شوبز

سعودي اداڪارا اريج عبداللھ جو لاش فليٽ مان مليو

سعودي عرب جي نوجوان اداڪارا اريج عبداللھ جو لاش فليٽ مان مليو آهي. ميڊيا مطابق مصر جي شهر قاهرا ۾ پنهنجي فليٽ تي رهندڙ اداڪارا اريج جي موت بابت اطلاع سندس ملازما پوليس کي ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ اريج عبداللھ جو موت ننڊ دوران دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو آهي. هوڏانهن پوليس موت جو سرٽفڪيٽ جاري ڪيو آهي، جنهن بعد اداڪارا جو لاش سعودي نيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي تھ شروعاتي جاچ دوران اريج عبداللھ جي قتل بابت ڪي بھ شاهديون نھ مليون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button