ڊرون هاڻي اسان جي روزاني جي لغت ۽ ضرورت ۾ شامل ٿي ويو آهي. اڏام ڀريندڙ اهڙي مشين جنهن جو پائليٽ يا هينڊلر پري ويٺو ريموٽ سان ڪنٽرول ڪندو آهي. هاڻ ته هر سائيز جا لکين ڊرون تيار ٿي چڪا آهن، جيڪي ميڊيا جي تقريبن ۽ حادثاتي ڪوريج کانسواءِ کاڌي پيتي ۽ ٻي رسد هڪ گهر جي ڇت کان وٺي اڙانگن رستن وارن علائقن تائين پهچائين ٿا ۽ قدرتي طور تباهه ڪارين جي صحيح سروي لاءِ پنهنجين ڪيمرائن سان سڌي ريت تصويرون موڪلين ٿا.
ڊرون ڪجهه هزار کان ڪجهه ڪروڙ روپين تائين هر سائيز ۽ قيمت ۾ دستياب آهن. پر هن وقت اسان جو موضوع ميدان جنگ ۽ اسٽريٽجڪ جاين تائين رسائي ۽ ڪارروائي ڪندڙ ڊرونز آهن. انهن جي خريد ۽ وڪري توڙي استعمال جو قانوني مجاز رڳو رياستون آهن.
جيئن ته ڊورن محدود جنگي جاسوسي ڪاررواين لاءِ روايتي جهازن جي ڀيٽ ۾ نه رڳو مختصر پر سستو ۽ بنا پائليٽ جي ڪم ڪري ٿو. تنهنڪري ان کي ڪنهن به خاص علائقي جي هوائي حدن ۾ لاڳيتو ڪئين ڪلاڪن تائين رکي سگهجي ٿو. تصويرون ڪڍڻ سان گڏوگڏ ضرور آهر هدف کي نشانو بڻائي به سگهي ٿو ۽ فوج جي مختلف يونٽن وچ ۾ هڪ ئي وقت بصري ۽ مواصلائي رابطا ڪاريءَ به برقرار رکي سگهي ٿو. تنهنڪري اهو ڏينهون ڏينهن رياستي هٿيار خانن جو حصو ٿيندو پيو وڃي.
هن وقت آمريڪا چين اسرائيل سوڌو گهٽ ۾ گهٽ درجن ملڪ عسڪري مقصدن لاءِ ڊورن جي تياري ۽ وڪرو ڪري رهيا، ڏهن کان وڌيڪ ملڪ انهن کي فوجي ڪاررواين ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. 26 ملڪن جي فوج ۾ ڊورن اسڪواڊرنز مستقل بنيادن تي قائم آهن. 56 ملڪن ڊرون جهازن جي ٽيڪنالاجيءَ کان واقف آهن، انهن کي خريد ڪري مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
سراغرساني ۽ ميدان جنگ جي اطلاعات ڪاري لاءِ شروعاتي دور جا ڊرونز اسرائيل کان 1873ع جي جنگ رمضان ۽ 1982ع ۾ لبنان ۾ پي ايل او سان ويڙهه ۾ استعمال ڪيا. آمريڪا انهن جو جاسوسي استعمال 1991ع ۾ ڪويت واري جنگ ۾ ڪيو. آمريڪا ڊرون سازيءَ ۾ اسرائيل ٽيڪنيڪي مدد ۽ مشاورت مان فائدو ورتو. پر پوءِ ٽينڪالاجي ڪيمرا سان گڏوگڏ ميزائل سان هيٿاربند ڊرون تيار ڪرڻ به ممڪن بڻائي ڇڏيا. پهريون فوجي حملو نائن اليون کان پوءِ 30 سيپٽمبر 2011ع ۾ يمن ۾ ٿيو، جڏهن هڪ آمريڪي ڊورن القاعده جي هڪ گهربل ميمبر انور اولا کي نشانو بڻايو هو.
پاڪستان ۾ آمريڪي ڊرون جو پهريون حملو 18 جون 2004ع تي ٿيو، جڏهن ڏکڻ وزيرستان واري علائقي وانا ۾ شدت پسند ڪمانڊر نيڪ محمد کي ماريو ويو هو. ان حملي ۾ ڪل ملائي ٻن ٻارن سوڌو 8 ماڻهو مري ويا هئا. 2004ع کان 2017ع تائين 409 ڊرون حملن ۾ ٽي هزار کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن. انهن حملن ۾ رڳو 20 سيڪڙو گهربل ماڻهو ماريا ويا آهن ۽ 80 سيڪڙو سويلين ماريا ويا آهن.
ڊرون حملن جي ڪري ميدان جنگ جي صديون پراڻي روايتي وصف به مجروح ٿي وئي آهي ته جنگ هڪ مخصوص علائقي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڌرين جي وچ ۾ باقاعده اعلان کان پوءِ هٿيارن جي ٽڪراءُ جي انتهائي شڪل آهي.
ڊرونز جي آمد کانپُوءِ اها وصف ائين ٿي وئي آهي ته جنگ جو محاذ لا محدود آهي، جنهن ۾هڪ ڌر ٻي ڌر کي بطور شڪاري اوچتو خبردار ڪرڻ کان سواءِ نشانو بڻائڻ جي قوت رکي ٿي، ڪوبه فرد اها حرڪت ڪري ته قاتل چورائيندو آهي. ڪا غير رياستي تنظيم اهو ڪم ڪري ته دهشتگرد چورائي ٿي. پر ڪابه رياست اهو فعل ڪري ته اها اڳواٽ دفاعي حڪمت عملي (پر ايمپٽو اسٽرائيڪ) چورائي ٿي. هاڻُوڪي زماني ۾سڀ کان وڏي ڊرون جنگ ليبا جي ڪناري تي تريپولي ۾ قائم گڏيل قومن جي قبول ڪيل حڪومت ۽ بن غازي ۾ قائم جنرل هفتر جي باغي انتظاميه وچ ۾ ٿي. گڏيل عرب امارات، روس ۽ فرانس خليفي هفتر جا حامي هئا ۽ ترڪي تريپولي حڪومت جو اتحادي هو. امارات جي خليفي هفتر کي چيني ساخت ڊرون فراهم ڪيا ۽ ترڪي پاڻ وٽ تيار ٿيندڙ ڊورن تريپولي حڪومت جي حمايت ۾ موڪليا.
مئي 2020ع ۾ ٿيندڙ ان جنگ ۾ لڳ ڀڳ هزار ڊرون استعمال ٿيا، ترڪ ٽيڪنالاجيءَ جو پلڙو ڳرو رهيو ۽ خليفي هفتر جون فوجون جيڪي تريپوليءَ جي ڀرپاسي تائين پهچي چڪيون هيون. انهن کي گهڻو نقصان سهڻو پيو. في الحال لبيا ۾ جزوي طور امن آهي.
ڊرون جنگ جو پاسو فيصلائي انداز ۾ پلٽائي به سگهن ٿا. ان جو مظاهرو گذريل سال سيپٽمبر ۾ آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ ڏسڻ آيو هو. آرمينا وٽ سوويت دور جا هٿيار هئا ۽ فوجي حڪمت عملي به ايتري پراڻي هئي، جڏهن ته آذربائيجان نه رڳو گذريل ڏهن سالن کان پنهنجي فوج کي جديد هٿيارن جي تربيت ڏني بلڪه تيل جي دولت سبب نئون توپ خانو ۽ جهاز به خريد ڪيا.
پر اصل ڪمال اسرائيل ۽ ترڪيءَ جي حاصل ڪيل ڊرون اسڪواڊرنز ڏيکاريو آهي، جڏهن آرمينيائي جٿن مٿن تي هٺيئين اڏام ڪرڻ واري ڊورن سان سڌي سنئين موڪليل تصويرن جي مدد سان آذربائيجان وارن وائڙن دشمن جٿن ۽ ڳرن هٿيارن کي چڱي ريت نشانو بڻائي انهن کي 17 ڏينهن ۾ نگورنو ڪارا باخ جو تڪرار علائقو خالي ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پٺتي ٿيندڙ توپ خانو، ٽينڪ ۽ بٽالينز ۽ فوجي ٽرڪن کي به ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو.
ان ويڙهه کانپوءِ ترڪي ڊورن جي عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل کانپوءِ ٽين نمبر جو ليڊر بڻجي ويو. لبيا ۽ آذربائيجان کانپوءِ ترڪ ڊرونز جي مارڪيٽنگ جو ٽيون موقعو ايٿوپيا جي مرڪزي فوجن ۽ تيگري عليحدگي پسندن جي وچ ۾ جاري جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ايٿوپيا جي ايئر فورس 22 روسي جهازن تي ٻڌل آهي. تيگري باغي جابلو علائقن ۾ جنگ جا ماهر آهن، تنهنڪري اهي هڪ مهينو اڳ ٻين حڪومت مخالف تنظيمن جو فوجي اتحاد جوڙي سرڪاري فوج کي ڌڪيندا، راڄڌاني اديس ابابا جي ڀرپاسي تائين آيا آهن، اهڙي موقعي تي ايٿوپيا جي حڪومت اسرائيل، ترڪ چيني ۽ ايراني ڊرون جي هنگامي خريداري کي ۽ پوءِ آهستي آهستي حڪومت مخالف ڇاپا مارن کي جبلن ۾ ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ڊرون غير رياستي عنصر به استعمال ڪندا آهن. مثال طور داعش موصل ۾ قبضي دوران ۽ شام جي اترين علائقن ۾ ڊروزن جو محدود فوجي استعمال ڪيو. ان کانسواءِ نائجيريا ۾ شدت پسند تنظيمن بوڪو حرام به ڊرونز کي رسد جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. جڏهن ته نائجيريا جي حڪومت بوڪو حرام کي لغام ڏيڻ لاءِ ڊرون استعال ڪري رهي آهي. جهڙي ريت گجر کي غريب ماڻهوءَ جو صوف چيو ويندو آهي، اهڙيءَ ريت ڊرون کي غريب ملڪن لاءِ مهانگي ايئرفورس جو متبادل چيو ويندو آهي.
هيستائين سرن تي ڦيرا ڏيندڙ ان خاموش موت جو ڪو توڙ ڪونهي، پر چين تازو هڪ اهڙو ريڊار ٺاهي ورتو آهي، جنهن کي هڪ سپاهي ڪلهي تي رکي به جنگ جي ميدان ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. ان ريڊار جي خاصيت اها آهي ته اهو هيٺين اڏام ڪندڙ ڊرون ۽ ڪروز ميزائيل جو پتو لڳائي سگهي ٿو.
چين اڳ ئي ڊورن جي عالمي مارڪيٽ ۾ پهرين قطار ۾ آهي. هاڻ ان اينٽي ڊرون ريڊار ۾ ٺاهي ورتو آهي، جنهن کي ڊرون کپي اهو وٺي، جنهن کي اينٽي ڊرون کپي اهو وٺي، پوءِ به ماڻهو پڇن ٿا ته چين عالمي منڊيءَ ۾ ڇو ڇانيل آهي.
(پاڪستان چيني ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڊرون سازيءَ جو پروگرام 2013ع ۾ شروع ڪيو هو ۽ 2015ع کان پاڪستان مقامي طور تيار ڪيل ڊرون مختلف عسڪري ۽ غير عسڪري مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.)