ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ٻارڙيءَ جو ڪيس

Editorial-Article- Rashid Laghari

سماج ۾ بي حسي جا واقعا روز نروار ٿيندا رهندا آهن. سماج ۾ هڪ وحشتن جي نه کٽندڙ سلسلن جو رواج پئجي ويو آهي. ڳوٺن سان گڏ وڏن شهرن ۽ ننڍن شهرن مان انسانيت سان ٿيندڙ لقا روز رپورٽ ٿيندا رهندا آهن. جنهن ۾ عوام جي زندگيءَ ۾ ڪا گهڙي پل سڪون ۽ خوشيءَ جي نظر نه ايندي آهي. هن وقت انسان کان آزاديءَ جي حق کانپو جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. اڄوڪي سماج ماڻهوءَ جي ويڳاڻپ کي اڃا وڌايو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته عوام جي دانهن جو وسيلو ۽ ذريعو حد جي پوليس يا ڪو ٿاڻو ئي هوندو آهي. اهو ٿاڻو ۽ محافظ ئي عوام سان زيادتين، ڏاڍاين ۽ قتل ۾ ملوث نڪرن ته پو ماڻهو محافظن تان ويساهه کڻي ڇڏيندو آهي. حيدرآباد شهر ۾ لکين آباديءَ لا پوليس جي محافظن شهر ۾ حدون ورهائي رکيون آهن. جن حدن ۾ ڪڏهن ٻارڙين سان زيادتي ٿيندي آهي ته اها زيادتي، تڪليف ڏيڻ سان گڏ پوري سماج کي اداس ڪري ڇڏيندي آهي. حيدرآباد ۾ ڳچ عرصو اڳ ڪيترن ئي ٻارڙين کي ريپ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪجهه ڪيسن جا قاتل به پڪڙجي ويا، جيڪي جيلن جي پٺيان ڦاهيءَ جي سزا جا منتظر آهي. ڇاڪاڻ ته قصور ۾ زينب ڪيس کانپو ٻار سان زيادتي ۽ قتل جي سزا ڦاهيءَ آهي. حيدرآباد ۾ جي او آر ڪالوني جي رهواسڻ ٻارڙي رخسانه عرف رڪي کي ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار زيادتي کانپوءِ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ جوابدار ٻارڙيءَ جي ڀا عبدالقادر کي به ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. هن ڪيس ۾ پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن تائين پهچي وئي هئي.
ان ڪيس سان گڏ ٻيو ڪيس قاسم آباد جي واڌو واهه روڊ تي واقع زين ٽاور ۾ سنجهوري واسڻ 13 ورهين جي نينگري مريم لغاريءَ سان اجتماعي ريپ جو ٿيو هو. هن ٻارڙيءَ کي اڍائي سال اڳ جوابدارن زيادتي کانپوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪري 6هين ماڙ تان اڇلائي ڇڏيو هو. اڍائي سالن کان هي ڪيس بلائينڊ مرڊر ڪيس هو، جنهن ڪيس ۾ اڳ پوليس هن ڪيس کي خراب ڪرڻ لا وسان ڪين گهٽايو هو. پر پوليس هن وقت ان انڌي قتل تائين پهچڻ شروع ڪيو آهي. ان لا جاچ آفيسر ڪير هجڻ گهرجي اهو به اهم سوال آهي. 13 ورهين جي ٻارڙيءَ کي اجتماعي زيادتي کانپوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڀٽائي نگر پوليس کي اهم رخ سامهون اچڻ جي سلسلي ۾ ٻارڙيءَ سان ريپ وقت ٿاڻي تي مقرر هيڊ ڪانسٽيبل موندر ڀٽي جي پوليس ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ورتي آهي. ٻارڙيءَ سان زيادتي وقت مقرر اڳوڻي ايس ايڇ او سيف الرحمان سهتو کي جاچ ۾ شامل ڪندي ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان ٻارڙيءَ کي مبينه آئيس جي نشي ۾ اچي مارڻ جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي، ڊي اين اي ڪرائڻ وقت موندر ڀٽي ٿاڻي جو رڪارڊ گم ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جي سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن وٽ گرفتار ٿيل آهي. وڏي ڳالهه ته هن ٻارڙيءَ جي قتل ڪيس ۾ پ پ جي مقامي اڳواڻ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن جي اڃا ڊي اين اي نه ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن ٻڌايو هو ته ڄاڻايل هيڊ ڪانسٽيبل ۽ جاچ ۾ شامل ڪيل ماڻهو گڏجي آئيس جو نشو ڪندا رهيا آهن. هن وقت اهڙي آئيس نشي جون نشانيون ڪراچيءَ ۾ زال طرفان مڙس کي قتل ڪرڻ جون مليون آهن. جنهن ۾ ڊاڪٽر ٻڌائين ٿا ته آئيس نشو ماڻهوءَ مان حسياست ۽ انسانيت وارو جذبو ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
ايس ايڇ او ڀٽائي نگر زياد نوناري ٻڌايو پئي ته هيڊ ڪانسٽيبل، سندس دوست پ پ اڳواڻ ۽ ٻيا ڪرسٽل آئيس جي نشي جا عادي آهن. ٻارڙيءَ جي ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿيڻي آهي. ان ڪري موندر ڀٽيءَ جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپو اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ پ پ اڳواڻ جي به ڊي اين اي ڪرائي ويندي. ان کان اڳ جاچ ۾ شامل ٿيندڙ ايس ايڇ او 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊي اين اي ڪرائي هئي، ايتري قدر جو ٻارڙيءَ جي مامي جي به ڊي اين اي ڪرائي وئي هئي، چوڻ وارا اهو به ٻڌائين ٿا ته ان وقت پوليس قتل ڪيس مان ماڻهن کي گرفتار ڪري لکين روپيا به اوڳاڙيا هئا. هاڻ ڊي اين اي رپورٽ ئي هن انڌي قتل جا پيرا کڻي سگهندي. هاڻوڪي ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه 2 سال اڳ فارنزڪ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته فارنزڪ سائنس جي سلسلي ۾ پوليس عملدارن کي ڄاڻ نه هجڻ ڪري حيدرآباد ۾ ٻن قتل ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. هڪ ٻارڙي ۽ ٻيو لطيف آباد ۾ ٻن عورتن جي قتل وقت پوليس مقتولن جي ننهن جا جزا نه ورتا هئا، جنهن سبب قاتلن تائين نه پهچي سگهياسين. هن چيو ته قتل ۽ زيادتيءَ جي شڪار عورتن ۽ ٻارڙن کي تڪڙو انصاف ڏيارڻ لا فارنزڪ سائنس جي ماهرن جو ورڪشاپ ڪرايو ويو آهي، جنهن مان سڀني پوليس عملدارن کي سبق پرائڻ گهرجي ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ وقت غلطي نه ڪرڻ گهرجي.
حيدرآباد ۾ فارنزڪ سائنس جي ماهرن حيرت جو اظهار ڪندي ٻڌائي چڪا آهن ته سنڌ ۾ پوليس کاتي مان ڪوبه عملدار ۽ اهلڪار جو ڊي اين اي رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته اهلڪارن جو فارنزڪ وٽ ڊي اي اين رڪارڊ هجڻ گهرجي، جنهن سان ڪنهن واقعي وقت ماڻهوءَ جي آسانيءَ سان سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. هونئن ته هر شهريءَ جو ڊي اين اي رڪارڊ موجود هجڻ ضروري آهي پر هتي ائين نه ٿي رهيو آهي، بم ڌماڪي ۽ دهشتگرديءَ جي حملي وقت شهيد ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جو ڊي اين اي رڪارڊ نه هوندو آهي. ماهرن ٻڌايو ته ملڪ ۾ واحد پاڪ آرمي جو ادارو آهي، جتي جوانن جو ڊي اي اين رڪارڊ محفوظ رکيو ويندو آهي. زيادتيءَ جو نشانو بڻيل متاثرن جون شاهديون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ به پوليس کاتو اڻڄاڻ بڻيل آهي، ڄاڻ نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ 300 ڪيس جي فارنزڪ رپورٽ متاثر ٿي چڪي آهي.
صفوران واقعي وقت قتل ٿيل ماڻهن جي رت ۽ جسم جي ٽيشو جا سمپل پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ رکيا ويا، جنهن سان ڊي اين اي ٽيسٽ نتيجا نه ڏئي سگهي هئي. پروفيسر ڊاڪٽر همايون قاضي فارنزڪ سائنس جي اهميت ۽ طريقيڪار تي ڳالهائيندي چيو هو ته ان سائنس جي مدد سان زيادتي ۽ ظلم جي شڪار ماڻهن کي انصاف ملي ٿو. ڊي اين اي جي مدد سان پوليس جوابدارن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. سڀ کان پهرين قتل ٿيل ماڻهو جي ننهن جا سيمپل ورتل وڃن. قتل وقت مرد، عورت ۽ ٻار ننهن سان ئي زور لڳائيندو آهي، ان ننهن جي مدد سان ڊي اين اي وسيلي جوابدارن جو آسانيءَ سان پتو لڳائي سگهبو آهي. هن چيو ته قتل وارن واقعن ۽ زيادتيءَ جي شڪار ماڻهن بابت رت جا جزا وٺڻ لا بيڊ شيٽ، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون محفوظ ڪجن. اهي ڪپڙا ۽ شيٽ سڪائي پو ليب تائين پهچايا وڃن. جيتوڻيڪ هي فارنزڪ ان هنڌ تي ٿي هئي، جنهن ٿاڻي ڀرسان موندر ڀٽي موجود هو، جنهن جي پنهنجي ڊي اين اي ڪرائي وئي آهي. هڪ ڳالهه اها به ڊي اين اي سدائين ساک واري اداري کان ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ ڊي اين اي رپورٽ تبديل ڪرائڻ ۾ دير به ناهي لڳندي. سنڌ پوليس کاتي ۾ سڌارن لا ڪنهن به قدم نه کنيو آهي. جيتوڻيڪ رياستي ڍانچي ۾ پوليس وٽ ئي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جا ذريعا به موجود آهن. ان باوجود پوليس کاتي پوليس آفيسرن جا لڇڻ عوام آڏو پڌرا ٿيندا رهندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button