اوم پرڪاش والميڪي هندستاني دلت ليکڪ ۽ شاعر آهي. جيڪو پنهنجي جڳ مشهور سوانح حيات “جوٺن” جنهن کي دلت ادب جو شاهڪار چيو ويندو آهي، سان سڃاتو ويندو آهي. هن جو ٻيو شاهڪار نثري نظم، “ٺاڪر ڪا ڪنوان” جنهن پڻ جڳن ۾ شهرتون ماڻيون.
چلهه مٽيءَ جي
مٽي تلاءُ جي
پر تلا ٺاڪر جو
بک مانيءَ جي
ماني ٻاجهر جي،
ٻاجهر کيت جي،
پر کيت ٺاڪر جو…
ڍڳا ٺاڪر جا،
هر ٺاڪر جو…
هر جي نار تي هٿ پنهنجو
پر ٻني ٻارا ٺاڪر جا…
گهٽيون ٺاڪر جون…
چوواٽيون ٺاڪر جون…
پو پنهنجو ڇاهي؟
ڳوٺ؟
شهر؟
ملڪ؟
(اوم پرڪاش والميڪي- ٺاڪر ڪا ڪنوان جو ترجمو)
جوٺن کانسواءِ والميڪيءَ جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿيا جن ۾ “صدين جو سنٽاپ”، “بس گهڻو ٿيو” ۽ “هاڻي وڌيڪ نه” شامل آهن. ان سان گڏ هن شارٽ اسٽوريز جا ٻه ڪتاب جن ۾”سلام” ۽ “گُهسپيٽيي” شامل آهن.
هو اتر پرديش جي ڳوٺ برلا ۾ پيدا ٿيو ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينسر سان جهيڙيندي گذاري ويو. والميڪي پنهنجي سوانح حيات ۾ 1950ع کان پوءِ نئين آزاد هندوستان ۾ پنهنجي زندگيءَ کي “اڇوت”، دلت جي پسمنظر آڌار بيان ڪيو آهي.
اوم پرڪاش والميڪيءَ جي سوانح حيات “جوٽن” جو ترجمو “ککي هاڻيون کاريون” جي عنوان سان ڪري هالار لغاري سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار سوانح حيات جو اضافو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ موجود تسلسل ۽ رواني ڪٿي به اهو احساس ٿيڻ نٿي ڏئي ته هيءَ ڪو ٻي ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو ويو آهي.
لفظ “جوٺن” جو مطلب ٿالهي ۾ رهجي ويل کاڌو يا اوبر آهي، جيڪو گندگيءَ جي ڍير يا جانورن کي ڏنو ويندو آهي. پر جي ڪير پنهنجي سوانح حيات کي اهڙو نان ڏئي ته ان جو مقصد آهي ته اندر ڪهڙي ماجرا هوندي. هيءَ ڪتاب ڪيترن ئي پهلوئن کان حساس آهي. ڇو ته رڳو هندستاني سماج جي ڪند ذهنيت تي آڌاريل ذاتي بيان ئي نه آهي، بلڪه مجموعي طور “انساني روين ۽ قوت” جو اڀياس پڻ آهي. هي ڪتاب اهو سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ذات پات جو نظام اسان جي چئوگرد ڪيئن منظم آهي ۽ خاص طور هندوستاني سماج ۾ دلت طبقن جون حقيقتون ڪڙيون آهن. والميڪي لکي ٿو:
“ذات پات هندستاني سماج جو هڪ اهم عنصر آهي. انسان جيئن ئي پيدا ٿئي ٿو، ذات ان جي تقدير جو تعين ڪري ٿي. پيدا ٿيڻ انسان جي اختيار ۾ ناهي، پر جي اهو ڪنهن جي اختيار ۾ هجي
ها ته مان ڪنهن ڀنگيءَ جي گهر ڇو پيدا ٿيان ها! اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي هن عظيم ثقافتي ورثي جا علمبردار سڏرائين ٿا، ڇا انهن فيصلو ڪيو هو ته اهي ڪهڙي گهر ۾ پيدا ٿيندا؟ بيشڪ هو پنهنجي موقف کي ثابت ڪرڻ لا صحيفن جو رستو وٺن ٿا. اهي صحيفا جيڪي مساوات تي فروغ ڏيڻ بجا جاگيرداڻي قدرن تي قائم ڪن ٿا”.
توڻي جو 1949ع ۾ اڇوت کي غير قانوني قرار ڏنو ويو، پر دلتن هر نئين سج سان متڀيد واري سلوڪ، تشدد ۽ ڪروڌ ۾ شدت ايندي ڏٺي. ڇوت ڇات جي قانوني خاتمي ۽ پٺتي پيل طبقن جي تعليم تائين رسائيءَ سان گڏ ذات پات جي جبر ۽ تشدد هيٺين ذاتن جي نئين نسل جي زنده حقيقت بڻجي ويو. اوم پرڪاش جي نظام تعليم تي تنقيد آئيني وسعتن جي نااهلي کي وائکو ڪري ٿي. والميڪيءَ جو بيانيو هن “نئين آزاد هندستان” ۾ هيٺين طبقن جي تعليم تائين رسائي جي رائج مقصد کي چئلينج ڪرڻ ۽ ذات پات جي جبر جي صورتن کي ظاهر ڪرڻ هو.
هن جو تعلق چوهڙا برادريءَ سان هو ۽ سڄي ڳوٺ کي ڇوت ۽ اڇوت جي بنياد تي “چوهڙا ۽ تياڳي” ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ لڳ ڀڳ سمورن تعليمي ادارن ۾ تياڳي برادري حاوي هوندي هئي. ان کانسواءِ چوهڙا انهن جي ڪروڌ جو نشانو بڻيا رهندا هئا. استاد يا ته پاڻ تياڳي هوندا هئا يا ته انهن جي اثر ۾ هوندا هئا. ڪير به استاد کان اها توقع نٿو ڪري سگهي ته اهو ما جي نان تي شاگرد کي گار ڏيئي يا پنهنجي همعصر جماعت جي شاگرد جي سامهون تعليم بدران فقط اسڪول جي صفائي ۽ گند ڪچرو ميڙڻ تي مجبور ڪيو وڃي. اهو انساني تعليمي ۽ شهري آدرشن جي سنگين نفي آهي، جنهن کي ڪن سماجن ۽ طبقن جائز سمجهندي ورتا جو هدف ٺاهي ڇڏيو آهي. هيءَ ڪتاب ان ڪري به حساس آهي ڇو ته هيءَ ڪو افسانوي، من گهڙت يا اڀاميل جذبن تي آڌاريل ڪا ڪهاڻي ناهي، بلڪه سوانح حيات آهي. يعني اهي سڀ وارتائون ليکڪ سان ٿي گذريون آهن. جن کي نهايت بهادري ۽ اعليٰ ظرفيءَ سان دنيا آڏو پيش ڪيو ويو آهي.
دلت، هيڻن، ڪمزور، اڇوت، اٻوجهه، محڪوم سماجن جون وارتائون ۽ قصا ڪهاڻيون ته سدائين هر ماڻهوءَ لا اتساهه ۽ تحرڪ جو سبب پئي رهيون آهن. اهڙي ريت “ککي هاڻيون کاريون” پڙهندي ڪيترا ڀيرا ڪتاب بند ڪري فرار ٿيڻ چاهيو. پر شايد ئي ڪو صفحو هجي جيڪو ڳوڙهن سان نم نه ٿيو هجي.
دلت صدين کان “جوٺن” کي قبول ڪرڻ ۽ کائڻ تي مجبور آهن. هي لفظ هندستان جي سماجي طبقن جي هيٺ رهندڙ مجبور گروهه جي ڏک، ذلت ۽ غربت کي سهيڙي ٿو. مون کي خبر ناهي يا ائين کڻي چئجي ته ان بحث کان پاسو ڪندي ته “دلت” “اڇوت” ڪنهن مخصوص سماج جي علامت آهي يا ان جون روايتون هن سماج ۾ به رائج آهن، پر جنهن به رلندي اهڙا ڪردار ۽ رويا شهر تهذيب منجهه سامهون اچي پوندا آهن ته سمجهه ۾ نه ايندو آهي. پر خير هيءَ ڪتاب حساس ان ڪري به آهي ته ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو ته ڪيئن سماج ماڻهن جي هڪ مخصوص گروهه کي سالن ۽ نسلن تائين غير انساني ورتا جو کاڄ بڻائيندا رهندا آهن.