پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا اريبا حبيب نڪاح ڪري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي. ميڊيا مطابق اريبا حبيب سال جي آخري ڏهاڙي جي آخري پهر ۾ نڪاح جي رسم ڪرائي زندگي جي نئين سفر کي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ نڪاح جي رسم ۾ اريبا روايتي ڳاڙهو جوڙو پاتو ۽ سندس مڙس ڪاري لباس پاتو هو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اريبا حبيب نڪاح واريون ڪيتريون تصويرون شيئر ڪري نئين سفر بابت آگاهي ڏني تھ زندگي زندگي جو نئون سفر شروع ٿي ويو آهي. ان کان اڳ اريبا حبيب جي شادي
جون رسمون 27 ڊسمبر کان شروع ٿيون ۽ اهي سال جي پڄاڻي سان ئي ختم ٿي ويون. هوڏانهن اريبا حبيب کي سندس ساٿي اداڪارن ۽ دوستن مبارڪون ڏنيون آهن.