شوبز

اشنا شاهه ۽ صبا فيصل انوراگ ڪشپ سان گڏ ڪم ڪنديون

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل ۽ اڀرندڙ اداڪارا اشنا شاهه ڀارتي فلم ميڪر انوراگ ڪشپ سان گڏ ڪم ڪنديون. ميڊيا مطابق اشنا شاهه ۽ صبا فيصل اڻسڌي ريت ڀارتي فلم ميڪر سان ڪم تصديق بھ ڪئي آهي. هوڏانهن اداڪارا صبا فيصل بيلا روس مان جاري ڪيل وڊيو ۾ نالو کڻڻ بنا وڏي فلم ميڪر سان گڏجي ڪم بابت آگاهي بھ ڏني آهي. جڏهن تھ صبا فيصل جي پٽ ارسلان فيصل بيلا روس ۾ موجود ٻنهي اداڪارائن جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻئي اداڪارائون انوراگ ڪشپ سان گڏ نظر آيون آهن ۽ اهي ساڻس ڪنهن مسئلي تي بحث ڪري رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button