ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پڙھندڙن کي منھنجا ڪجهه ڏينهن اڳ لکيل ھي لفظ چڱيءَ ريت ياد ھوندا ته خيبر پختونخواهه جا مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ ڪارڻ ستايل ۽ عمران خان جي حڪومت تي ڏمريل لکين ووٽر مڪاني ادارن جي ڊسمبر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڏسجؤ ته ڪيئن ٿا تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي شڪست ڏيئي کين بڇڙو ڪري سموريون باھيون ڪڍي، پنهنجو اندر ٺارين. 20 ڊسمبر جي شام ظاھر ٿيل نتيجن کي سڄي جڳ جهان ٻڌو ۽ ٽي وي چئنلز تان ڏٺو ته ان صوبي تي ستن سالن کان راڄ ڪندڙ سرڪاري اميدوارن جي مسڪين ماڻهن مٽي پليت ڪري ڇڏي آهي. مون اھو به لکي ڇڏيو ھو ته ھاڻي بدناميءَ کان بچڻ خاطر واڳ ڌڻي به چونڊن ۾ ڄنگهھ اڙائڻ کان پاسو ڪندا ۽ ووٽرن کي آزاديءَ سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ڏيندا. اسٽيبلشمينٽ وارن ته سيالڪوٽ ڊويزن جي ڊسڪا شھر ۾ ٿيل ننڍي چونڊ کان وٺي ووٽن سان ھٿ چراند بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لاھور ۽ خانيوال ۾ پڻ حڪمران تحريڪ انصاف جا اميدوار ھارائي ويا.
خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور مان ته وزير اعظم عمران خان جي پارٽي جا ماڻهن ترا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ آئيندي اتي سندس وزير مشير ڪڏهن به ڳاٽ اوچو ڪري گهمي ڦري نه سگهندا. مڪاني ادارن جي خيبرپختونخواهه توڙي پنجاب ۾ گذريل ڇھن مھينن اندر ٿيل چونڊن جا نتيجا ڏسي، سولائي سان چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سڄي ملڪ مان ڌوپجي ويندي. مولانا فضل الرحمان حق تي دانھون ڪندو هو ته 2018ع وارين عام چونڊن ۾ سليڪٽيڊ وزير اعظم پاڪستان جي 22 ڪروڙ ماڻهن مٿان ٿاڦيو ويو هو. سومر تي ظاهر ٿيل اليڪشن جي نتيجن تي سڀ کان سھڻو تبصرو مسلم ليگي اڳواڻ مريم نواز شريف ڪيو آهي ته “تبديلي آ نھين رھي بلڪه جا رھي ھي.” مطلب ته عمران خان جي وڃڻ جو وقت ويجهو اچي پهتو آهي. اھا آھي به حقيقت ڇاڪاڻ ته پراوا ووٽ چورائي ملڪ تي حڪمراني ڪندڙن جو سدائين اھڙو ئي خراب حشر ٿيندو آهي. دنيا جي تاريخ اھڙن سوين مثالن سان ٽمٽار آهي. مون ڳالهه پئي ڪئي مولانا فضل الرحمان جي 2018ع اليڪشن کان پوءِ ڏنل سخت بيان جي، جنهن ذريعي ھن وڏي جرئت ۽ سچائيءَ سان اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي اسٽيبلشمينٽ وارن زوريءَ ووٽ ڏياري چونڊن ۾ کٽايو آهي. مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين سمورين سياسي جماعتن جي قيادت انھيءَ اليڪشن ۾ سليڪٽر ۽ سليڪٽيڊ جا محاورا عام جام استعمال ڪيا، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ وارن بار بار منٿون ڪيون ته اسان کي سياست ۾ نه گھليو!
ڇا اڃا به واڳ ڌڻين کي اھا سڌ ڪانه پيئي آهي ته کين سياست ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن نه بلڪه حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف گھليو آهي جنهن کان جند ڇڏائڻ ۾ ئي سندن ٿوري گهڻي عاقبت سنوارجي سگھي ٿي. شڪر آهي جو وزيراعظم عمران خان ھن ڀيري مڪاني ادارن جي چونڊ نتيجن کي تڪراري بڻائڻ بدران پنهنجي غلط فيصلن ۽ خامين کي مڃي ورتو آهي. سندس ردعمل ظاهر ڪيو آهي ته ھن پاڻ ٽڪيٽ جي ورهاست ۾ غلطيون ۽ بيواجبيون ڪيون جنهن جا نتيجا اھڙا ته ڀوائتا نڪري سگهن ٿا جن سان سندس سياسي مستقبل اونداهو ٿي ويندو.
خبر ناهي ته ڇو پاڪستان ۾ جنھن به ماڻهوءَ کي اقتدار مليو سو پنھنجو دشمن پاڻ ٿي ويو. اڳوڻي عوام دوست ۽ ديانتدار وزير اعظم جناب محمد خان جوڻيجي مرحوم کانسواءِ ٻيا جيڪي به سياسي يا غير سياسي ليڊر ملڪ جا صدر يا وزيراعظم ٿيا، ايتري قدر پنهنجا دشمن پاڻ بڻجي ويا جو کين ڪنهن دشمن جي گھرج ئي ڪونه پيئي. ساڳي حالت عمران خان جي آھي جنھن ۾ اڃا به گهڻي شدت آهي. ان جو وڏو ثبوت خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ھارائڻ کان پوءِ اڱاري تي سڏايل وفاقي ڪابينه جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل فيصلن مان ملي ٿو. وزير اعظم عمران خان ان ميٽنگ ۾ اليڪشن سان لاڳاپيل آئيني ترميمن جي نه رڳو اصولي طور تي منظوري ڏني ويئي بلڪه وزيرن جي ھڪ ڪميٽي ٺاهي، ان کي چوويهن ڪلاڪن اندر (معنيٰ ته ڪالهه اربع تي) چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري کيس اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏيئي گھربل انتظام ڪرڻ لاءِ چيو ويو. مون سمجهيو هو ته بلدياتي اليڪشن ھارائڻ کان پوءِ عمران خان ڪو سبق سکندو پر هتي اھائي ڪار آهي ته، چري ڪيئن ته ويران وير وڌندي وڃي! جنهن صورت ۾ ملڪ جي سمورين وڏين توڙي ننڍين سياسي جماعتن ووٽنگ مشين واري اسڪيم کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آھي ته پوءِ ھڪ ھارايل پارٽي تحريڪ انصاف جو اڳواڻ پنهنجي حڪومت جي اختيارن کي ناجائز نموني استعمال ڪري ڇا ٻين پارٽين کي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور نه ڪري رهيو آهي؟ فرض ڪريو ته سڀ سياسي پارٽيون اھڙين تڪراري چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ته پوءِ ڇا فقط هڪڙي تحريڪ انصاف کي اقتدار تي قابض ٿي پنج سال ٻيا به اقتدار جا مزا ماڻڻ ۽ مھانگائيءَ جا ماريل ماڻهو اجازت ڏيئي ڇڏيندا؟ ھرگز نه، ھرگز نه. عمران خان جي انھيءَ ضد جي نتيجي ۾ ملڪ اندر انارڪي وڌي ويندي ۽ گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي جھلي خدا جي خلق پادر ٺوڪيندي.
جيئن پشاور ۽ ٻين ھنڌن تي ھڪ ھفتو اڳ پي ٽي آءِ اميدوارن سان ٿيندڙ جٺيون وائرل ٿي ويون. حقيقت ۾ ته آئون جي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 122(6) ۾ جنھن تڙتڪڙ ۾ ڦيرڦار ڪري ھڪ ڪلاڪ اندر 29 بل پاس ڪرايا ويا، ان اجلاس مان ته مخالف ڌر جا سمورا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا ھئا ۽ ان کي اپوزيشن اڳواڻن عمران حڪومت جي فاشزم قرار ڏنو ھو. غير آئيني طريقي سان ڪيل آئيني ترميمون ڪڏهن به جٽادار نه ٿي سگهيون آهن. اھڙين ڌٻڙ ڌئونس ذريعي ڪيل ترميمن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زوال مون پاڻ اکين سان ڏٺو آهي. ڀٽو صاحب عمران خان جي ڀيٽ ۾ ھزار ڀيرا وڌيڪ عوامي مقبوليت وارو ليڊر هو پر سندس رڳ رڳ ۾ جيڪا آمريت سمايل ھئي، ان جي ڪري ڀٽو کي جمھوري فاشسٽ جو لقب مليو ۽ اقتدار مان به کيس بيدخل ڪري ڇڏيائون.
اڄ عمران خان جي حڪومت کان ووٽر توڙي عام ماڻهو ڪيتري سخت نفرت ڪن ٿا، ان جو حساب لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. خود وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌريءَ مڃيو آھي ته تحريڪ انصاف جا ميمبر ۽ اميدوار پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. ھن چيو ته جڏھن ھڪڙي ئي تڪ تي اسان جي جماعت جا ٽي ٽي ۽ چار چار اميدوار ھڪ ٻئي جي خلاف اليڪشن لڙندا ته ظاھر آھي جمعيت علماءِ اسلام جھڙي سدائين ھارائيندڙ ۽ مذهبي ڪٽرپڻو پکيڙيندڙ تنظيم ئي چونڊون کٽيندي.
معنيٰ ته عمران خان جا پنھنجا ڪارڪن به ھاڻي پارٽي قيادت کان باغي ٿي چڪا آهن ۽ سندس فيصلن کي مڃڻ کان انڪاري ٿي ويا آهن. عمران خان ته پاڻ به انھيءَ صورتحال کي قبولي اقرار ڪيو آهي ته غلط اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيئي شڪست کائڻي پئجي ويئي آهي.
اھڙي صورتحال ۾ جتي ماڻهو به نفرت ڪندا ھجن ۽ سندن سياسي پارٽي به انتشار ۽ وڳوڙ ۾ وڪوڙيل ھجي ته داناءُ ۽ سمجھو سياستدان وڌيڪ کجل خواريءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي عھدي تان استعيفا ڏيئي پاسيرا ٿي ويندا آهن. پر عمران خان ته سياستدان آهي ڪونه! کيس زوريءَ گھلي سياست ۾ آڻڻ وارا ھاڻي ته پاڻ به ڪڪ ٿي پيا آهن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ نواز شريف ڏانهن لنڊن تائين منٿ ميڙ قافلا اماڻي کيس نياپا ڏنا اٿن ته عمران خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو ۽ اسان جي جند ڇڏايو.
ڪي پي ڪي ۾ حڪمران عمران خان جي جماعت تحريڪ انصاف جي بدترين شڪست ۽ مولانا فضل الرحمان جي سوڀ سان گڏوگڏ جيڪا ٻي حقيقت سامهون آئي آهي سا ھيءَ آھي ته پختونخواهه جي ماڻهن سٺي ساک وارن آزاد اميدوارن کي به وڌ ۾ وڌ انگ ۾چونڊيو آهي. ان جو ھڪڙو مقصد اهو به آهي ته عام ماڻهن خاص ڪري ووٽرن جو گھڻن سياسي اڳواڻن ۽ سندن پارٽين تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي ۽ ٻين ڪجهه جماعتن کي نالي ماتر سيٽون به نصيب ڪو نه ٿيون آھن. آئون اڄڪلھه جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي صدر راشد محمود سومري جي سياسي سرگرمين ۽ سندس من موهيندڙ تقريرن کي ٻڌندو آهيان. جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ ھزارين ماڻھن ۾ جوش جذبو ڏسي اھا اڳڪٿي ڪري سگهان ٿو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي قبضا مافيا جي عوام دشمن حرڪتن جو فائدو ايندڙ عام چونڊن ۾ جمعيت کڻي سگهي ٿي. اھا ڳالهھ ته پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه متبادل سنڌ ۾ ڪونھي، ھاڻي گھڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button