شيخ اياز پنهنجي ڪهت ۽ لکت ڪلا وسيلي سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌي سماج کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، اهو قدر جوڳو آهي. شيخ اياز کي سندس زندگيءَ ۾ ئي وڏي مڃتا ملي هئي ته ڪٿان ڪٿان مٿس پٿر به اُڇلايا ويا هئا، جيڪو هر وڏي ڏات ڌڻيءَ سان ٿيندو آيو آهي. ڪنهن به اعلى فن جي پاڻيٺ پرک لاءِ ڪيئي زمانا گهرجن ڇاڪاڻ ته اُتم فن زمان ۽ مڪان جي روايتي ٻنڌڻن کي ٽوڙي، مٿاهين فڪري اُڏام جي واٽ وٺندو آهي. شيخ اياز شاندار نثر لکيو ته سنڌيءَ ۽ اُردوءَ ۾ بيمثال شاعريءَ به ڪئي. سندس تخليق حسنِ تخليق جو حسين نمونو آهي. هن شاعريءَ ۾ کوڙ سارا تجربا به ڪيا ته روايتي گهاڙيٽن کي به نواڻ ڏيئي، نکاري، نئين روپ ۾ پيش ڪيو. سندس ڏات جي ڏياواني جي فراوانيءَ جو هر هڪ معترف رهيو آهي ته سندس ڏانءُ به ڄاڻ جي کاڻ آهي. هن پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کي جنهن خوبصورت اظهار وسيلي سدا ملوڪ شڪل ڏيئي پيش ڪيو آهي. تنهن مان صدين تائين، معنى جا موتي ميڙيا ۽ ماڻيا ويندا. سندس نثر توڙي شاعري ٻوليءَ جي سونهن ۾ وڏو واڌرو ڪن ٿا. هن شاهه لطيف جي ادبي ۽ فڪري ورثي کي بنياد بنائي، سموري تسلسل کي سهيڙي، جيڪي پيش ڪيو سو اڀياس ۽ رهنمائيءَ جوڳو آهي جنهن مان سنڌي ادب توڙي فڪر جي آبياري ٿيندي رهندي. سندس شاعريءَ جي سرچشمن ۾ سنڌي ڪلاسيڪي ورثو، ننڍي کنڊ جو ادبي ورثو، لوڪ ادبي ورثو، فارسي شاعري، انگريزي شاعري، نظرياتي تحريڪون آهن. هن شاعريءَ کي ڀٽائي وانگر خيال جو واهڻ ڪري پيش ڪيو آهي جنهن وسيلي انساني خيال هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهو تائين، هڪ پيڙهيءَ کان ٻئي پيڙهيءَ تائين، هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين پهچي ٿو. انهن سڀني اثرن باوجود شيخ اياز جي پيشڪش منفرد آهي ۽ سندس شاعري پنهنجي سُڃاڻپ پاڻ آهي. هن شاعريءَ وسيلي ماڻهوءَ جي رويي ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هو تمام گهڻو ڪامياب رهيو. سندس موضوعن ۾ عشق اهم موضوع آهي جنهن مان اڳتي هلي سنڌ سان عشق، انسان سان عشق، مظلومن سان محبت، انساني ڪاروهنوار جي ڇڪتاڻ، دنيا جي اڻبرابري، اوچ نيچ ۽ الله سان محبت جا موضوع نروار ٿين ٿا. تاريخ جو ڳوڙهو تقابلي مطالعو ۽ نظرياتي ٽحريڪن ۾ سندس دلچسپي کيس، اهڙي پد تي آڻي بيهارين ٿا جيڪو گهڻن ناليرن کان مٿاهون آهي.
نون گهاڙيٽن کي سنڌي شاعريءَ ۾ متعارف ڪرائيندي، شيخ اياز “آپيرا” يا منظوم ڊرامن جي شڪل ۾ چار ڀلوڙ منظوم ڊراما…..مُندن جو منڊل (1947ع)، دودي سومري جو موت (1970ع)، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل (1970ع) ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي (1989ع) لکيا آهن جن مان ڪجهه ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيا ويا آهن ۽ انهن عوامي مقبوليت پڻ ماڻي آهي. اهي سڀئي ڊراما خوبصورت خيال ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهن. آپيرا دودي سومري جو موت، سنڌ جي ڪربل ڪهاڻي آهي جنهن بابت چارڻن توڙي ٻين مقامي شاعرن، پنهنجي تخليقن ۾ ڳائي امر ڪيو آهي جن مان اڪثر ڪٿائن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻن جُلدن ۾ سهيڙي پيش ڪيو آهي نه ته سائين ايم ايڇ پنهور جهڙا سُڄاڻ ليکڪ به هن قصي جا انڪاري رهيا آهن. دودي سومري جو قصو ڳاهن وسيلي بيان ڪيو ويندو آهي ۽ اهو بيان ايترو ته اثرائتو آهي جو ماڻهو پنهنجي جذبات کي جهلي نٿو سگهي. قومون پنهنجي سموري فڪري ورثي کي جيئن جو تيئن قبول ڪنديون آهن، تڏهن وڃي ڪا موچاري واٽ نڪرندي آهي. آپيرا “دودي سومري جو موت” ۾ شيخ اياز سومرن جي تاريخي ڪهاڻيءَ کي نئين روپ ۽ رڱ ۾ پيش ڪيو آهي. سومرا سلطان ڏيهي بادشاهه هئا جن “وڳهه ڪوٽ” کي پنهنجو دارلحڪومت بنائي، سنڌ تي بادشاهي ڪئي ۽ وڳهه ڪوٽ کان اُتر طرف ڪجهه فاصلي تي “روپا محل” سندن رهائشگاهه هوندي هئي جنهن جو ٺڪراٺو بدين ضلعي جي ڏاکڻئين دنگ تي سم نالي جي ويجهو موجود آهي. شيخ اياز جي هن منظوم ڊرامي جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويي هن آپيرا کي علامتي ڪوٺيندي لکيو آهي ته هن ڊرامي جا ڪردار پراڻا به آهن ته نوان به آهن.
هن ڊرامي جي ڪردارن ۾ ٻاگهي، دودو، چنيسر ۽ ڇولي مُک ڪردار آهن. جڏهن ته هن سالار خان نالي هڪ ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو دهلي جي فوج جو سالار آهي پر ان جو ڪوئي مڪالمو ناهي. سڀ کان اهم ڪردار ٻاگهيءَ جو آهي جيڪا سلطان ڀونگر سومري جي ڌيءَ يعني دودي ۽ چنيسر جي ڀيڻ آهي. هوءَ بهادري، بردباري ۽ ثابت قدميءَ جو مثالي ڪردار آهي. جنگي حالتن ۾ به سندس خيال لُڏي نٿو. دودو جڏهن ساڻس علاءُ الدين خلجيءَ جي بد ارادن کان آگاهه ڪري ٿو ته ۽ هوءَ دودي کي به همٿ ڏياري، دهليءَ جي فوج سامهون اڏول ٿي بيهڻ جي ڳالهه ڪري ٿي؛
جي تون وڙھندين ماريو ويندين
هن وستيءَ تي واريو ويندين
دودا! تنهنجو ساه ته ويندو
ماڻھوءَ جو ويساه نه ويندو
تنهنجا پٽ نه ته تنهنجا پوٽا
رهندا توسان پور-وڇوٽا
آزاديءَ لئه رڙھندا آخر
رڙھندي رڙھندي وڙھندا آخر
تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ
۽ جي چاهين خال ڇڏي وڃ
مون لئه تون جيڪو به قبولين
خلجي، ڪتو، جو به قبولين
دودي سومري جو ڪردار هڪ اڏول ۽ بردبار شخص جو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ جي خود مختياري بچائڻ لاءِ جان جي قربان ڏئي ٿو. هن کي پنهنجي ڌرتيءَ جو ۽ پنهنجي ماڻهن جو اونو آهي. کيس ماڻهوءَ ۾ ويساهه آهي. سندس نظر ۾ ماڻهوءَ جو من ڏونگر کان ڏاڍو آهي، ڪپهه کان ڪونئرو آهي، ڄڻ ڪو پاڻيءَ جو پونئرو آهي. هو جڏهن پنهنجيءَ تي اچي ٿو ڌرتي ۽ آڪاس ڌڏن ٿا، تارا ان لاءِ هيٺ جهڪن ٿا، ڏونگر سندس سامهون سيس نوائين ٿا. سندس نگاه ۾ لڄ جيان ڪا لوئي ناهي. سچ اهڙي قلعيگيري آهي جيڪا من تان صدين جا پاپ لاهي، من کي اڇو اُجرو ڪري ٿو ڇڏي. ڪوڙ ماڻهوءَ جي من کي هرکائي، ترڪائي، ڀٽڪائي، اوندهه ڏانهن وٺي وڃي ٿو. موت زندگيءَ جو حصو آهي. موت جي ڏر باوجود زندگيءَ جي تحرڪ جي سونهن سدائين سرس ۽ سوائي آهي. دودو پنهنجي سپاهين جو حوصلو بُلند رکڻ لاءِ کين اُتساهي ٿو ۽ جڏهن کيس پڪ ٿي وڃي ٿي ته اهي جنگ هارائين ٿا ته هو پنهنجي ڪُٽنب جي عورتن کي ڄام ابڙي ڏانهن سام طور موڪلڻ جو چئي، وري جنگ ۾ جنبي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ خاطر، رت جو آخري ڦڙو به قربان ڪري ٿو؛
مان مرندي تائين وار ڪندس
۽ ڌارين جا سر ڌار ڪندس
هي ڪنڌ ڪلهي تي آ جيسين
هو پير ڌريندا ڪيئن تيسين
هن ڌرتيءَ تي جا امي آھي
هيءَ جندڙي هونءَ نڪمي آ
شل جيجل جي ڪنهن ڪار اچي
شل نه ان تي ڪا ميار اچي
شل تنهنجو وار نه ٿي ونگو
شل تنهنجي ڏينهن نه ٿئي ڏنگو
اي ڀيڻ سدا آباد هجين
جنهن جاءِ هجين تون شاد هجين
چنيسر جڏهن دودي کي دهليءَ جي لشڪر اڳيان هٿيار ڇڏڻ ۽ ان جي عيوض عياشيءَ سان اقتدار ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو ته هو کيس موٽ ۾ هن ريت چئي ٿو؛
ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان
ويس مٽائي ورڻو آھيان
تون به چنيسر جو ڪجهھ چاهين
مون کان اڳ ۾ ورڻو آھين
نانو نئين سان ويس بدل سان
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
جاري آھي، جاري رهندي
جاري آھي جاري رهندي
چنيسر جو ڪردار اهڙي شخص جو ڪردار آهي جنهن جو لاڙو عيش عشرت ۽ طاقت ڏانهن آهي. هو هرحال ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. عورت کيس جادو لڳي ٿي پر اقتدار خاطر هو پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ جو سڱ خلجيءَ کي به ڏيڻ چاهي ٿو. هو دودي کي چوي ٿو ته اها ڪاوڙ جر ڦوٽي جي ڦونڊ آهي جنهن ۾ اچي کيس زندگي نه وڃائڻ گهرجي. آڻ مڃيندي، اقتدار ۽ عياشي ماڻڻ گهرجي. اهي اقتدار پسنديءَ واريون صلاحون ڏيندي هو چوي ٿو؛
جر ڦوٽي جي ڦونڊ اجائي
دودا تو ڇو جان گنوائي؟
هرماڻھوءَ جي هاڪ به مٽي
هن ڌرتيءَ تي ڌاڪ به مٽي
آڻ مڃين ها عيش ڪرين ها
هيئن جوانيءَ ۾ نه مرين ها!
ڇوليءَ جو ڪردار هڪ اهڙي نچندڙ عورت جو آهي جيڪا مردن کي پنهنجي ناچ وسيلي وندرائي ٿي ۽ سندن من پرڀائي ٿي. ڇوليءَ کي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هوءَ به آزاديءَ سان پيار ڪرڻ لڳي ٿي. انسان کي جيڪا فطرت آزادي ڏني آهي سا املهه آهي. سموريون ٻيون شيون ان کان گهٽ آهن. خيال، وقت ۽ ماحول ، انهي آزاديءَ جا ٽي بنيادي نڪتا آهن. ڇوليءَ کي به جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هوءَ هن ريت چوڻ لڳي ٿي؛
هي ڪنڌ ڪڪوريل آزادي
ماڻھوءَ ۾ موريل آزادي
ٿي پرکي پاڻ وهيڻن کي
ڇا هانءَ ڏئي ٿي هيڻن کي
تدبير ڏئي تقديرن کي
تقدير ڏئي تدبيرن کي
ڇا گوندر کي گرمائي ٿي
ٿي راڱا راڙ مچائي ٿي
۽ پير ڇڪي پنجوڙن ۾
ڇا گونجي ٿي گجگوڙن ۾
اي دودا! توتان گهور وڃان
شل آئون به ڀو جا ڀول ڀڃان!
ان ريت هي منظوم ڊرامو انساني رويي جي مختلف رخن کي پيش ڪندي، ان مان سچ جي سنيهي کي نروار ڪري ٿو. شيخ اياز پنهنجي فڪر ۾ ڪڙهيل کير جهڙو سچ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ هن سچ جا ماڻڪ موتي ڇڏيا آهن. لوهه جي واپارين کي جيڪڏهن اياز جون ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن ته اهو سندن فڪري پسماندگيءَ جو ڏوهه آهي. باقي شيخ اياز جو خيال جڳ ۾ صدين تائين نه رڳو گونجندو رهندو پر ويراوير وڌنڌو رهندو ڇاڪاڻ جو ان جو بنياد انسان جي فطري فڪري آزادي آهي.