ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مني بجيٽ ۽ مهانگائي

Editorial-Article- Mazhar Khaskheli

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبليءَ ۾ مني بجيٽ پيش ڪري مهانگائيءَ جو نئون طوفان آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي دوائون، کنڊ، ڀاڄيون، گوشت، ڊبل روٽي، لوڻ، ديسي گيهه، مکڻ، ٻارن جو کير، ريسٽورنٽ جو کاڌو، ميڪ اپ، ڪتاب، ڀاڻ، ٻج، موبائيل فون، ڪمپيوٽر، بيٽريون،گاڏيون، سلائي مشينون، جيولري سميت وڌيڪ 150 شيون مهانگيون ٿينديون. جنهن تي شوڪت ترين چوي تو ته عوام تي رڳو 2 ارب رپين جو ٽيڪس لڳندو. ان سان ڪهڙو مهانگائيءَ جو طوفان ايندو. هيءَ لفظ چوندڙ وفاقي وزير شوڪت ترين کي اها خبر آهي الائي نه، ته هن وقت جهڙي ريت ملڪ اندر مهانگائي سبب مسڪين غريب عوام پريشان آهي. ان جو اندازو شايد کيس نه هجي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين پهتل سمورن چونڊيل ميمبرن مان شايد ڪو اهڙو ميمبر هجي جنهن جا معصوم ٻارڙا ڪڏهن هڪ ويلو بک تي ستا هجن. هنن کي ته کاڌي پيتي جون شيون مارڪيٽ ۾ ڪيتري ۾ ٿيون ملن، ان ڳالهه جي به خبر ناهي. ڇو ته هنن جا نوڪر سامان وٺي ايندا آهن. انهن کي ڪهڙي خبر ته روز ڪمائي روز کائيندڙ مسڪين پورهيت ماڻهو هن وقت ڪهڙي پيڙا ۽ تڪليف مان گذري رهيو آهي، جهڙي ريت جولاءِ 2018ع تي ٿيل عام چونڊن کان پوءِ 18 آگسٽ 2018ع تي عمران خان پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم جو حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي ڪابينا جوڙي ملڪ مٿان حڪومت ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو آهي، هاڻي کيس ملڪ مٿان حڪومت ڪندي 3 سال کان مٿي عرصو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين موجوده عمران خان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪهڙيون ملڪ اندر کير جون نڍيون وهايون آهن.
ڪجهه مهينا اڳ 11 جون تي تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي ناڻي واري وزير شوڪت ترين سال 2021-22ع جي 8 هزار ارب جي بجيٽ پيش ڪئي هئي. هن بجيٽ ۾ 3 هزار 50 ارب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو هو. جڏهن ته خسارو هجڻ باوجود دفاع جي بجيٽ 1335 ارب ڪري رکي وئي هئي ۽ ان سال ملڪ مٿان قرضن جي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار 105 ارب رکيا ويا هئا. بجيٽ ۾ مختلف شعبن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ 500 ارب رکيا ويا هئا پر 6 مهينن کان پوءِ وري تحريڪ انصاف مني بجيٽ آڻي عوام تي نئون مهانگائيءَ جو بم ڪرايو ويو آهي. ان ڪري عوام جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. ڇو ته 6 مهينا اڳ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٽين بجيٽ پيش ڪئي هئي ۽ بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پورهيت جو اجورو 17 هزار مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ اندر ڪجهه وڏن شهرن کان سواءِ مزدوري ڪندڙ مزدورکي ڏهاڙي 3 کان 4 سئو مس ملي ٿي ۽ سڄي مهيني اندر انهن مزدورن جي ٺهي تي 9 هزارن کان 12 هزار. جڏهن ته ڪٿي به ڪنهن مزدور پورهيت کي سڄو مهينو هڪ هنڌ لاڳيتي مزدوري نٿي ملي ۽ مزدور ويچارو مزدوري اڌ مهينو مس ٿو ڪري ان جي ڪري مزدور ۽ هاري ويچاري جي سورن سان سراسري مهينو آمدني 7 کان 10 هزارن تائين بيهي ٿي. جنهن جي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه وري به اها آهي ته جيڪو مهانگائيءَ جو نئون طوفان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت هڪ سال ۾ آندو آهي، ان ۾ مسڪين پورهيت ۽ هاري ويچارو ڪٿي پنهنجو ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀري سگهندو. ان لاءِ سڄي ملڪ اندر مهانگائي جهڙي نموني سان وڌائي وئي آهي، ان سان مسڪين ماڻهو خاص ڪري پورهيت جيڪو روز ڏهاڙي تي ڪمائي ٿو، اهو مزدور ۽ هاري گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ پريشان آهي. جيڪڏهن هو اٽو وٺي ٿو ته ڀاڄي نٿو وٺي سگهي ۽ جيڪڏهن ڀاڄي وٺي ٿو ته گيهه ۽ تيل نٿو وٺي سگهي.
هن ملڪ اندر گهڻي ۾ گهڻو مهانگائيءَ کي منهن پورهيت ۽ هاري ڏئي رهيو آهي. جن جي گهرن اندر هڪ ويلي جي چلهه ٻري ٿي ته ٻئي ويلي جي نه ٿي ٻري. جيڪڏهن ڪو گهر جو ڀاتي بيمار ٿي پوي ٿو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته بنا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ٺيڪ ٿي وڃي پر جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿيو ته مهينو کن کٽ تي پيو هوندو آهي. هڪ پاسي بک ته ٻئي پاسي بيمارين پورهيت ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو ڏينهن جو ڪمائي ٿو ۽ رات جو ننڊ نٿو ڪري، جنهن جي ڪري هلي هلي اهو پورهيت ويچارو پنهنجي گهر جي حالتن کي ڏسي ذهني مريض بڻجي ٿو وڃي ۽ اهڙا سڄي ملڪ اندر هزارين پورهيت ۽ مزدور آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن، جنهن ڪري ملڪي معيشت مٿان پنهنجون نظرون رکندڙ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر مهانگائيءَ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. پر هيءَ حڪومت نه رڳو مهانگائيءَ کان لنوائيندي رهندي آهي، پر ان حقيقت کي به قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي ته واقعي به ملڪ ۾ ڪا مهانگائي آهي ۽ ان مهانگائي سبب سڌو سنئون عوام متاثر ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن واقعي اڄ جيڪا مهانگائي آهي، ان ۾ ڪجهه مهينن اندر اڃان وڌيڪ واڌ اچي وئي ته پوءِ انهن مسڪين غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي روز ڪمائين ۽ روز کائين ٿا. هن وقت انهن جي گهرن اندر چلهه ڪيئن ٻري ٿي، ان تي حڪومت ۾ ويٺل انهن وزيرن سميت سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ايوانن اندر پهتل نمائندن کي ڪهڙي خبر. جيڪي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري پوءِ ميمبر ٿيندا آهن. انهن کي اها به خبر ناهي هوندي ته هن وقت مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جون شيون جيڪي ٻيڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن. جن سان مسڪين ماڻهن جي گهرن جي چلهه ٻرڻ مشڪل ٿي وئي آهي ۽ اهو به سچ آهي ته انهن ايوانن اندر غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نمائندن جو نه هجڻ هڪ حقيقت آهي. جنهن جي ڪري ايوانن اندر مهانگائيءَ تي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته هن حڪومت ۾ ويٺلن تي ڪا ميار ناهي. هيءَ ويچارا پنهنجي حڪومت کي اڳين حڪومتن کان بهتر سڏي رهيا آهن. جڏهن ته سچ اهو آهي ته هاڻوڪي پي ٽي آءِ جي حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام رهي آهي، ان پنهنجو پاڻ کي نا اهل ثابت ڪيو آهي.
اهو اسان وٽ سدائين ٿيندو آيو آهي ۽ ٿيندو اچي پيو. هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته وقت جي حڪومت سدائين پنهنجي حڪومت کي بهترين حڪومت چوندي آهي. باقي جيڪي ملڪ اندر مسئلا هوندا آهن، ان جي ذميواري اڳين حڪومتن مٿان مڙهي عوام کي باور ڪرايو ويندو آهي ته اڳيون حڪومتون ڪم صحيح ڪن ها ته اڄ هيءَ صورتحال نه هجي ها ۽ اها ساڳئي ٻولي موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان کان وٺي وفاقي وزير ڳالهائي رهيا آهن. جنهن ڪري هن ملڪ جو عوام سوچڻ تي مجبور آهي.
هيءَ جيڪي ڪجهه پنهنجي ملڪ جي عوام سان موجوده حڪومت ۽ اڳوڻا چونڊيل نمائندا ميڊيا اڳيان اچي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ايوان اندر ٻڌائي ۽ تقريرن ۾ ٻڌائي ويا آهن، انهن جي پيش ڪيل انگ اکرن کان پوءِ ۽ هنن پاران ڏسيل ملڪ جي خوشحالي واريون ڳالهيون رڳو ڳالهيون آهن. عوام ويچارو اڄ به سورن ۾ آهي ۽ ڪالهه به سورن ۾ هو.
باقي تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻي جهڙي ريت مهانگائي واري پيدا ٿيل طوفان کي جهڪو ڪرڻ بدرانِ اڃان وڌائي مسڪين ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي ته مسڪين ماڻهو موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت مان مڪمل طور تي بيزار ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جا وزير يا وري پارٽي اڳواڻ ڀلي ميڊيا جي اڳيان اچي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر سڏين پر عوام انهن جي اهڙن ڳالهين تي کلي ٿو. هڪ پاسي حڪومت پنهنجي بيڪار ڪارڪردگيءَ جون تعريفون ڪرڻ ۾ پوري آهي ته ٻئي پاسي وري مخالف ڌر جي سمورين جماعتن پاران جوڙيل پي ڊي ايم جو اتحاد آهي، جنهن جي جڙيل اتحاد ۾ ڏار پئجي چڪا آهن. ڇو ته پنهنجو پاڻ کي ملڪ جون وڏيون پارٽيون سمجهندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ هن اتحاد ۾ گڏ هلي ناهن سگهيون ۽ انهن ٻنهي پارٽين کي اصل واڳ ڌڻين هڪ ٻئي جو سخت مخالف ماضي جيان هاڻي به بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڏسجي ته عوام اندر مهانگائي سبب پيدا ٿيل بيچيني واري صورتحال مان اقتدار حاصل ڪندڙ وفاقي سياست ڪندڙ پارٽيون ڪهڙو ٿيون فائدو حاصل ڪن ۽ عوام کي موجوده حڪومت خلاف روڊن تي ڪڍڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button