دنيا جون سڀئي ٻوليون سڌي ريت ڪنهن گروه يا تهذيب سان لاڳاپيل آهن. هر ٻوليءَ جي پنهنجي پٽي alphabet هوندي آهي. هر ٻوليءَ جا پنهنجا لفظ ۽ اچار آهن، هر ٻوليءَ جو پنهنجو سُر آهي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي جوڙجڪ آهي. انهي ڳالھه جي ڪو به سمجهدار ذهن نفي نٿو ڪري سگهي ته هر ٻولي پنهنجي تهذيب جي فردن جو ورثو هوندي آهي. ڪو به سماج معياري ٻوليءَ کانسواءِ اڻ پورو يا ائين چئجي ته بي ڍنگو هوندو آهي. پر وقت سان گڏ سماجن ۾ تبديليون رونما ٿيڻيون آهن ۽ ٿينديون رهنديون. سماج جي ارتقا ۽ انهيءَ سان گڏ جديد دور جي نئين ايجادن، ٽي وي انٽرنيٽ، مصنوعي ذهانت ۽ نيورو سائنس ٻيون کوڙ سائنسون ۽ انهيءَ سان گڏ انيڪ تخليقن ماڻهن جا زاويا ته تبديل ڪيا، انهي سان گڏ ماڻهن کي جوڙي هڪ نئون سماج جوڙي ڇڏيو. تهذيبن ۽ ٻولين جو تيزيءَ سان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيڻ جيڪو مشينن ھي مدد سان بلڪل diverse آهي. جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي رنگا رنگي ته آهي پر ماڻهو جون ضرورتون ۽ ترجيحون هڪ ٻوليءَ کانسواءِ بي سريون آهن. هر لکت قابل تعريف آهي پر هر لکت تڏهن قابل عمل ٿيندي آهي، جڏهن ان کي پڙهيو وڃي. دنيا جو علم اسين ڪهڙي ٻوليءَ جي مدد سان حاصل ڪري رهيا آهيون؟ اهو هڪ بنيادي سوال آهي.
اها عام ڳالهھ آھي ته هر ترقي يافته ٻوليءَ جو پنهنجو ادب آهي. هي جيڪي آئون ڪجهه لکي رهيو آهيان اهو به هڪ طرح سان سنڌي لکت ۾ ايندو. سنڌي ٻوليءَ جو حصو هوندو. هڪ سنڌيءَ جو ڄاڻو ئي پڙهي سگهندو. ممڪن آهي جيڪڏهن ڪو ٻي ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ فرد سنڌي ٻوليءَ کان واقف هجي ته اهو به هي ليک پڙهي. پر اڄ جنهن دور ۾ اسين رهون پيا، ان دور ۾ گهڻا ئي علم آهن. انهن کي سمجهڻ لاءِ دنيا جي اربين ماڻهن کي ڪنهن ٻوليءَ جي گهرج آهي يا ائين چئجي اها ٻولي هڪ ذريعو آهي. جيڪا هن وقت ڪهڙي آهي، ان جي هر باشعور ۽ عام فهم رکندڙ ذهن ڄاڻ رکندڙ هوندو. ظاهر آهي، اها انگريزي ٻولي آهي. اسين انگريزي ٻولي ڇو سکون؟ ان سوال جو جواب گهڻن ماڻهن جي ذهن ۾ شايد پيدا نه ٿيو هجي. اهو حتمي موقف آهي ته هر پڙهندڙ ذهن لاءِ انگريزي ضرورت آهي.
هونئن ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ جو ذريعو آهي. گهڻن ماڻهن کي ان عام جملن جي خبر هوندي آهي. yes no يا love you يا come go ڪافي ماڻهو ڪندا آهن. پر هاڻي انگريزي رڳو ڳالھائڻ جو ذريعو ناهي رهي. ڇو نه رهي آهي؟ اچو ته ان تي سرسري نظر وجهون. دنيا جا سمورا بهترين علم انگريزي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا. جيڪو به سٺو ادب هجي يا ڪو ريسرچ پيپر هجي، اهو قول علم انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ترجمو ٿيندو آهي يا ان ۾ لکيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته انگريزي ٻولي هاڻي يونيورسل ٻولي ٿي چڪي آهي. اسان کي بنا ڪنهن تعصب جي ان ڳالھه کي قبول ڪرڻو پوندو.
انگريزي ٻولي سکڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو يا وڏي سائنس ناهي ۽ نه وري انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارو عقلمند ٿي ويندو يا انگريزي ڦر ڦر ڳالهائڻ وارو ڪو progressive يا genius جي نشاني آهي. انگريزي ٻوليءَ جي مدد سان ان تي عبور رکڻ جي مدد سان هڪ سکندڙ هڪ جستجو رکندڙ ماڻهو گهڻو ڪجهه سکي ۽ سمجهي سگهي ٿو. مون اها ڳالھه ڪجهه سال اڳ لکي هئي ۽ هاڻ به ڪريان پيو سنڌي نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ گهرجن هونئن ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو نصابي ڪتاب ئي نه پڙهندا آهن. توهان ۽ آئون به انهن ۾ شامل ٿي سگهون ٿا. غير نصابي ڪتاب پري جي ڳالهه آهي. پر گهڻن ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ انهن کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هوندو آهي. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو آهي
ته جيڪي نوجوان انگريزي ٻوليءَ ۾ فلمون ڏسندا آهن، انهن جي انگلش فلمون ڏسندي ئي ڏسندي بهتر ٿي ويندي آهي ۽ ان کان پوءِ اسان جي ڪنهن انگلش جي ڄاڻون سان ڳالھه ٻولهه ٿيندي آهي. انهن جي سرڪل ۾ به اهي انگريزي جملا گردش ڪندا رهندا آهن.
مثال وٺو انڊيا جو هڪ سروي مطابق ڪيترائي نوجوان ٽيوشن سينٽرز ۾ ناهن پڙهندا، پر انهن جي انگريزي اڪيڊمڪ شاگردن جي ڀيٽ بهتر سامهون آئي. ڇاڪاڻ ته اهي انگريزي ٻڌندا آهن. سکڻ جو اول طريقو ٻڌڻ ان کان پوءِ پڙهڻ ۽ پڙهي پوءِ ڳالهائڻ ۾ آهي. ان لاءِ انگريزي ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ فلمون ڏسڻ يا انگلش گانا ٻڌڻ ڪارائتا هوندا آهن.
دنيا جون سڀئي ٻوليون ڪن ۽ وات جون محتاج آهن ۽ هن وقت دنيا جو گهڻو حصو انگريزيءَ تي ئي گذارو ڪري پيو. هونئن ته دنيا ۾ وڏي ٻولي ڳالهائيندڙ چيني آهي پر عالمي سطح تي انگريزيءَ کي ئي اهميت حاصل آهي. هي مضمون شايد آئون انگريزي ۾ لکي سگهيس ٿي پر مون کي اها موٽ نه ملي سگهي ها جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ سان ملي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته انگريزي ڳالهائيندڙن ۽ جيڪي انگريزيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ جا عادي آهن، انهن کي سڌ آهي اها ته دنيا جو بهترين علم انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود آهي جو ويندي ادب، سائنس، فلسفو، نفسيات، معيشت، رياضي کان وٺي ڪاسموس (ڪائنات) تائين هزارين بهترين ڪتاب ۽ پيپر ملندا.
ڪنهن ٻوليءَ جو شان ان جو ادب هوندو آهي. ادب خالي ناول ڪهاڻيون ناهن هوندا. ادب ٻوليءَ جي جان آهي. ادب کان ڪا به شيءِ ٻاهر نٿي ٿي سگهي. تاريخ توڙي فلسفو، جماليات وغيره ادب سان واڳيل آهن.
ادب جا ٻه گهاڙيٽا آهن. هڪ فڪشن ٻيو نان فڪشن. هنن ٻنهي گهاڙيٽن تي ادب جو بنياد آهي. ڪجھه مفڪرن جو خيال آهي ته انگريزي ادب دنيا جو شاهوڪار ادب رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته انگريزي ادب تمام وسيع آهي ۽ ادب ئي انگريزي ٻولي کي اڳيان کڻي ويندو آهي پر هتي سوال اڀري ٿو ڇا انگريزي ٻولي لکڻ سان ڪو عالم ٿي ويندو؟ ائين هرگز نه آهي. اسين رڳو پنهنجي علم ۽ ڏاهپ ڄاڻڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو سهارو وٺون ٿا.
ادب ۽ ٻولي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. ادب هوندو ته ٻولي هوندي ٻولي هوندي ته ادب به ٿي سگهي ٿو. پر دنيا ۾ گهڻيون ئي ٻوليون آهن پر انهن ۾ ادب تخليق ناهي ٿيو. ادب جو ٻوليءَ تي گهڻو اثر رهيو آهي . ان جو هڪ اهم مثال پاڻ کي شيڪسپيئر جو ملي ٿو. اهڙي ريت سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف جو مثال آهي، روسي ٻوليءَ دوستووسڪيءَ ۽ ٻين ناول نگارن تنهن کان پوءِ جرمن، فرينچ، اردو ۽ هندي وغيره ٻيون ڪيتريون ٻوليون – جن ۾ ممتاز ماڻهو پيدا ٿيا پر انهن سڀني دنيا جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ اسان وٽ اهم ذريعو انگريزي آهي.
ان ڳالھه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هر ٻوليءَ جو پنهنجو ٽيسٽ آهي. هر ٻوليءَ جو پنهنجو هڪ مخصوص طرز ۽ طريقو آهي. ڪجهه ٻوليون مٺيون ڪجهه ٻوليون کاريون ڪجهه ٻوليون هلڪيون ته ڪجهه ٻوليون وري بنهه پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ هر طرح سان متاثر ڪندڙ هونديون آهن. مثال اردو ٻوليءَ جو وٺي، هونئن ته هر ماڻهو جو subjective notion ذاتي خيال هوندو، پر مجموعي طور ڏسجي اردو کي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ به ڪو به عار محسوس نه ڪندو. جيڪڏهن ان جو نفسياتي اعتبار سان جائزو وٺجي ته ان جو ٽيسٽ زبردست آهي.
پر اسان کي گهرج ڪهڙي ٻوليءَ جي آهي؟ ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڪهڙي به ٻوليءَ پسنديده ٿي سگهي ٿي. هر ماڻهو کي اهو ڪائناتي حق حاصل آهي ته اهو ڪهڙي ٻوليءَ کي پسند ڪري مثال طور آئون چوان مون کي جرمن پسند آهي. پر ڇا جرمن سکڻ سان منهنجي علمي سگھه وڌندي؟ بلڪل به نه، ها اها ٻوليءَ سکڻ کان پوءِ منهنجو تخيل مضبوط ٿي سگهي ٿو. پر مون وٽ وري به ذريعو انگلش ٻولي ئي آهي.
هي سمورا مثال ڏيڻ جو هڪ ئي مقصد آهي ته اسان کي انگريزي ان لاءِ عزيز ناهي ته اها انگريزن جي ٻولي آهي. پر اها اسان جي ضرورت آهي. جيئن جسم کي جيئڻ لاءِ آڪسيجن گهرجي ائين اسان کي دنيا سان ڪلهو ملائڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ تي عبور رکڻو پوندو. پنھنجي ٻارن کي ڪنهن به ٻوليءَ کان روڪي نٿو سگهجي ته ڪو سنڌي آهي ته اهو رڳو سنڌيءَ ۾ ئي رابطا سازي ڪري، يا ڪو پنجابي آهي ته اهو رڳو پنجابي ۾ ڳالهائي. هر علائقائي جي پنهنجي گهرج آهي پر انگريزي ٻوليءَ جي اهميت عالمي سطح تي هر شعبي ۾ آهي، خاص طور تي جيڪي ٽين ايج آهن، انهن کي پنهنجي انگريزيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان مان گهڻا ئي اهڙا ٿي سگهن ٿا جيڪي انگريزي ۾ hello يا Hi ڪندا هجن پر جڏهن انگلش کي سمجهڻ يا انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ يا انهن جي مطالعي جي ڳالھه ڪبي ته اسين قاصر هوندا آهيون. ڪتاب پڙهڻ گھرجن پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ به پر اسان کي وڌيڪ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ گهرجن. جنهن سان اسين دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي سگھه رکڻ جي اهل ٿينداسون.
اچون ته ڪتاب پڙهون! اچون ته ٻوليءَ کي اهميت ڏيون! اچو ته پنهنجي مادري ٻولي ۽ انهي سان گڏ انگريزي ٻوليءَ کي ضرورت سمجهي ان ۾ ڪتاب پڙھون ۽ پنهنجي سمجھه کي وڌايون.