ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيازي سرڪار ۽ سياسي پنڊت

Editorial- Article- Yameen Jatoi

جيتوڻيڪ گذريل ٽن سالن کان تجزئي نگار ۽ سياسي پنڊت نيازي سرڪار جي خاتمي جون اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن پر سچ اهو آهي ته اڃا تائين ان کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي. نيازي سرڪار جنهن نموني عوام جي مٿان معاشي بمبارڊمينٽ ڪري رهي آهي، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته هو انتهائي “پراعتماد” آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو ايئن عوام تي معاشي حملا نه ڪري ها. سندس اهڙا قدم ان ڳالهه کي ئي ثابت ڪن ٿا ته هو في الحال اتي ئي آهي. اڃا تائين وڃڻ جو پروگرام ڪونه اٿس. ان باوجود مهيني ڏيڍ کان وري انهن تجزين جي ڀرمار آهي ته اجهو ٿو نيازي ٽولي جي اقتدار جو خاتمو اچي. وڏي پڪ سان اهو چيو پيو وڃي ته هاڻي نيازي سرڪار جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، ۽ هو وڃڻ واري آهي. ڪنهن “ان هائوس تبديلي” جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. نواز شريف جي ڏيهه ورڻ جا امڪان به ڏيکاريا پيا وڃن. ان کي رليف ڏيڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. ۽ نيازي ٽولي کي گهر اماڻڻ جي تيارين جا تذڪرا به جاري ۽ ساري آهن. ممڪن آهي ته اهو بحث اقتداري ڌرين جي صفن ۾ ٿيندو به هجي پر نيازي سرڪار جو اعتماد ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي ٿو، مني بجيٽ ان “اعتماد” جو چٽو اظهار آهي.
جيتوڻيڪ حڪمرانن پاران به بظاهر پريشاني جو تاثر ڏنو پيو وڃي جيئن ڪجهه ڏينهن کان عمران نيازي جو نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ وارو بيان ۽ ان ۾ ڪاوڙ جو اظهار حڪمرانن جي بيچئني کي ظاهر به ڪري ٿو پر سچ اهو آهي ته اڳ ۾ به اهڙا ڪيئي موقعا جو ايئن پئي لڳو ته هاڻ بس نيازي سرڪار وڃڻ واري آهي، پر ڇا ٿيو؟ ظاهر آهي ته ڪجهه به نه. تنهنڪري ڪجهه به حتمي طور نٿو چئي سگهجي. مقتدر ڌرين اندر ڪهڙي کچڻي پچي رهي آهي، ان بابت رڳو هوائي توائي ڳالهيون آهن، صورتحال تڏهن وڃي واضح ٿيندي جڏهن نواز شريف پاڪستان ورندو.
هڪ پاسي نيازي سرڪار جي خاتمي ۽ ان هائوس تبديلي جون ڳالهيون هلن پيو ته ٻئي پاسي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته “شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل. اسان چاهيون ٿا ته عدالت نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي، اسان جي اها درخواست آهي ته روز جي بنياد تي نواز شريف جي ڪيس جي شنوائي ٿئي. شهباز شريف کي لڳي ٿو ته اهو ٻڏي رهيو آهي ته سڄو پاڪستان ٻڏي رهيو آهي. شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا وري جيل وڃي.” ممڪن آهي ته اهو نيازي سرڪار جو اعصابي حملو هجي. بهرحال، ان بيان ۾ اهو ظاهر ضرور ٿئي ٿو ته مقتدر ڌرين اندر ڪجهه نه ڪجهه ٿي ضرور رهيو آهي.
بهرحال هڪ ٻن ڏينهن کان جيڪي سياسي اڳڀرايون ٿيون آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن ته اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري کانپوءِ نئين نيب چيئرمين لاءِ نون نالن تي به ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آهي. اپوزيشن ۽ حڪومت اڃا تائين نئين نيب چيئرمين جي نالن جو فيصلو ناهي ڪري سگهي. رانا ثناءُالله چيو آهي ته نيب چيئرمين لاءِ نون نالن بابت حڪومت ابتو طريقو شروع ڪري ڇڏيو آهي. نئين نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ صدر جو اختيار ئي نٿو بڻجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ليڊر آف دي هائوس ۽ اپوزيشن ليڊر صلاح مشورو ڪن ها. هن چيو ته جيڪو ڪم وزيراعطم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جو هو حڪومت اهو ئي ڪم صدر کي ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي صدر ٻنهي کي خط لکي رهيو آهي، نالو گهري رهيو آهي. بهرحال اسان صلاح مشورا ڪيا آهن. هن چيو ته اپوزيشن اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ ڪجهه نالا ڏنا آهن جيڪي شهباز شريف کي به ٻڌايا آهن. هاڻي حڪومت جا ڪهڙا نالا آهن اڃا تائين اسان کي ناهي ٻڌايو ويو.
ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي جائزي رپورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي فنڊنگ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جون ڊونيشن رسيدون نه هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي فنڊنگ تفصيلن ۾ مبينا اڪائونٽس جي موجودگي تي نئون پنڊورا باڪس کلڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پاران جمع ڪرايل پرڏيهي فنڊنگ تفصيلن ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. تحريڪ انصاف ايندڙ هفتي پنهنجا اعتراض اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي آڏو جمع ڪرائيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي فنڊنگ تفصيلن جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي اعتراضن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جون ڊونيشن رسيدون نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪنهن چندو ڏنو، ڪنهن امداد ڏني، وڏين رقمن جو رڪارڊ ئي موجود ناهي. مسلم ليگ (ن) جي 19 اڪائونٽس مان 7 اڪائونٽس جي بينڪ اڪائونٽس جي بينڪ اسٽيٽمنٽ ناهي ڏني وئي. 2013 کان 15 تائين تحريڪ انصاف آڊيٽرز (ن) ليگ جي مبينا 7 اڪائونٽن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي، جيڪي اليڪشن ڪميشن کان “لڪايا” ويا هئا. 5 اڪائونٽ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ هلي رهيا هئا. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اعتراضن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته (ن) ليگ مبينه طور تي 45 ڪروڙ کان وڌيڪ جو حساب پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صرف ٻه سيڪڙو جو مسلم ليگ (ن) رڪارڊ پيش ڪري سگهي. چونڊن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته حنيف خان جي نالي سان 45 ڪروڙ ۽ ڀون داس کان 3 ڪروڙ جي رقم ورتي وئي. ان رقم جو رڪارڊ به پيش ناهي ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) کي 2013 کان 2015 جي 3 سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا مليا. هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي ملي سگهيو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو هڪٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ رپيا پ پ پارليامينٽرين پيپلز پارٽي کي ڏنا. پيپلز پارٽي جو 35 ڪروڙ عطيات جو تصديق ٿيل رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو. 2013 ۾ 9-2014 ۾ 11-2015 ۾ 10 اڪائونٽس جا پيپلز پارٽي بئنڪ اسٽيٽمنيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ناهن ڪرايا.
تحريڪ انصاف جي جائزي رپورٽ ڪيتري درست آهي ۽ ڪيتري درست ناهي، ان جو فيصلو ته ظاهر آهي قانون موجب طئي ٿيڻو آهي، جيڪو ٿيڻ به گهرجي. پر اصل سوال هي آهي ته جيڪا پاڻ سڄي ڪاري آهي اها ٿي چئي ڳئون کي هل ڙي پڇ ڪاري! ان نوعيت جو هڪڙو ڪيس ته ڪيترن ئي سالن کان تحريڪ انصاف خلاف به هلي رهيو آهي. نيٺ ان جو ڇا ٿيو؟ ان جو به ڪو فيصلو ايندو يا نه؟ آخر عوام کي ڪيستائين بيوقوف بڻايو ويندو؟ حالت اها آهي جو اقربا پروري ۽ پروٽوڪول جي معاملي کي کڻي اڳوڻين سرڪارن تي تنقيد ڪندڙ عمران نيازي ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي، اقربا پروري ۽ بي حيائي جون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. ٻين معاملن کي ڇڏي رڳو سندس ڪابينا کي ئي ڏسجي ته اتي هڪ فوج ڀرتي ڪئي وئي آهي. مختصر ڪابينا جي لفاظي ڪندڙ عمران نيازي جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڪابينا موجود آهي، جڏهن خاص معاونن جي به هڪ وڏي فوج آهي جنهن ۾ پڻ اڻ چونڊيلن جي هڪ لوڌ ڀري وئي آهي، جن جو انگ 12 ٻڌايو پيو وڃي.
هڪ ٻي اڳڀرائي اها آهي ٿي آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس بند ڪرڻ متعلق ميڊيا رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ نيب لاهور طرفان ايل ڊي اي پلاٽن جي الاٽمينٽ انڪوائري بند هئڻ بابت ميڊيا جي هڪ حصي ۾ شايع ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبر نشر ڪرڻ جي حوالي سان ردِعمل ۾ واضح طور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پلاٽن جي الاٽمينٽ ڪيس کي بند ڪرڻ بابت ميڊيا جي رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته نواز شريف طرفان ايل ڊي اي پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي ڪيس جي انڪوائري نيب لاهور ۾ جاري آهي ۽ ان ڪيس ۾ بند نه ڪيو ويو آهي. عوام ۾ غلط رپورٽنگ ذريعي بي بنياد ڄاڻ جي فراهمي نه صرف بدديانتي آهي بلڪه نيب خلاف مهم جو حصو آهي. نيب اُميد رکي ٿو ته ذميواراڻي صحافت جي حقيقي روح مطابق نيب سان لاڳاپيل ڪنهن به خبر کي شايع ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪئي وڃي ۽ نيب ترجمان کان نيب جو سرڪاري مؤقف حاصل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button