ماڻهن کي خوش ٿيڻ ۽ جشن ملهائڻ جا بهانا کپن. انهن جا وڏا ڏينهن وڏن فيصلن جي لاءِ نه هوندا آهن. انهن جي لاءِ وڏا ڏينهن صرف پنهنجي دل کي بهلائڻ جي لاءِ هوندا آهن. سال جي ابتدا تي لهندڙ سج کي الوداع چوڻ جون رسمون پراڻيون آهن. اسان وٽ نئين سال جي لاءِ ڇاهي؟ جيڪڏهن اهو سوال اسان پنهنجي دل کان پڇا ڪريون ته اسان وٽ ان جو جواب تمام گهڻي مايوسيءَ وارو هوندو پر پرنٽ ميڊيا ۾ مايوسيءَ جو اظهار ڪرڻ به هڪ طرح سان معيوب آهي. ان ڪري اسان کي پوءِ به ان روايت جا ڪجهه روشن پهلو تلاش ڪرڻا ٿا پون. پر ماڻهوءَ جو من تمام گهڻو ڇنال آهي. اهو هڪ پل هتي ته ٻي پل ڪنهن ٻي جاءِ تي هجي ٿو. ان کي هڪ جاءِ ناهي، جنهن تي هي ٽڪي رهي. ان ڪري هي پنهنجا آسڻ مٽائيندو رهي ٿو. جڏهن به اسان اميدن جي سلسلي ۾ پنهنجي من اندر ڪا تلاش ٿا ڪريون ته اسان جو من اسان جي آڏو مايوسين جا انبار آڻي رکي ٿو ۽ ان ڪيفيت ۾ اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان ڇا ڪريون؟ اسان پوءِ به اها ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪنهن طرح سان مايوسيءَ جي بند ڪوٺيءَ ۾ اميد جي ڪنهن ڪرڻي سان دل بهلايون ۽ پاڻ کي سمجهايون ته جيڪڏهن نئين سال ۾ ڪجهه نه هجي ها ته ڇا پوري دنيا پاڳل ٿي آهي جو اها نئين سال جي آمد لاءِ گهڙيءَ جي ڪانٽن تي نظر کوڙي ان قسم جا انتظار ڪري ٿي ۽ جڏهن نئون سال اچي ٿو ته ان جي ڀرپور آجيان ڪري ٿي. نئون سال ٻيو ڪجهه نه به هجي، تڏهن به پنهنجي ماهيت ۾ هڪ ڀرپور قسم جي اميد جو نالو آهي. اسان نئين سال جي نالي تي ڪجهه سوچي سگهون ٿا.
نئون سان اسان جي پراڻي سال جي جاءِ والاري اسان کي جيڪڏهن نئون بڻائي ته اسان ان جي شڪرگذاري به ڪريون ۽ اهو به سوچيون ته نئين سال جي دامن ۾ اسان جي لاءِ به ڪجهه آهي. پر مجموعي طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪا تاريخ ڪلينڊر جي مٿان تبديل ٿئي ٿي، اها تاريخ تمام گهڻي بي پرواهه هجي ٿي ۽ هن کي ڪنهن جي ڏک ۽ سور جو ڪو احساس ڪونهي. ائين ناهي ته نئين سال ۾ ماڻهن جي صحت بهتر ٿيڻ لڳي ٿي ۽ اهو به ناهي ته نئين سال ۾ اسان جي ٻارڙن کي بهتر تعليم ملي ٿي ۽ اهو به ناهي ته نئون سال پنهنجي دامن ۾ اسان جي لاءِ اهو ڪجهه کڻي اچي ٿو، جنهن جي باري ۾ اسان سوچيو هو ته ڪاش! اهو ڪجهه ان طرح سان ٿي وڃي جنهن طرح سان اڳ ۾ نه ٿيو آهي.
نئين سال جي متعلق شڪايتن جو دائرو اسان جي قومي زندگيءَ تائين محدود ناهي. ائين ناهي ته اسان نئون سال صرف پنهنجين ناڪامين ۽ نادانين جي سلسلي ۾ ڏسون ٿا. پر اسان جيڪڏهن پوري دنيا تي نگاهه وجهون ٿا ته اسان کي صورتحال ساڳي نظر اچي ٿي. اسان اميد ٿا ڪري سگهون ۽ صرف اميد ٿا ڪري سگهون ته نئين سال جو سج اسان جي دنيا کي امن ڏئي ۽ سڪون بخشي پر اسان کي معلوم آهي ته نئين سال اهڙو ڪجهه ڪونهي. ائين ناهي ته نئين سال ۾ جيڪي ملڪ پنهنجي عوام جي آزادين کي دٻائي ويٺا آهن، اهي آزادين جا پروانا جاري ڪندا. ائين به ناهي ته جيڪي ملڪ تمام گهڻي پيڙا ۾ آهن ۽ جن ملڪن ۾ گهرو جنگ هلي رهي آهي، انهن ملڪن جو عوام هن سال ۾ امن جو پيغام حاصل ڪندو ۽ امن انهن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ رقص ڪندو. اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو. جن ملڪن ۾ جيڪا به گهٽن آهي، اها رهندي. جن ملڪن ۾ بک ۽ بدحالي آهي، ان جي مٿان ڪو اثر نه پوندو ۽ جن ملڪن جي مقدر ۾ تمام گهڻي دولت آهي ۽ اهي سکيا آهن ته انهن ملڪن کي اها توفيق نه ٿيندي ته هو پنهنجي سک کي انهن ملڪن سان ورهائين، جن ملڪن ۾ تمام گهڻي وقت کان وٺي ڏک خيما کوڙي ويٺو آهي. اسان وٽ اميدون ته آهن پر انهن اميدن جي آڏو اهڙيون رڪاوٽون آهن، جن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ عبور ڪري نه ٿا سگهون.
اسان اهو به ڏٺو آهي ته نئون سال گهڻو ڪري عوام ملهائي ٿو ۽ ان جي خوشين جو ڪو نه ڪو تذڪرو نئين سال جي سلسلي ۾ هجي ٿو. جڏهن ته حقيقي طور تي نئون سال تڏهن ڦل ڏئي سگهي ٿو، جڏهن اسان جون حڪومتون نئون سال ملهائين ۽ هو نئين سال جي موقعي تي غربت ۽ مصيبت جي ماريل عوام کي ڪو اهڙو تحفو ڏين جنهن جي ملڻ سان ماڻهو سڪون محسوس ڪن. پر ان قسم جي ڪا ڳالهه نه ٿيندي. اهڙو ڪجهه اڳين سال به نه ٿيو هو ۽ اهڙو ڪجهه هن سال به نه ٿيندو. جيڪڏهن ٿيڻو هجي ها ته هيترا نوان سال اسان پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن ۽ هن مهل تائين ڪنهن به نئين سال ۾ اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي، جنهن کي اسان نئين سال جي سوکڙي چئي سگهون. جيڪڏهن نئين سال جي سلسلي ۾ ڪجهه آهي ته اهي اسان جون اميدون آهن ۽ اهي اميدون جڏهن مرجهائجي وڃن ٿيون، تڏهن اسان ايندڙ سال جي موقعي تي انهن کي پنهنجي ڪلينڊر وانگر ڊسٽ بن ۾ اڇلائي وري هڪ نئون ڪلينڊر ديوار تي آويزان ڪريون ۽ اهڙي طرح پاڻ کي هڪ ٻيو دوکو ڏيون ٿا. نئين سال جي سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته اسان آخر پاڻ کي ڪيستائين دوکا ڏيندا رهنداسين؟ اسان پاران پاڻ کي دوکا ڏيڻ جو انت ڪڏهن ايندو؟
مون محسوس ڪيو آهي ۽ اوهان به منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا ته اسان گهڻو ڪري هاڻي پاڻ کي مغرب جي سلسلي ۾ روايتن جو اسير بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جڏهن به پاڻ کي ڪنهن شيءَ جي باري ۾ تيار ٿا ڪريون ته اسان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح جي تصديق گهربل هوندي آهي. اسان گهڻو ڪري ان قسم جي تصديق ان مغرب کان حاصل ڪندا آهيون، جنهن مغرب جي جهول ۾ اسان لاءِ صرف روايتون آهن ۽ ٻيو ڪجهه ناهي. اسان کي ڪڏهن پاڻ کي حقيقت سان هم آغوش ڪنداسين؟ اسان ڪيستائين پاڻ کي ان جي لاءِ تيار ڪنداسين ته اسان اهو ڪجهه ڪريون، جنهن سان اسان هڪ نئين تاريخ جوڙي سگهون؟
سنڌ ۾ هاڻي نئين سال کي ملهائڻ جي روايت تمام پختي ٿي چڪي آهي ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مصيبت پيش اچي سگهي ٿي. ڇو ته اڪثر ماڻهو نئين سال جو واڌيون ڏين ٿا ۽ انهن کي هڪ ٻئي کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ ۽ خاص طور تي مفت جي لفظن ۾ ڪجهه ڏيڻ جي رسم تمام گهڻي مضبوط آهي. ان ڪري اسان انهن جي آڏو ته نئين سال کي ملهائڻ ۽ ان جي لاءِ تقريبون ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪنداسين. جڏهن ته ان مان ڪو فائدو به هجي ته اجائي ڪوشش ڇو ڪجي؟ نئون سال اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي يا بنهه نه ڏئي پر گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اميد ته بخشي ٿو. اهڙي حال ۾ اميد به وڏي ڳالهه هوندي آهي. جڏهن ٻيو ڪجهه به نه هجي، تڏهن اميد گهٽ نه هوندي آهي. اسان کي اميد جو هٿ نه ڇڏڻ گهرجي.
مرزا غالب ڪهڙي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي. مرزا غالب چيو آهي ته:
”گهر ۾ ٿا ڪيا جو تيرا غم اسي عارت ڪرتا
ايڪ جو هم رڪهتي تي اميد تعيمر سو وه اب بهي هي“
اميد تي جهان هلي ٿو. اميد تي اسان به هلون ٿا. جيتوڻيڪ اميد تي دارومدار رکڻ ۽ اميد کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ سٺي ڳالهه ناهي پر اميد پوءِ به اسان جي دل جي تمنا کي توانو ڪري ٿي ۽ اسان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪا نه ڪا جستجو پيدا ڪري ٿي ۽ اسان ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سوچيون ٿا ته اسان ۾ هڪ نئين امنگ پيدا ٿئي ٿي. اسان جي لاءِ نئون سال جيڪڏهن خالي اميد به آهي ته اها اميد اسان کان عملي طور تي ڪجهه نه ڪجهه ڪرائي ٿي ۽ اهو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ به تمام اهم ڳالهه آهي. ڇو ته لطيف جي چواڻي ويٺي ور نه پوندا آهن ۽ ستي سپرين نه ملندا آهن. جن کي رندن مٿان رت هارڻ ايندي آهي، اهي ئي پنهنجي هوت کي تلاش ڪري سگهندا آهن. اسان هوت جي تلاش ۾ جيڪڏهن اميد کي ڇڏي ڏينداسين ته اسان وٽ ڇا رهندو. ان ڪري ڀلي حال پراڻو هجي پر پوءِ به نئين سال جي مبارڪ!!