ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديلي موڪلائي پئي، روڪ جي روڪي سگهين

Editorial-Article- Asif Mehmud

بلدياتي چونڊن جا نتيجا پڪاري پڪاري چئي رهيا آهن ته تبديلي اچي نه پر موڪلائي پئي، روڪ جي روڪي سگهين ۽ آئون ويٺو اهو سوچيان ته تحريڪ انصاف جي شڪست گهڻي عبرتناڪ آهي يا ان جي شڪست جي جواز ۾ ڪيل عمران خان جو ٽوئيٽ.
چونڊن ۾ کٽڻ هارائڻ ته ٿيندو رهندو آهي. هاڻي هارائڻ واري جماعت تي ڀاڙي ٿو ته اها ان شڪست مان سبق پرائي پنهنجي اصلاح ڪندي آهي خود فريبيءَ جي واريءَ ۾ ڪنڌ لڪائي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي ٿي ۽ پنهنجن سنگتين کي به. عمران جو ٽوئيٽ ٻڌائي رهيو آهي ته هن پهرين بدران ٻئي رستي جي چونڊ ڪئي آهي.
تحريڪ انصاف جي شڪست ڪا اڻ ٿيڻي ناهي، بلڪه ان ۾ شروع کان ئي خبر ڪانه هئي جو ان ڪارڪردگيءَ سان اهي نتيجا ديوار تي اڪريل هئا. ان شڪست جا سبب به سڄي جهان کي خبر هئا. تجزيي نگارن کي نه. (جيڪي اڀاڳا سڀئي سينيئر هوندا آهن، جونيئر تجزيي نگار اڄ تائين ڪٿي نظر ڪونه آهن) چوڪ تي بيهي ڪنهن فقير کان پڇي وٺو ته هو به تحريڪ انصاف جي زوال جي سببن تي پورو مقالو لکي وٺندو. ان شڪست جو سبب رڳو ڪپتان نٿو ڄاڻي باقي ته سڄي عوام کي خبر آهي.
ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جي اقتدار جي هيءَ ٻي بازي آهي. وفاق ۾ به ان جي حڪومت آهي. وزير ڪبير به ان چونڊ عمل ۾ پوري قوت سان ڪتب آندا ويا ۽ ايستائين جو اسپيڪر صاحب به، پر ان جي هوندي به چونڊ نتيجا ڪنهن ڀوائتي خواب وانگر آيا آهن. اها معمولي شڪست نه هئي لازمي هو ته ان جي سبب جو سنيجدگيءَ سان جائزو ورتو وڃي ها. صوبائي تنظيم ڪا جائزو وٺي ها ۽ ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ايندڙ لائحه عمل طئي ڪيو وڃي. ها.
پر ٿيو ڇا؟ جناب عمران خان پاڻ ئي بيٺي بيٺي سببن جو تعين به فرمائي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ حل به تجويز ڪري ڇڏيو. شڪست جو سبب مناسب اميدوارن جو نه هجڻ هو ۽ حل اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ جناب عمران خان پاڻ ئي، جي ها، پاڻ انهن معاملن کي ڏسندو. بنهه احترام سان مون کي عرض ڪرڻو آهي ته شڪست جو اهو سبب ۽ ان کان پوءِ اهو حل ٻئي خودفريبيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهن.
شڪست جو سبب اهو ڪونهي ته اميدوار مناسب نه هئا، بلدياتي چونڊن ۾ هاڻ پرويز خٽڪ ۽ علي امين گنڊاپور کي حصو نه وٺڻو هو، مقامي قيادت کي ئي وٺڻو هو. ان مقامي قيادت کي صوبائي قيادت ۽ حڪومت جي ڀرپور تائيد مليل هئي.
پشاور ميئر جي اميدوار کي ئي ڏسي وٺو، جنهن صاحب کي پي ٽي آءِ ٽڪيٽ ڏنو هو، انهيءَ کي گورنر ڪي پي ڪي جو آشيرواد حاصل هو. هو وڏي مالدار شخصيت به هو. ٻه ڀيرا ابو ظهبي تحريڪ انصاف جو صدر ۽ يو اي اي تحريڪ انصاف جو سينيئر نائب صدر به رهي چڪو آهي. هاڻي جيڪڏهن پارٽي اميدوار پيسي جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏئي يا گورنر جي اميدوار جي وڏي وزير جي ڪئمپ سپورٽ نه ڪئي ته ان سان اميدوار ڪهڙي ريت نامناسب ٿي ويا. ان مان ته ائين ٿو لڳي ته پارٽيءَ ۾ نه ڪو ڊسيپلين آهي نه ئي ڪو اصول. اي ٽي ايم ڳوليا ويا ۽ ڌڙي بنديون ٿينديون رهيون.
حالت اها آهي جو گورنر، اسپيڪر، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي حلقن ۾ به پارٽي هارائجي وئي آهي، صوبائي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ڀاءُ کان شڪست تي پارٽي کان ناراض آهي. (ٽڪيٽ ڀاءُ کي مليو هو، شڪر آهي جو تحريڪ انصاف ۾ موروثيت ڪانهي.)
اهڙي ريت اصلاح احوال لاءِ اهو ته “آئون پاڻ ذاتي طور ڏسندس” وارو نعره مستانه بلند ڪيو ويندو آهي، اهو هاڻي پنهنجي اهميت ۽ معنيٰ وڃائي چڪو آهي. اول ته مهانگائيءَ کان وٺي پيٽرول تائين ۽ بجلي، گيس کان وٺي سريي جي قيمت تائين ۽ اٽي کان وٺي کنڊ تائين جنهن شيءِ کي پاڻ ۽ ذاتي طور ڏٺو ويو آهي، ان جو حشر نشر ٿي ويو آهي.
عوام ۾ اها ڳالهه هاڻي ڪنهن وعدي يا اميد بدران هڪ ڌمڪي طور ڏٺي وڃي ٿي ته وزيراعظم صاحب ڪنهن شيءِ جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. خلق جي زبان بي رحم به هوندي آهي پر هڪ جمهوري اڳواڻ پنهنجي عام تاثر کان بي نياز نٿو رهي سگهي، رهندو ته ان جو اهو ئي نتيجو نڪرندو، جيڪو ڪي پي ڪي بلدياتي چونڊن ۾ نڪتو آهي.
جمهوريت اداران کي پنهنجي مقام تي طاقتور ڪرڻ جو نالو آهي. هر مسئلي جو حل جيڪڏهن اهو ئي آهي ته هاڻي آئون ذاتي طور پاڻ ڏسندسن ته اها وڏي خطرناڪ صورتحال آهي، هڪ انسان آخر ڪهڙي ڪهڙي معاملي کي پاڻ ۽ ذاتي طور ڏسي سگهي ٿو. بهتر انتظامڪاري ادارا سازيءَ جو نالو آهي. قديم زماني جي بادشاهه سلامت جي نموني جو اقتدار ناهي.
ائين لڳي ٿو ته شڪست جي سببن تي سڄي پارٽي غلطي بڻجي وئي آهي. صوبائي وزيرن عاطف خان ۽ شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته مهانگائيءَ جي ڪري هارايوسين، جڏهن ته وزير اعظم جو اصرار آهي ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان سستو ترين ملڪ آهي. ان بي نيازيءَ سان حڪومت ڪئي ويندي ته انجام مختلف ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
ٽي سال گذري ويا آهن، حڪمران جماعت جيڪڏهن هاڻ به پنهنجي خوداحتسابيءَ تي راضي نه ٿي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ته ڪاميابيءَ جي ضمانت نٿي ٿي سگهي. طرز حڪومت جا مسئلا ته هر حڪومت ۾ رهندا آهن. پر هن حڪومت ته ڪمال ئي ڪري ڇڏيو آهي. وزير ڪبيرن جي روين ۽ سندس ڳالهائڻ جي انداز خدا جي خلق کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي به دل ٺاريندڙ ڳالهه ڪونهي، ڪو وزير عوام سان ٻه مٺا ٻول نٿو ٻولي. جنهن کي ڏسو ويڙهاڪ آهي ۽ زبان ڪڙي آهي. جتي دلداري ڏيڻي آهي، اتي به ڪاوڙ ۾ لڳا پيا آهن. ڪو ڄاڻڻ چاهي ته خبر پئي ته تحريڪ انصاف اپوزيشن نه پر پنهنجي رويي سبب هارايو آهي.
اهليت جو سڄو معاملو به افسانو نڪتو، سنجيده مسئلا ته خدا ڄاڻي ڪيئن ڏسي رهيا هوندا، سامهون نظر ايندڙ حقيقت ته اها آهي جو سياري جي موڪلن ۾ ڄڻ سادي ۽ هميوپيٿڪ معاملي کي هن فيثا غورث جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. ائين ٿو لڳي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مونجهارو آهي. ڪا خبر ڪانهي ته ڪهڙُو فيصلو ٿي وڃي. هڪ عام غير يقيني زندگيءَ جي هر شعبي کي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ عوام جا اعصاب ٽچڪن پيا.
تبديلي موڪلائي پئي روڪ جي روڪي سگهين.
**
(انڊپينڊينٽ اردو جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button