ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي واپسيءَ جو پڙاڏو

Editorial- Article- Akhtar Hafeez

سياري جي سرد موسم ۾ ملڪي سياست ۾ گرمي واري مند لٿل آهي. ڊسمبر جو مهينو ويندي ويندي پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ ڪي پريشانيون ضرور ڇڏي پيو وڃي، جنهن جا اهڃاڻ اسان کي وزير اعظم عمران خان نيازيءَ جي بيانن به نظر اچي رهيا آهن، ته ڇا جيڪي ڪجهه ملڪي سياست ۾ ٿي رهيو آهي، اهو شور اجايو آ پيار آهي….يا اهو سڀ ڪجهه لنڊن پلان جو حصو آهي، جنهن جي بساط ڀلي”ڪمپني بهادر” وڇائي هجي پر مُهرن جي حرڪت ۽ بادشاهه کي شهه ڏيڻ لاءِ نواز شريف پنهنجون چالون هلي رهيو آهي.
هونئن ته پي ٽي آءِ کي اقتدار جو تاچ ڏهن سالن لاءِ پارائڻ جو “ڪمپني بهادر” طئي ڪري چڪي هئي پر جڏهن هن ڏٺو ته هن حڪومت جي هوندي ڪمپني ئي نه هلندي ته پوءِ ڇو نه پراڻن رانديگرن سان ٺاهه ڪري انهن کي ميدان ۾ لاٿو وڃي ۽ جيڪي الزام ۽ تهمتون ان تي لڳيون آهن، انهن جا ڪارا داغ به ڌوتا وڃن. ان ڪري لنڊن پلان موجب وقفي وقفي سان رابطا به ٿين پيا ته اچ وڃ به جاري آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هاڻوڪي حڪومت مان تنگ ٿي چڪي آهي. ڇاڪاڻ ته نه ته هيءَ حڪومت معاشي سڌارا آڻي سگهي ۽ نه ئي پرڏيهه ۾ پيل اهي اربين ڊالر جن لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد چوندو هو ته عمران خان سئو ارب ڊالر دنيا جي منهن تي هڻندو. دنيا جي منهن تي هڪ روپيو به نه لڳو پر ڊالر ملڪ ۾ وڃي آسمان سان لڳو آهي.
اڄڪلهه خبرون اهي پيون هلن ته نواز شريف جي واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن ۽ هو جنوريءَ جي مهيني ۾ وطن واپس موٽي رهيو آهي. جيڪڏهن واقعي به هو وطن واپس موٽي ٿو ته پوءِ هو بنا ڪنهن ضمانت جي واپس نه ايندو هوندو. ان کان اڳ به 2018ع ۾ هو پنهنجي ڌيءَ مريم نواز سان وطن واپس موٽيو هو پر کيس ايئرپورٽ تائين ئي سڌو جيل وڃڻو پيو هو. هن ڀيري پڪ سان هو جيل وڃڻ نه چاهيندو ۽ اهي يار به کيس جيل موڪلڻ نه چاهيندا جن کي اهو لڳي ٿو ته هاڻوڪي بحران جي ڌٻڻ مان جيڪڏهن ملڪ کي ڪير ڪڍي سگهي ٿو ته اهو نواز شريف ئي آهي، جنهن کي ملڪي سياست مان پاسيرو ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جي حالت اهڙي ٿي آهي جو اسان کي او آءِ سي اجلاس ۾ به نٿو گهرايو وڃي. ملڪي سياست مان جيڪڏهن نواز ليگ يا پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ڪري اهو سمجهيو پيو وڃي ته اقتدار جا سڀئي پتا “ڪمپني بهادر” پنهنجي هٿ وس ڪري ورتا آهن ته اها سندس ٻاراڻي سوچ آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ هلائڻ لاءِ رڳو ڪنهن ايماندار وزير اعظم جو هجڻ لازمي ناهي پر اصل ڳالهه سياسي ساڃاهه جي آهي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ عمران خان نيازيءَ ۾ ته ڪانهي. هن وقت تائين ڪيل سندس سڀني فيصلن جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته خبر پوندي، هن نه رڳو انهن فيصلن وسيلي بدنامي ڪمائي آهي پر هن پنهنجي پارٽيءَ جي مقبوليت به وڃائي ڇڏي آهي. جنهن جو منظر اسان کي خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ نظر آيو.
ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ هڪ انتهاپسند جماعت يعني پي ٽي آءِ کي پي انتهاپسند جماعت جي يو آءِ (ف) هٿان شڪست نصيب ٿي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتان جو عوام اڄ به سيڪيولر ۽ روشن خيالن سياسي ڌرين کي پسند نٿو ڪري بلڪه اهو پراڻ پسندي ۽ مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙ ڌرين کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. پر ڇا پي ٽي آءِ خلاف اهي نتيجا رڳو اسٽيبلشمينٽ پاران آشيرواد هٽائڻ سبب ظاهر ٿيا آهن. انهن نتيجن جي حوالي سان پي ٽي آءِ وزير به ڳالهائي چڪا آهن ته کين شڪست ڇو ملي. هاڻ جڏهن وزير اعظم عمران خان نيازي پاڻ ان چونڊ نتيجن جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ سڀئي معاملا پاڻ ڏسڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته پوءِ رب خير ڪري. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي جنهن به معاملي جو نوٽيس هيستائين ورتو آهي، ان جو انجام بنهه خراب ٿيو آهي. ان ڪري هاڻوڪي نوٽيس وٺڻ سان معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا. پر هو ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس پارٽيءَ کي مليل شڪست جو هڪ اهم ترين سبب پارٽيءَ جي پنهنجي ڪارڪردگي پڻ آهي، جيڪا مهانگائيءَ کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا بيروزگاريءَ کي نٿي قبولي ۽ جنهن کي اڃا به اهو ئي لڳي ٿو ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ته پوءِ ماڻهو انهن سڀني ڳالهين جو جواب ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن وسيلي ڏئي ڇڏيو آهي. ايندڙ وقت ۾ تبديليءَ جو اهو واءُ پنجاب ۾ لڳڻ شروع ٿي ويندو، جنهن سان پي ٽي آءِ کي خبر پئجي ويندي ته گهڻِي ويهين سو آهي.
پي ٽي آءِ جي حڪومت کي هاڻ ان ڳڻتي اچي واريو آهي ته نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ ۽ سندس نا اهلي ختم ڪرڻ لاءِ رستا ڳوليا پيا وڃن. ان ڳڻتي جو اظهار وزير اعظم عمران خان نيازي به ڪري چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته هو ڏوهاري جي نا اهلي ختم ڪرڻ لاءِ رستا ڳوليا پيا وڃن ۽ ٻئي پاسي وزير اعظم جي معاون شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته بار به نواز شريف جي نا اهلي ختم ڪرائڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ لڳي آهي. ان مان حڪومت جي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت نواز شريف کي جيل موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏي پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ چاهيندي ته سندس جيل ۾ نه رهڻ جو جواز به گهڙي وٺندي. تنهنڪري اهو سمجهڻ ته نواز شريف ڏيهه ورندو ۽ هيءَ حڪومت کيس جيل ۾ پئي ساڙيندي اها حڪومت جي خام خيالي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ هن اهو چيو هو ته ڪهڙي ريت مريم نواز ۽ نواز شريف کي سزائون ڏيڻ لاءِ مٿان کان حڪم مليل آهي. ان کانسواءِ اڳوڻي جج گلگلت بلتستان جو قسم نامو به منظر عام تي اچي چڪو آهي. جنهن ۾ پڻ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف کي سزا جسٽس ثاقب نثار جي چوڻ تي ڏني وئي هئي.
عمران خان نيازيءَ کي هن وقت نواز شريف جي سياست ۾ اينٽري لاءِ رستا هموار ڪرڻ جا معاملا خراب لڳي رهيا آهن. پر کيس ياد هجڻ گهرجي ته هن کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ ملڪ جا سمورا ادارا استعمال ٿيا آهن. ميڊيا، عدالتون ۽ ويندي آءِ ايس آءِ تائين سڀ عمران خان نيازي لاءِ رنڊڪون هٽائيندڙ ثابت ٿيا آهن. ان وقت هو انڪار ڪري ها ۽ پنهنجي ٻل تي وزير اعظم ٿي ڏيکاري ها پر هن ائين نه ڪيو. هن کي ملڪ جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهيو ويو. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي.
ان سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي هڪ يتيم ٻار وانگر نظر اچي رهي آهي، جنهن کي في الحال ڪو اهڙو آسرو ناهي ته اها ايندڙ وقت ۾ سياسي سيٽ اپ ۾ وفاقي سطح تي نظر ايندي. ان جو بنيادي سبب پيپلز پارٽيءَ جي ويساهه گهاتي واري روايت آهي. جيڪا وڏي وقت کان هلندڙ آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ جڏهن اقتدار هڪ ڀيرو وري نواز ليگ جي هٿن ۾ هوندو ته اها پلاند واري روايت کي برقرار رکندي يا وري ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجون توانايون خرچ ڪندي ۽ اسٽيبلشمينٽ ماضي مان سبق پرائي ان کي سياسي ۽ جمهوري آزادي ڏيندي جو ملڪ وري ڪنهن نئين بحران ۾ نه ڦاسي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button