوٽ آهي. طبي عملو پگهار بند ٿيڻ جي ڪري گهر جو سامان وڪڻي گذارو پيو ڪري. تعليم کاتي جا 70 سيڪڙو ملازم گذريل ٽن کان پنجن مهينن دوران پگهار کان محروم آهن. لکين ٻار نٿا ڄاڻن ته اهي وري اسڪول ڪڏهن ويندا. بيروزگاريءَ جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. معيشت 30 سيڪڙو سُسي وئي آهي، پيسي جي کوٽ سبب عام ماڻهن جي خريداري واري قوت به گهٽجي وئي آهي. تنهنڪري ريزڪي دڪان جو ڌندو به ٺپ آهي. اڏاوتي ڪم معطل آهي ته بار ڍوئيندڙ مزدور ۽ ڀت اڏيندڙ رازو به هٿ تي هٿ ڏئي ويٺو آهي.
هڪ عام افغان خاندان سراسري ڇهن ماڻهن تي ٻڌل آهي. ان مان پنج جو دارومدار عام طور هڪ ئي ڪمائو پٽ تي آهي ۽ لکين ڪمائو پٽ ڪم کان محروم آهن. گڏيل قومن جي اندازي موجب 300 ملين افغان يعني اڌ کان وڌيڪ آبادي بک کي سهي رهي آهي. ان مان 21 ملين ماڻهن کي ترت انساني مدد گهربل آهي. گڏيل قومن ان خبر کي ڀليڪار ڪيو آهي ته عالمي بئنڪ جو افغانستان ري اسٽرڪچرنگ فنڊ ٽرسٽ ڊسمبر جي آخر تائين 280 ملين ڊالر گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف) ۽ عالمي خوراڪ واري اداري جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو. نئين سال جي شروعات تي گڏيل قومون افغانين جي مدد لا ساڍا 4 ارب ڊالر جي امدادي اپيل جاري ڪرڻ واري آهي. فقط هڪ شعبو اهڙو آهي جنهن کي زوال ڪونهي، يعني منشيات جي پيداوار ۽ واپار. جيتوڻيڪ ٻيون ڀيرو اقتدار ۾ ايندي ئي طالبان منشيات جي فصل جي پوکائي تي پابندي لڳائي آهي. پر فاقن جي ڪري عام طور ماحول ۾ اهي ان پابندي تي عمل ڪرڻ لا ناڪام ويا آهن. تنهنڪري هن وقت افغانستان ڪرسٽل ميٿ (ايمفيٽامين) جي 80 سيڪڙو عالمي پيداوار جو مرڪز ٿي چڪو آهي.
بي بي سي موجب هلمند ۽ قنڌار صوبا ڪرسٽل ميٿ جي پيداوار جا اهم مرڪز آهن. هلمند جي فقط هڪ ضلعي ۾ لڳ ڀڳ 500 منشياتي فيڪٽريون روز 3 هزار ڪلوگرام ڪرسٽل ميٿ تيار ڪري رهيون آهن. هر فيڪٽري 50 کان 70 ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿي ۽ ايفنڊرا نالي جڙي ٻوٽي گهڻي مقدار ۾ آهي. انهي مان ايمفيٽامين تيار ٿئي ٿي. هن وقت 100 ڪلو ڪرسٽل جي عالمي منڊيءَ ۾ قيمت 2 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. ڪرسٽل ميٿ جي عالمي کپت هيروئن جي طلب کي به گهٽائي ڇڏيو آهي. ان جو اهو مطلب بلڪل ڪونهي ته افغانستان هيروئن جي پيداوار ۾ سر فهرست ناهي رهيو. اعلى قسم جي هيروئن جي سرحد پار قيمت 2 لک روپيا في ڪلو کان وڌيڪ آهي. اهو ئي ڪلوگرام برطانيا پهچندي پهچندي 1 ڪروڙ 56 لکن جو ٿي ويندو آهي.
منشيات جي واپار تي نظر رکندڙ اهم برطانوي ماهر ڊاڪٽر ڊيوڊ مينسفيلڊ جو اندازو آهي ته گذريل سال طالبان پنهنجي اثر هيٺ علائقن ۾ منشيات تي ٽئڪس ذريعي 35 ملين ڊالر وصول ڪيا. نئين طالبان حڪومت بنا غيرملڪي امداد پنهنجي پهرئين قومي بجيٽ تيار پئي ڪري، ظاهر آهي ته فقط ڪسٽمز ۽ درآمد برآمد تي ڊيوٽي وڌائڻ سان ته نئين بجيٽ جو پيٽ ڀرڻ کان رهيو. تنهنڪري آمدنيءَ جا ٻيا موقعا به انهيءَ جي ڌٻڻ ۾ تيزيءَ سان گم پيا ٿين. ان لاءِ آفيم جي ايندڙ فصل جي پوکائيءَ به بي فڪريءَ سان جاري آهي، جيئن عالمي منڊيءَ جي 80 سيڪڙو گهرج پوري ڪري ته ڪٿان نه ڪٿان پئسو آڻي. طالبان ترجمان بلال ڪريمي بقول جيستائين اسين هارين کي متبادل فراهم نٿا ڪريون، تيستايئن اسين ڪنهن به قسم جي پوکائي ڪئين ٿا روڪي سگهون. هاري چون ٿا ته جيستائين عالمي برادري مدد نٿي ڪري تيستائين جيئرو رهڻ لا ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي.
مفلسي حس لطافت ڪو مٽاديتي هي
ڀوڪ آداب ڪي سانچون مين نهين ڍل سڪتي
(ساحر لڌيانوي)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button