شوبز

سلمان خان ريکا سان شادي جي خواهش ۾ ڪنوارو رهيو

بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس شادي نھ ٿيڻ جو سبب ريکا آهي، ڇوتھ مان ان سان شادي ڪرڻ جي خواهش رکي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان اهو پڻ ٻڌايو تھ مان ننڍپڻ کان ئي ريکا جو تمام گهڻو مداح رهيو آهيان. هن چيو تھ ريکا پاڙي ۾ رهندي هئي، جيڪا صبح جو ساڍي 5 وڳي واڪ خاطرنڪرندي هئي، تنهنڪري کيس ڏسڻ خاطرمون بھ صبح جو واڪ شروع ڪيو هو. سلمان خان جو چوڻ هو تھ دوستن سان گڏ ريکا جي يوگا وارن ڪلاسن ۾ بھ کيس ڏسڻ جي نيت سان داخل ورتي هئي. هن چيو تھ منهنجي خواهش رهي تھ ان سان شادي ڪيان، ان ڪري اڃا بھ ڪنوارو آهيان.

سلمان خان کي زهريلي بلا ٽي ڀيرا ڏنگ هنيا، 6 ڪلاڪ اسپتال ۾ رهيو

بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي تھ فارم هائوس ۾ بلا کي ڏسي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ اها منهنجي ٻانهن تي چڙهي وئي ۽ ٽي ڀيرا ڏنگ هنيا. هن ٻڌايو تھ بلا تمام گهڻي زهريلي هئي، اسپتال ۾ 6 ڪلاڪ رکي علاج ڪيو ويو. هوڏانهن راشد ڪمال خان چيو آهي تھ سلمان کي ڏنگ هڻندڙ بلا مري وئي آهي، ڇوتھ سامهون وارو وڌيڪ زهريلو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button