شوبز

امتحاني پرچي ۾ ڪرينا ۽ سيف جي پٽ جو نالو پڇڻ تي نوٽيس

ممبئي :ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي هڪ نجي اسڪول کي امتحاني پرچي ۾ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان جي پٽ جو نالو پڇڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ نجي اسڪول ۾ 6 ڪلاس جي جنرل ناليج جي پرچي ۾ تازي صورتحال تي آيل سوال ۾ سيف ۽ ڪرينا جي پٽ جو نالو پڇيو ويو آهي. اسڪول جي پيرينٽ باڊي طرفان تعليم کاتي کان اڪيڊمڪ هائٽس پبلڪ اسڪول خلاف سوال پڇڻ تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. تنظيم جي صدر انيش جهرجهار ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪول طرفان اهڙا غير سنجيدا سولا ڪيئن ڪيا ويا آهن، شاگردن کان تاريخي شخصيتن بابت سوال پڇڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button