سنڌ کي ھن وقت ڪيئي مسئلا درپيش آھن پر ڌاري آبادڪاريءَ جو سوال تمام گھڻو اھم آھي، اھو سنڌ جي جاگرافيائي توڙي سنڌ ۾ رھندڙ اصلوڪن ماڻھن جي حق حڪمرانيءَ جي معاملي سان لاڳاپيل آھي. ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪري خطي جي ڊيموگرافي تبديل ٿئي ٿي ۽ ديس ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. ان کانسواءِ ان سان خطي ۾ فسادَ، بيروزگاري، بدحالي، وسيلن جي اڻاٺ جهڙا مامرا پڻ ڪُر کڻن ٿا. ان ڏس ۾ سامراجي رياست جي ڄاڻي واڻي واري ڌاري آبادڪاري وڌائڻ واري اهڙي عمل کي نوآبادياتي بيٺڪيت چئجي ٿو، جنھن ۾ سامراج قبضي ڪيل خطي جي ماڻهن جي مزاحمت کي ڪُچلڻ لاءِ يا ته ڌارين کي کڻي اچي آباد ڪندو آھي يا ته زور زبردستي ڏنڊي جي زور تي دٻائيندو آھي. جيئن ھو صفا دٻجي وڃن ۽ ڪا به مزاحمت نه ڪري سگھن. رياست پاران لاڳيتو سنڌ ۾ ان قسم جي وڌندڙ ڌاري آبادڪاري سبب سنڌ تباهه ٿي رهي آهي.
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ڪو اڄ جو مسئلو ناھي، ان حوالي سان جيڪڏھن تاريخ ۾ جھاتي پايون ٿا ته اسان کي اھو سلسلو انگريزن جي دور کان شروع ٿيندو نظر اچي ٿو. انگريز حڪومت حُر تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ سانگهڙ ۾ بُگٽين ۽ پنجابين کي وڏي انگ ۾ آباد ڪيو ھو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري سنڌ ۾ ڪئنالن جي ٺھڻ سان به ٿي. جيئن ڪئنال ٺھيا سنڌ جون زمينون پنجاب سان گڏوگڏ ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ وڌ کان وڌ پُوکيءَ لائق ٿي ويون ۽ ايئن ھڪڙي وڏي لھر 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کانپوءِ آئي. ان بئراج تي 28 لک 68 هزار ايڪڙ نئين زمين سيراب ٿي ان سموري زمين تي پنجابين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ هندن جو وڏو انگ سنڌ مان لڏي ويو ۽ ٻيڻي انگ ۾ ھندستان مان ايندڙ مھاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. انگن اکرن موجب سنڌ مان 943000 ماڻهن هندستان لڏپلاڻ ڪئي، جڏهن ته هندستان مان 1167000 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. آباديءَ جي ان واڌ جو دٻاءُ سڀ کان گهڻو سنڌ جي شهرن تي پيو. جتي 1941ع ۽ 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اھڙي ريت نوابشاهه، ميرپور خاص ۽ سکر به ڌاري آبادڪاريءَ جي وڪڙ ۾ اچي ويا.
ورھاڱو ٿيو ته ڄڻ سنڌ جي زمين پنجابي عسڪري/ڪاموراشاھيءَ کي مال غنيمت ٿي ملي هئي. جڏهن ون يونٽ لڳو ته ان وقت 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي ۽ باقي 6 لک ايڪڙ زمين بچي هئي. ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ٽن سالن دوران هڪ لک 53 هزار ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ڏني وئي. 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم ٿيڻ سان باقي زمين سڌي سنئين غير سنڌين ۾ ورهائجڻ لڳي. 1958ع ۽ مارچ 1963ع وچ ۾ ورهايل زمين مان 2 لک 13 هزار 679 ايڪڙ زمين ڌاري آباديءَ کي ملي ۽ مقامي ماڻهن کي رڳو 54 هزار 789 ايڪڙ زمين ملي. يعني مقامي ماڻهن کي وڃي چوٿون حصو زمين ملي ۽ 75 سيڪڙو زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي. ان ئي پيرائي ۾ اسين ڏسون ٿا ته مارشل لا لڳڻ کانپوءِ رڳو ايوب خان کي 247 ايڪڙ زمين مال غنيمت سمجھي ڏني وئي!
ان کانپوءِ ون يونٽ جو ڳٽ جڏھن ملڪ ۾ وسندڙ مختلف قومن جي ڳِچيءَ مان نڪتو جنھن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت آئي. ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو ٻيو سلسلو شروع ٿيو. بنگالين بِهارين جي وڏي لوڌ سنڌ ڏانھن ڪاھي پئي. ايئن ئي وري ضِياءُالحق جي دور ۾ پَختون ۽ افغان جنگ ۾ افغاني ائين ئي مُختلف دُورن ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ اندر آباد ٿيندا رھيا آھن. اُن سڄي صُورتحال ۾ سنڌ حِڪومت جو ڪردار ايجنٽ جھڙو رھيو آھي، ھُنن پنھنجي گِروهي مَفادن خاطر ھزارين اَفغانين، بھارين، بنگالين کي سُڃاڻپ ڪارڊ ڏئي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اَصلوڪي آباديءَ کي اَقليت ۾ مِٽائڻ جي قاتل سازش ۾ سازباز ھُئڻ جو ڪِردار ادا ڪيو آھي. اھڙو ڪو ڪَلور توھان کي ڪنھن ٻئي خطي ۾ نظر نه ايندو.
ڌاري آبادڪاريءَ جي اُنھي آزار جي تاڃي پيٽي ۾ مارچ 2011ع ۾ پبلڪ اَڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم اهو اِنڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ ٻين صُوبن جي 13 لک مَاڻهن سنڌ جا سُڃاڻپ ڪارڊ ٺَهرائي ورتا آهن. سندس اِنڪشاف موجب سَتن سالن دُوران خيبر پختونخواهه جي 6 لک 33 هزار 916، پنجاب جي 5 لک 59 هزار 620، بلوچستان جي 82 هزار، فاٽا جي 28 هزار 443 ۽ ڪشمير جي 52 هزار 259 ماڻهن سنڌ مان سُڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي. انگريزي اخبار “دي ايڪسپريس ٽِربيون” 9 مارچ 2012ع تي اهو اِنڪشاف ڪيو ته پپيلز پارٽيءَ جي حڪومت جي گهرو وزارت پاران سفارش ڪئي وئي آهي ته مُلڪ ۾ رهندڙ 30 لک بَنگالين ۽ بِهارين کي مُڪمل شَهريت ڏني وڃي. ياد رهي ته ذري گهٽ سمورا بهاري ۽ بنگالي سنڌ ۾ رهندڙ آهن. 23 فيبروري 2014ع جي ڊان اخبار مُوجب وفاقي گهرو کاتي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته رڳو ڪراچي شهر ۾ 20 لک غيرقانوني پرڏيهي رهندڙ آهن. ساڳي ريت نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي (نارا) به ڪراچيءَ اندر 18 لک 85 هزار غيرقانوني پرڏيهين جو انڪشاف ڪري چڪي هئي.
ھڪڙي خانگي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ننڍين وڏين نوڪرين (5-15)گريڊ تائين 150000 ڍيڍ لک ماڻھو ڪُوڙا ڊوميسائل رکندڙ لڳايل آھن. 2017ع جا انگ اکر ڏسجن ته اندازو ٿيندو ته هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 9 سو 94 ڪراچيءَ جي ڪُل آباديءَ مان سنڌي فقط 10 سيڪڙو آھن جڏھن ته ڌاري آبادي اسان تي مڪمل قابض ٿي چڪي آھي. اسان جا وَسيلا، رُوزگار، وِرثا سَمورا اسان جي ھٿن مان نڪري چڪا آھن.
ايئن به ناھي ته ڪو دُنيا جي مُلڪن ۾ ٻين ملڪن يا قُومن جا ماڻھو نٿا وسن. دنيا جي تقريبن مڙني ملڪن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان ڪٿي نه ڪٿي ٻين قومن جا ماڻھو آباد آھن پر انھن جي آباد ھئڻ يا اتي مُوجود ھئڻ پُٺيان ھڪڙو بين الاقوامي قانوني طريقيڪار لاڳو ٿيندو آھي. جھڙوڪ اڪثر ٻاھران کان ايندڙ پناهگيرن يا مزدورن کي مُختصر رھائش/ ورڪ پرمٽ ڪم جي اجازت ڏني ويندي آھي. انھن کي ووٽ ڏيڻ، اتي زمين خريد ڪرڻ جي ڪا به اجازت ناھي ھوندي. جيئن، اتان جي ڌرتي ڌڻين جي حَقن جو بچاءُ ٿي سگھي. اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ آھي، ٻاھران ايندڙن کي سُڃاڻپ ڪارڊ به ڏنو ويندو، ان کي زمين خريد ڪرڻ جي به اجازت ھوندي آھي جنھن سان اصلوڪن سنڌين جي مُعاشي حقن تي نه رڳو راتاھو لڳندو آيو آھي پر ان سان گَڏوگڏ وڌنڌڙ ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪري سنڌ جي ماڻھن لاءِ حقِ حُڪمراني جو اسپيس سُسندو وڃي پيو. ان لحاظ کان ڌاري آبادڪاري سنڌ جي قومي سياست لاءِ ھڪ ٻرندڙ مَحاذ آھي، جتي سنڌ جي ساڃاهه وند ڌُرين ۽ سمورين سياسي پارٽين کي سنڌ ۾ موجود ٻين اَنيڪ مَزاحمت جي صُورتن سان گڏ ھن صُورت کي به پنھنجي سياسي عمل جو حصو ڪرڻو پوندو. ھتي ان ٻرندڙ سوال کي سياسي عمل جو حصو ڪرڻ مان ھرگز به اھو مطلب ناھي ته ان سوال کي نسلي بنيادن تي کڻجي. اھو سوال نج سياسي بنيادن تي کڻي عين جَمھوري ۽ آئيني قَدرن تحت ھڪ سچي پچي عوامي قُوت کي پيدا ڪرڻو پوندو جنھن جي مزاحمت جو دائرو سنڌ حڪومت جي غَدار ڪِردار کي نه فقط وَائکو ڪرڻ ھوندو پر سنڌ حڪومت تي اھو عَوامي زُور وِجھڻ به ھُوندو ته اھا ڌاري آبادڪاريءَ جي معاملي کي قانوني رِيگيوليشن تحت عمل ۾ آڻي ۽ بين الاقوامي قانون تحت ٻين خِطن مان ايندڙ ماڻھن کي قانوني عمل مان گذاري. انھن کي ملڪيت خريد ڪرڻ يا ووٽ ڏيڻ جو حق نه ڏي. 1954ع کانپوءِ آيل غير سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري سندن مالڪي وارو اختيار واپس وٺي رڳو ورڪ پرمٽ جي اجازت ملڻ گھرجي.
هن وقت جڏهن صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو صدين جي تهذيب جي وارثن کي هڪ مُنظم سازش تحت پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. شهرڪاريءَ جي نالي تي اصلوڪن رهواسين کي گداگري طرف ڌڪيو پيو وڃي، ان سَڄي صُورتحال ۾ هاڻ سنڌ جي عوام کي پنهنجي صِفن مان اهڙا اميدوار چونڊي اسيمبلين ۾ اماڻڻ گهرجن جيڪي سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي قديم سُڃاڻپ ۽ مالڪيءَ جي تحفظ لاءِ ڪا جَٽادار ۽ اَثرائتي قَانون سازي ڪن هاڻي سياسي مَنشور روڊ جي ٽُڪر ۽ پَٽيواليءَ جي نُوڪري بدران وجود جي بَقا جي جنگ هُجڻ گهرجي.