ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خساري واري معيشت

Editorial

گذريل ساڍن ٽن سالن کان عوام کي معيشت جي بحاليءَ جا آسرا ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڄ به ملڪ کي دنيا جو سستو ترين ملڪ سمجهي رهي آهي پر ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جا پنهنجا ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته ملڪي معيشت بهتر حالت ۾ ناهي بلڪه ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. جيڪڏهن واقعي به ملڪي معيشت بهتر حالت ۾ هجي ها ته ملڪ جي جي ڊي پي بهتر هجي ها، اسٽاڪ ايڪسچينج ائين ڪريش نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري عام ماڻهو وڌندڙ مهانگائي سبب پريشان هجي ها. عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نه رڳو ملڪ ۾ درآمد وڌي آهي پر پرڏيهي قرض به وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري عوام کي ڪوبه رليف ڪونه ملي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو معاشي ماهر پنهنجي راءِ بيان ڪري ٿو ته ان کي به حڪومت غلط قرار ڏئي ٿي. تازو شبر زيدي ملڪي معيشت جي باري ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو اهم آهي.
ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جي حوالي سان ڏنل بيان بابت چيو آھي تھ ھو پنھنجي بيان تي قائم آھي، ان کي لفظ ڪھڙو بھ ڏنو وڃي. هڪ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي هن چيو تھ ھن جيڪو بيان ڏنو ھو سو 35 منٽن واري تقرير جو ھڪ ٽڪرو ھو، مون جيڪو چيو سوچي سمجھي چيو. ھن چيو تھ آئون سمجھان ٿو تھ پاڪستان جا 2 بنيادي زاويا آھن، واپاري خسارو ۽ مالياتي خسارو، اھي ايندڙ مستقبل ۾ مونکي ٺيڪ ٿيندي نظر نٿا اچن، جيستائين توھان ان کي ري اسٽرڪچر نٿا ڪريو. شبر زيدي چيو تھ جڏھن کان پاڪستان ٺھيو آھي، ھڪ ٻن سالن کانسواءِ ڪرنٽ اڪائونٽ مثبت ناھي رھيو. هن چيو ته 2018ع ۾ واپاري خسارو 34 ارب ڊالر ھو. اسان مسلسل ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ھلندا آيا آھيون، جيڪا هاڻوڪي صورتحال آھي، ان حساب سان 2022ع جي پڄاڻي تائين بھ 12 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھوندو، اھو خسارو ايندڙ مستقبل تائين پورو ٿيندي نظر نٿو اچي. ان کي توھان جيڪو وڻي سو نالو ڏيو. هن چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف 20 ڀيرا بيل آئوٽ ڪيو آھي، بيل آئوٽ جو مقصد اھو ئي ھوندو آھي جيڪو مون چيو. شبر زيدي چيو تھ مالياتي خسارو واپاري خساري کان وڌيڪ آھي، اسان جي آمدني 6 ھزار 500 ارب رپيا ٿيندي، جن مان 3 ھزار 500 اين ايف سي تحت صوبن کي ڏينداسين. باقي بچيا 3 ھزار جن مان 2 ھزار 800 ارب وياج ۾ ڏينداسين، 17 کان 18 سئو ارب دفاع تي، 700 ارب وفاق جو خرچ، 400 ارب رڳو پينشن آھي. اھڙي ريت خسارو 4 ھزار ارب رپيا ٿئي ٿو، ان خساري سان ملڪ ڪيئن ٿو ھلي سگھي. مان تھ چوان ٿو تھ ٽيڪس وصوليون 8 ھزار ارب ڪريو، تڏھن بھ ملڪ نٿو ھلي سگھي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام کان حقيقتون لڪائڻ بدران ان کي سچائي ٻڌائي وڃي. ملڪي معيشت جي باري ۾ عوام آڏو انهن حقيقتن کي رکيو وڃي، جن کي ٻڌي حڪمران پاڻ به ڇرڪي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين پي ٽي آءِ حڪومت اهڙو ڪوبه ڪارنامو نه ڪيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي ڪو ٽيڪو آيو هجي. جيڪا معيشت رڳو آءِ ايم ايف جي سهاري هلندي هجي، ان سان عوام ۽ ملڪي ادارن کي پاڻڀرو نٿي ڪري سگهجي.

ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني اڏاوتون
ڪراچيءَ جا شهري سدائين پنهنجي شهر جي بدحالي جي شڪايت ڪندا آهن، پر انهن ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته شهر جيڪڏهن اڄ بدحال آهي ته ان بدحاليءَ جو سبب اهي پاڻ به آهن. ڪجهه سالن کان ڪراچيءَ ۾ حددخلين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، اهي سڀئي حددخليون ڪراچيءَ جي شهرين ئي ڪيون آهن. هاڻ جڏهن انهن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته احتجاج به شهري ڪن ٿا. تازو ئي شير شاهه واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي کان پوءِ اتان اڏاوتون هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ خبر پئي ته اتي ڪيتريون ئي غيرقانوني اڏاوتون قائم ڪيون ويون هيون.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ڪراچي جي علائقي شيرشاهه ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ نالي تي قائم غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ جو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه جي هدايت تي آپريشن جي نگراني پوليس ڪري رهي آهي. شيرشاهه ۾ تباهه ٿيندڙ بئنڪ جي پٺيان سائيٽ جون 15 کان وڌيڪ غيرقانوني اڏاوتون ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. روڊ جي ٻئي پاسي شيرشاهه بلاڪ ڊي ۾ به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. مرڪزي شاهراهه تي ٺهيل قلندري هوٽل کي ٽوڙيو پيو وڃي. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ان سان گڏ ئي البلال هوٽل جو ڪجهه حصو به نالي تي قائم آهي، جنهن کي به ڪيرايو ويندو. شيرشاهه بلاڪ ڊي ۾ جناح روڊ تائين 50 کان وڌيڪ غيرقانوني عمارتون نالي تي ٺاهيون ويون آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر مطابق نالي تي قائم عمارت جي الاٽمينٽ رد ڪئي وئي آهي، بچي ويل سامان ڪڍڻ کانپوءِ عمارت کي مڪمل ڪيرايو ويندو. ڳري مشينري جي مدد سان عمارت کي ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ جتي به ان قسم جون اڏاوتون قائم ڪيون ويون آهن، انهن کي اتان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته برساتن تُوڙي ٻين قدرتي آفتن ۾ ڪراچي واسين کي ئي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. تنهنڪري اها بهتر ڳالهه آهي ته انهن اڏاوتن کي هٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان ايندڙ وقت ۾ ڪراچيءَ لاءِ ماحول بهتر ٿي ويندو ۽ جتي به ناجائز اڏاوتون آهن، انهن کي هٽائڻ کان پوءِ عام ماڻهو حددخلين کان پڻ پاسو ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button