جيڪڏهن سماج ۾ آپگهات ڪرڻ جو لاڙو وڌي وڃي ته اهو طئي آهي ته اهو سماج ذهني طور هڪ بيمار سماج آهي. اسان وٽ ذهني بيمارين کي هڪ عيب سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته ذهن سڄي جسم کي هلائيندو آهي. پر جڏهن سماج جو فرد ڪنهن به قسم جي ذهني بيماريءَ ۾ ورتل هوندو آهي ته ان سان عجيب ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. ان کي مريض سمجهڻ بدران ان جو مذاق اڏايو ويندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ آپگهات ڪرڻ جا واقعا پيش ايندا آهن. پر اسين انهن سوالن تي ڪونه ويچاريندا آهيون، جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ کي آپگهات ڪرڻ جهڙي فيصلي تي مجبور ڪندا آهن. دنيا ۾ ذهني بيمارين تي تحقيق ٿيندي آهي، مرضن جو علاج ڪرڻ لاءِ ڪوششُون ڪيون وينديون آهن پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ نه رڳو ذهني بيمارين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر اڻپورا آهن بلڪه انهن مريضن ڏانهن مجموعي طور سماجي رويو به خراب آهي. ٻه ڏينهن اڳ ان حوالي سان سينيٽ ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو آهي، جنهن موجب آپگهات کي ذهني بيماري قرار ڏنو ويو آهي.
سينيٽ ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙن جي سزا ختم ڪرڻ ۽ آپگهات کي ذهني بيماري قرار ڏيڻ وارو بل پيش ڪيو ويو آهي. چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي سينيٽر شهادت اعواڻ فوجداري ضابطي 1898ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪيو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن بل جي حمايت ڪئي، جنهن سبب بل منظور ڪيو ويو. اپوزيشن سينيٽر شهادت اعواڻ تعزيرات پاڪستان 1860ع ۽ فوجداري ضابطي 1898ع ۾ ترميم جو هڪ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو آپگهات کي ذهني بيماري قرار ڏيڻ بابت هو. شهادت اعواڻ چيو ته آپگهات جي ڪوشش ڏوهه ناهي پر هڪ بيماري آهي، جنهن تي سينيٽر غفور حيدري چيو ته اسلامي تعليم ۾ آپگهات کان روڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير علي محمد چيو ته ذهني طور تي صحتمند انسان آپگهات ناهي ڪندو، انتهائي قدم کڻندڙ ماڻهوءَ سان ذهني مسئلو هوندو آهي پر ڏسڻو پوندو ته آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن جي سزا ختم ڪرڻ سان ان کي وڌيڪ هٿي ته نٿي ملي. قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته هن بل تي وڌيڪ مشاورت ڪرڻ گهرجي، عالمن سان گڏو گڏ سائنسي ماڻهن سان به مشورو ڪرڻ گهرجي، مسئلو سزا ختم ڪرڻ جو ناهي، ان کي ذهني بيماري جي برابر نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين راءِ وٺڻ جي لاءِ بل اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي اماڻيندي چيو ته ڪائونسل جي راءِ ڏيڻ کان پوءِ بل ڪميٽيءَ ۾ بحث هيٺ آندو وڃي.
ذهني طور دٻاءُ ۾ ورتل ماڻهوءَ جي ڪيفيت نارمل نه هوندي آهي، اهو پنهنجي وس نه هوندو آهي، تنهنڪري هو ڪجهه به ڪري سگهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو هن کي مناسب علاج جي ضرورت هوندي آهي پر وڌيڪ خيال رکڻ ۽ سنڀال جي ضرورت آهي، جنهن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل هڪ سٺو اپاءُ آهي، جنهن سان ذهني مرضن ۾ ورتل ماڻهن کي وڌيڪ اذيت نه ايندي ۽ انهن جو بهتر علاج ٿيڻ جا امڪان به روشن ٿي ويندا. جيڪو سماج جيترو ذهني طور بيمار هوندو، ان جي ترقي ايتري ئي متاثر ٿيندي آهي. تنهنڪري هن پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ذهني طور بيمار ماڻهن کي سماج کان ڪٽي ڌار ڪرڻ بدران انهن کي سماج سان گڏي سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو ان وقت ئي سماج لاءِ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا، جڏهن انهن کي سماجي ڌارا ۾ شامل ڪري کين اهو احساس ڏياريو وڃي ته اهي ڪنهن به ريت سماج تي بار نه بلڪه هن سماج جو حصو آهن ۽ اهي پنهنجن ذهني صلاحيتن کي ڪتب آڻي گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته مٿئين بل جي روشنيءَ ۾ ذهني مرضن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ ايندڙ وقت ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. پر ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انهن مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل جي ادارن ۾ جديد مشينون رکيون وڃن. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪوبه ماڻهو ذهني طور بيمار ٿئي ٿو ته اهو وڌ کان وڌ اڪيلائيءَ کي ڀوڳيندو آهي، ان ڪري هو آپگهات جي ڪوشش به ڪندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذهني مريضن کي سماج کان ڌار ڪري وڌيڪ اڪيلو ڪرڻ بدران انهن کي سماجي سرگرمين جو حصو سمجهيو وڃي. ان لاءِ نه رڳو وڌيڪ نفسياتي مرضن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ضرورت آهي بلڪه اهڙن ادارن جي به سخت ضرورت آهي، جيڪي وڌ کان وڌ ذهني مرضن ۾ ورتل ماڻهن جي سهائتا ڪري سگهن. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي.