ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بينظير ڀٽو هڪ مثالي سياستدان

Editorial-Article- Pasha Qazi

مسلم ملڪن ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي، سڄي ملڪ جا جيالا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي ويا آهن. حاضرين، دعائن ۽ ڀيٽائن جو سلسلو به جاري آهي، پر سنڌ جي هن نياڻيءَ جا ٿورا پو به لاهي نٿا سگهجن. شهيد ذُوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو (پنڪي) پاڪستان جي چئني صوبن جي زنجير هئي، جنهن کي ظالمن ٽوڙي ملڪ جي غريب ۽ ڌتڙيل عوام کان وڏو سهارو کسي ورتو. هو اڄ به پورهيتن، هارين ۽ غريب ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽُو جي شهادت کانپوءِ سندس نياڻي بينظير ڀٽو ڏکين حالتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي واڳ سنڀالي، ان دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جا چڱا ڀلا ۽ معتبر اڳواڻ به ضيائي مارشل لا جي خوف کان پارٽيءَ کان پاسيرا ٿي ويا هئا، پر سنڌ جي هن بهادر نياڻي پارٽيءَ کي نه رڳو سنڀاليو، پر پارٽيءَ جي سڄي ڍانچي کي مضبوط ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو پارٽيءَ جي نظرياتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نه رڳو عزت ڏني، پر سندن حوصلا فزائي به ڪئي، جنهن جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ ٻه ڀيرا چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي اقتدار سنڀاليو.
شهيد بينظير ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جي لکين نوجوانن کي روزگار ڏنو، عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي لا ڪيترائي انقلابي اپاءَ ورتا، معذورن جي بهتري لا پروگرام شروع ڪيا، هارين توڙي پورهيتن لا اجرت ۾ واڌ ڪئي. چونڊيل جمهوري حڪومت جي اهڙن اپائن سان ضيائي دور ۾ پيڙيل عوام جي معاشي حالت بهتر ٿي ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ لڳو. شهيد بينظير ڀٽو سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد (موجوده خيبر پختون خواهه) ۾ روڊن جو ڄار وڇايو. پر 1988ع ۾ عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل جمهوري سرڪار کي ڪيرايو ويو، جنهن کانپوءِ ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي 1993ع ۾ سرڪار ٺهي. جنهن دوران به جمهوري سرڪار عوامي ڀلائيءَ جا انقلابي اپاءَ ورتا، پر اها ڳالهه به مخالفن کي نه وڻي ۽ ڪرپشن جا الزام هڻي چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪيو. مخالفن جي باهه ايتري حد تائين به ٿڌي نه ٿي، شهيد بينظير ڀٽو جي ور آصف علي زرداريءَ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل موڪليو ويو، پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو لا حالتون اهڙيون پيدا ڪيون ويون جو هن کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي، پو به هن هار نه مڃي، پرڏيهه ۾ ويهي به بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي بحالي ۽ مضبوطيءَ لا جدوجهد ڪئي.
آمر مشرف وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت برطرف ڪري شريف ڀائرن کي جيل ۾ وجهرايو ۽ جهاز ها جيڪ جو ڪيس داخل ڪرايو ته اها بينظير ڀٽو ئي هئي، جنهن اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام جي بحاليءَ لا ميدان ۾ لٿي. شريف ڀائر جان بچائڻ لا سعودي عرب جي ٽياڪڙيءَ تي ڊيل ڪري ملڪ ڇڏي ويا ۽ 20 سال سياست کان پري رهڻ جي معاهدي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. بينظير ڀٽُو جي جلاوطني دوران پرويز مشرف جي دور ۾ عوام جي معاشي حالت خراب ٿي وئي. لوٽن کي گڏائي وفاقي سرڪار ٺاهي وئي، ڪڏهن شوڪت عزيز کي وزيراعظم بڻايو ويو ته ڪڏهن چوڌري شجاعت کي ته ڪڏهن مير ظفرالله جماليءَ کي وزيراعظم بڻائي گاڏو هلايو ويو، پر اصل اختيار آمر مشرف پاڻ وٽ ئي رهيا، جنهن ڪري ملڪ جون اڪثر پارٽيون خاموش ٿي ويهي رهيون، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن پنهنجي محبوب قائد بينظير ڀٽو جي حڪم کي لبيڪ چوندي آمر مشرف جي سرڪار خلاف روڊن تي نڪري احتجاج ڪيا، جنهن دوران مٿن تشدد به ٿيو، پو به جيالن پير پوئتي نه ڪيا. نيٺ بينظير ڀٽو پاڪستان جي عوام خاطر پنهنجي سياسي مخالف نواز شريف سان ميثاق جمهوريت وارو معاهدو ڪيو، پر ان تي نواز شريف عمل نه ڪيو، نواز شريف جو ڪردار، فعل ۽ قول ڏسڻ کانپوءِ ملڪ جي پورهيتن، هارين ۽ غريب ماڻهن لا بينظير ڀٽو ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو، بينظير ڀٽو جي اهڙي اعلان سان پاڪستان جي سياست ۾ هلچل مچي وئي ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ کي چنبڙيل آمر پرويز مشرف ۽ سندس ساٿي خوف ۾ وٺجي ويا. پنهنجي نا تجربيڪار سياسي صلاحڪارن سان مشورن کانپوءِ پرويز مشرف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ملڪ ورڻ جي وڏي رستا روڪ ڪئي، پر بينظير ڀٽو عوام سان ڪيل وعدو پاڙيندي نيٺ پاڪستان پهچي وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي جو لکين ماڻهن زبردست استقبال ڪيو. بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ ڏسي جيالن ۽ پارٽيءَ ۾ وڏي سگهه پيدا ٿي وئي، پر اها ڳالهه مخالفن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر هئي. پاڪستان پهچندي ئي بينظير ڀٽو نظرياتي ڪارڪنن سان بنا سيڪيورٽي سندن گهرن تي وڃي ملاقاتون ڪيون، بينظير ڀٽو جي واپسي کانپوءِ عوام جو جوش ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا، نيٺ شهادتن وارو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو ۽ ڪارساز واري هنڌ تي بينظير ڀٽو جو قافلو گذري رهيو هو ته ان وقت اسٽريٽ لائيٽون بند ڪيون ويون، جنهن دوران ئي هڪٻئي پٺيان ڌماڪا ٿيندا رهيا، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ جانثارن شهادت جو جام پيتو ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا. بينظير ڀٽو خطرناڪ حملي باوجود ڊڄڻ بدران شهيد ٿيل ڪارڪنن جي گهرن تي وڃي انهن جي مائرن سان تعزيتون ڪيون ۽ کين آٿت ڏني. بينظير ڀٽو بنا سيڪيورٽيءَ جي ڪيترن ئي جيالن جي گهرن تي پهتي، اهڙي صورتحال ڏسي اقتداري ڌريون منجهي ويون ته بينظير ڀٽو کي سياست کان ڪهڙي طريقي سان پري ڪيو وڃي، پر شهيد ڀٽو جي هي نياڻي عوام لا سڄي ملڪ ۾ دورا، ملاقاتون ۽ ننڍا وڏا جلسا ڪندي رهي.
ملڪي ادارن پاران بينظير ڀٽو کي دهشتگردن جي امڪاني حملن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته پنهنجون سرگرميون محدود ڪري، اهڙن امڪاني حملن جي خطري باوجود بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوري نظام جي بحالي ۽ عوام جي بهتري لا سياسي سرگرميون جاري رکيون. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي جناح باغ ۾ آيل لکين ماڻهن کي خطاب ڪرڻ پهتي، هڪ عوامي سمنڊ پنهنجي محبوب ليڊر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لا آتو هو. هر پاسي پارٽيءَ جي گيتن تي جيالن، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو رقص هو، جلسي ۾ لکين ماڻهو بينظير ڀٽو جي حمايت ۾ نعرا هڻي رهيا هئا، ان وقت ئي بينظير ڀٽو جلسي گاهه پهچي وئي ۽ اسٽيج تي عوام کي هٿ لوڏي جواب ڏيندي رهي. بينظير ڀٽو خطاب شروع ڪيو ته لکين ماڻهن جو جوش ۽ ولولو وڌي ويو. خطاب کانپوءِ بينظير ڀٽو پنهنجي بلٽ پروف گاڏي ۾ سوار ٿي واپس وڃڻ لا نڪتين ته گاڏيءَ کي پارٽيءَ جي جيالن ۽ بينظير ڀٽو جي چاهيندڙن گهيرو ڪري ڇڏيو ۽ نعرا هڻندا رهيا، بينظير ڀٽو ڪارڪنن جي نعريبازي ٻڌي گاڏيءَ ۾ ويهي نه سگهي ۽ جيالن کي جواب ڏيڻ لا گاڏيءَ جو روف ٽاپ کولي بيهي جيالن کي هٿ لوڏي جواب ڏيڻ لڳي ته ظالمن عالمي سطح جي مڃيل ليڊر مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو زخمي ٿي گاڏي ۾ ڪري پئي. فائرنگ دوران ئي ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ڪيترائي جيالا شهيد ٿي ويا. بينظير ڀٽو کي اسپتال نيو ويو، پر عوام جي بينظير ۽ ڀٽو خاندان جي پنڪي سدائين لا اسان کان وڇڙي وئي. بينظير ڀٽو جي شهادت تي سڄي ملڪ جي عوام ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ عوام لا حياتيءَ جي پرواهه نه ڪندڙ بينظير ڀٽو اچ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر هو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button