ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راهوڪي ٿاڻي ۾ نوجوان جو قتل

Editorial

پوليس ٿاڻي اندر ڪنهن ملزم کي مارڻ يا پوليس ٿاڻي کان ٻاهر ڪنهن ڏوهاري کي گوليون هڻي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائڻ سنڌ پوليس لاءِ عام ڳالهه آهي. عوام سدائين پوليس کان تحفظ گهرندو آهي پر تحفظ ته پري رهيو، ان کي سدائين پوليس هٿان مار يا انهن جي وارثن کي سندن لاش ملندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهن جو پوليس تي ويساهه ناهي رهيو پر اهو پوليس کان خوفزده به هوندو آهي، پر پوليس کي ان جي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ڪندي رهندي آهي. پوليس ٿاڻي ۾ ڪنهن ملزم جو قتل ڪري ان کي اوچتو موت ڄاڻائڻ به پوليس لاءِ هڪ عام ڳالهه آهي. پر ڇا قانون کان مٿانهين قتل جو ڪوبه داد فرياد نه ڪيو ويندو. پوليس تي ڪنهن به قسم جو ڪو قانون لاڳو نه ٿيندو آهي؟ يا پوليس کي وردي پاتل آهي، ان ڪري ان کي هر خون معاف آهي. ٻه ڏينهن اڳ راهوڪيءَ ۾ به اهڙو ئي واقعو پيش آيو آهي.
ٽنڊوآدم مال پڙي مان چوري شڪ ۾ کنڀي آندل ڊاٽسن ڊرائيور راهوڪي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ تشدد ۾ قتل ٿي ويو، ايس ايڇ او عملي سميت فرار ٿي ويو. 5 اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل. خبر موجب راهوڪي پوليس گذريل ڏينهن ٽنڊوآدم ۾ هلندڙ مال پڙي ۾ ڇاپو هڻي ڊاٽسن ڊرائيور حنيف ڪاتيار کي چوري شڪ ۾ گرفتار ڪري کڻي اچي لاڪپ ڪري ڇڏيو هو، جتي رات دير سان تشدد سبب قتل ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي ڊي ايس پي ٿاڻي تي پهچي لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پهتو ته ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جنهن کانپو ايس ايڇ او اقبال عباسي عملي سميت ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي ويو. هوڏانهن مقتول حنيف ڪاتيار جي وارثن کي پوليس فون تي اطلاع ڏنو ته نوجوان جي لاڪپ ۾ طبعيت خراب ٿي وئي هئي، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو هو، جتي هو فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ راهوڪي ٿاڻي تي غلام مصطفى عاقلاڻي کي مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لا مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ٿاڻي اڳيان مقرر ڪري وئي. جڏهن ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارث لاش کڻائي راهوڪي ٿاڻي تي پهتا، جتي هنن لاش رکي روڊ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي مقرر نئين ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ عاقلاڻي ملوث ايس ايڇ او ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ، کين گرفتار ڪرڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. جنهن کانپو مقتول حنيف ڪاتيار جي ڀاءُ انصاف علي ڪاتيار جي فرياد تي ايس ايڇ او محمد اقبال عباسي، 4 پوليس اهلڪارن سليمان سولنگي، خميسو نونداڻي ۽ ٻن نامعلوم اهلڪارن خلاف 302 ۽ 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول نوجوان جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ٽنڊوالهيار جي تعلقي جهنڊو مري جي مشائخ هوتي منتقل ڪيو ويو ته وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ٽنڊو ڄام علي رضا لغاري چيو ته راهوڪي ٿاڻي جو ايس ايڇ او اقبال عباسي خون ڪري فرار ٿي ويو آهي، ڪنهن رابطي ۾ ئي ناهي، ان ڪري سندس جا تي غلام مصطفي’ عاقلاڻي کي چارج ڏني آهي. فوت ٿيل جوابدار جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ کانپوءِ حقيقت جي خبر پوندي. جڏهن ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ سب انسپيڪٽر گلاب را ٻڌايو ته جوابدار کي ايس ايڇ او گرفتار ڪري آيو هو، ڪو تشدد ناهي ڪيو، جوابدار لاڪ اپ ۾ اوچتو فوت ٿي ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ڪيس جي صاف شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ان جاچ جي روشنيءَ ۾ قتل ۾ ملوث پوليس وارن خلاف ڪارروائي وڃي. ان کانسواءِ ٿاڻن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته اهي ڪنهن به ملزم تي ايترو تشدد نه ڪن بلڪه تشدد جي روايت کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ٿاڻن اندر قتل جي روايت ختم ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button