ملڪي سياست جي سئي اٽڪي پئي آهي. اها اٽڪي پئي آهي، ميان جي موٽ تي! ميان نواز شريف واپس ورندو يا نه؟ هن مهل ملڪي سياست جي مٿان ان سوال جو راڄ آهي. اهو سوال اهڙو آهي، جنهن جو صحيح جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي. ڪنهن وٽ ان ڪري ڪونهي جو پاڻ ميان نواز شريف به نه ٿو ڄاڻي ته هو ڪڏهن موٽندو؟ ميان نواز شريف لنڊن ۾ ڇلو منڊي لاهي ناهي ويٺو. جهڙي طرح هن جي پٽن جو ڪاروبار انگلينڊ ۾ آهي، تهڙي طرح هن جو بزنس پاڪستان جي سياست سان سلهاڙيل آهي. سياست کي ڪاروبار بڻائڻ جو سهرو ميان صاحب جي سر سونهين ٿو. جيتوڻيڪ آصف زرداري ان کي تمام رف شڪل ڏني پر تاريخ جا پنا ان جي گواهي ڏيندا ته اهو ڪارنامو ميان نواز شريف سرانجام ڏنو هو. هن مهل به هن جي بزنس جو سڀ کان وڏو سهارو سياست آهي.
ميان نواز شريف سياست ڪرڻ بلڪه سياست ڪمائڻ جي لاءِ ملڪ واپس ورڻ چاهي ٿو. هن جي راهه ۾ رڪاوٽ اسٽيبلشمينٽ جو اشارو آهي. بقول سنڌي شاعر:
“اشارو ڪرين ها
اڏامي اچان ها!”
ميان نواز شريف ان هڪ اشاري جو منتظر آهي. هن جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ حڪومتي حلقن جي بيان بازي به اجائي آهي. ڇو ته هن کي واپس ورائڻ جو فيصلو اهي قوتون ڪنديون، جن کيس پنهنجن پيرن تي هلي جهاز ۾ چڙهي پرڏيهه موڪلڻ جي موڪل ڏني. جڏهن اهي قوتون چاهينديون ته ميان نواز شريف کي دنيا جي ڪا طاقت نه روڪي سگهندي. هن وقت نواز شريف جي ننڍي ڀاءَ شهباز شريف جي مٿان جيڪو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اهو ان سبب جي ڪري آهي ته هو کيس لنڊن ۾ جهلي ويهاري. اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت نه ٿيون چاهين ته ميان نواز شريف ان مهل واپس موٽي. باقي هن جي واپسيءَ جون خبرون ۽ ان متعلق وزير اعظم جا بيان به غيرحقيقي ۽ ڌيان ٿيڙڻ جهڙا آهن. ميان نواز شريف کي واپس ورائڻ ايترو به مشڪل ناهي. هن جو ساهه هن مهل به ملڪ ۾ آهي. هن جي پراپرٽي، هن جي پارٽي ۽ هن جي سڀ کان پياري ڌيءَ، پاڪستان ۾ آهي. هو پاڪستان کان پري رهي نه ٿو سگهي. جهڙي طرح سنڌ جا وڏيرا ڪراچيءَ جي ڊفينس وارن بنگلن ۾ ٻه چار هفتا رهي بور ٿي پوندا آهن ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڳوٺ واپس ورندا آهن. انهن کي مال جي ڇيڻن ۽ پلال جي خوشبو ۾ جيڪا پنهنجي لئه ۽ مڳي محسوس ٿيندي آهي، اها ڪراچيءَ جي شاپنگ مال ۾ نه ٿيندي آهي.
ميان نواز شريف جهڙا انسان به پنهنجي ملڪ کي پنهنجو اهو ڳوٺ سمجهندا آهن، جتان جا هو سياسي وڏيرا آهن. اهي جيڪو رعب ۽ دٻدٻو پنهنجي ملڪ ۾ محسوس ڪرائيندا آهن، اهو ٻاهر ممڪن ئي ناهي. ٻاهر ته هو چورن وانگر چرندا پرندا آهن. انهن کي خوف محسوس ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪنهن انگريز جي پير تي لت نه اچي وڃي. جڏهن ته پاڪستان ۾ انهن جي گاڏين هيٺان انسان به چيڀاٽجي ويندا آهن ته انهن جي منهن ۾ گهنج نه پوندو آهي. هو جمهوريت پسند صرف ووٽ وٺڻ جي حوالي سان آهن. جڏهن ته انهن جي مزاج ۾ آپيشاهي ايتري ته ڀريل هجي ٿي جو هو ٻين کي انسان ئي نه سمجهندا آهن. انهن کي پروٽوڪول ٻاهر نه ٿا ملي سگهن. هو ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجيون جاگيرون قائم ڪري نه ٿا سگهن. ان جي لاءِ انهن کي وري به جاتي امراءُ اچڻو پوي ٿو. جتي انهن جي لاءِ تمام گهڻي عيش جو ماحول آهي. ان پس منظر ۾ هر ڪوئي محسوس ڪري سگهي ٿو ته ميان نواز شريف ملڪ ۾ ڇو نه ايندو؟ يا ڇو نه اچڻ چاهيندو؟ هن جي وس ۾ هجي ته اڄ اڏامي اچي پر هو مجبور آهي. هو سک جو اسير آهي. هو ڏک ڏسي نه سگهندو آهي. هن جي جيل کان وڌيڪ جلاوطني پسند آهي. اها به اهڙي جلاوطني جيڪا لنڊن جي عياشيءَ واري ماحول ۾ هجي. جتي هن جي پسند جا بورچي هجن. جتي هو پنهنجن پوٽن ڏوهٽن سان دل وندرائيندو ۽ پيزا کائيندو هجي.
ميان نواز شريف کان جيڪڏهن جيل ۽ جلاوطنيءَ ۾ ڪنهن به هڪ شيءَ جي چونڊ ڪرائي وڃي ته هو يقيني طور تي جلاوطني جي چونڊ ڪندو. جيل جو ٻڌي هن کي ڊاڪٽر به ياد اچي ويندا ۽ هو انهن جي اجازت کان سواءِ پنهنجي سمڌي اسحاق ڊار وانگر لنڊن جا رستا ته لتاڙي سگهندو پر هوائي سفر نه ڪري سگهندو پر جيڪڏهن هن کي جيل جو خوف نه هجي ته هو سڀاڻي هليو اچي.
هن وقت جڏهن عمران پنهنجا حڪومتي ٽي سال پورا ڪري چڪو آهي ته مخالف ڌر ڪڏهن به سانجهيءَ جو روزو نه ڀڃڻ چاهيندي. ان جي هاڻي اها خواهش هوندي ته ڪنهن طرح سان ٻن سالن کان گهٽ وقت گذاري وٺجي. هونءَ به چونڊن جي تياريءَ لاءِ ايترو وقت ته گهربل به هوندو آهي. هن وقت مخالف ڌر ۽ خاص طور تي مسلم ليگ ن چونڊن جي تياريءَ ۾ مصروف آهي. هن کي عمران خان کي هٽائڻ جو ڪو خيال ڪونهي. عمران خان کي هٽائي ملڪ جو تباهه ٿيل معاشي ڍانچو پنهنجي ڪلهي تي ڪير کڻندو؟ جڏهن ته عمران خان جي گهڻي مخالفت به هن مهل حڪومت جي حق ۾ ويندي. اهو ئي سبب آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي مزاحمت وارو موڊ تبديل ٿي چڪو آهي. هن وقت نواز ليگ جو مين ٽارگيٽ اهو آهي ته ڪنهن طرح سان اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪجن. ڇو ته ايندڙ اليڪشن ۽ اقتدار جو دارومدار اسٽيبلشمينٽ جي موڊ تي آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ نه چاهيو ته ميان نواز شريف جي نياڻي ملڪ جي نئين وزير اعظم ڪيئن ٿي سگهندي؟
ميان نواز شريف جي سياست جو هن وقت محور ملڪي اقتدار پنهنجي خاندان جي مٺ ۾ رکڻو آهي. هو ملڪي اقتدار جي شراڪت پنهنجي ننڍي ڀاءَ جي خاندان سان به نه ٿو ڪرڻ چاهي. هن مهل شريف خاندان ۾ وڏو ڏڦيڙ ان سوال تي آهي ته حڪومت ڪنهن وٽ هجي؟ ميان نواز شريف مريم کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به پارٽيءَ ۾ سگهاري پوزيشن ڏيڻ نه ٿو چاهي. هن جو ٽارگيٽ مريم نواز کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائڻ آهي. ان ڪري هو ملڪي سياست ۾ پنهنجو اهو فرض پورو ڪري، پوءِ رٽائر ٿيڻ جي باري ۾ سوچي سگهي ٿو. هونءَ ته سياستدان ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي ۽ ميان نواز شريف به نه ٿيندو پر جيترو ڪجهه به هو هيڏي هوڏي ٿيندو، اهو مريم نواز کي پنهنجي ماڳ تي پهچائي پوءِ ٿيندو. ميان نواز شريف جيڪڏهن ملڪ ۾ واپس ورڻ به چاهي ٿو ته ان جو سبب مريم کي اقتدار تائين پهچائڻ ۽ هن جي ملڪي حڪمران هجڻ واري تربيت ڪرڻ آهي. جڏهن ته اهو بيحد اهم ڪم اسٽيبلشمينٽ جي موڪل کان سواءِ ٿيڻ ممڪن ناهي. هن وقت نواز ليگ توڙي پي ڊي ايم جو پورو فوڪس ان تي آهي ۽ ميان نواز شريف جي اچڻ يا نه اچڻ جو دارومدر اسٽيبلشمينٽ جي موڊ تي رکيل آهي. ان ۾ عمران حڪومت جو ڪوئي عمل دخل ڪونهي. پر عمران خان جي حڪومت ڇا ڪري؟ جڏهن ظالم ميڊيا وارا هن کان اٿندي ئي اهو سوال پڇن ٿا ته ميان نواز شريف جي واپسيءَ تي اوهان جو موقف ڪهڙو آهي؟ تڏهن حڪومت کي پنهنجي رهي کهي لڄ بچائڻ جي لاءِ اهو ئي چوڻو پوي ٿو ته اسان پاڻ ميان نواز شريف کي ملڪ واپس آڻڻ چاهيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي برطانيا جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به هلي رهي آهي. جڏهن ته اصل ۾ اهڙو ڪجهه به ڪونهي. حڪومت ڪيئن چاهيندي ته هن مهل نواز شريف واپس وري ۽ ملڪي سياست ۾ مانڌاڻ مچي!
ميان نواز شريف سکن جو سانڍيل آهي. هن کان سختيون برداشت نه ٿينديون آهن پر هن سان اهو مسئلو به آهي ته هن کي ڪاوڙ به تمام گهڻي ايندي آهي ۽ ان ڪاوڙ ۾ هو پنهنجو نقصان به ڪري وجهندو آهي. هن جي پارٽيءَ کان حڪومت نه کسي وئي پر جهڙي طرح پناما ڪيس ۾ هن کي شخصي طور تي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته هن ايترو ته شور ڪيو جو اسٽيبلشمينٽ سان هن جا تعقات تمام گهڻا بگڙجي ويا. جڏهن انهن بگڙيل رشتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ميان شهباز شريف اڳيان آيو ته ميان نواز شريف هن کي فيصلي جي اختيار کان محروم ڪيو. اهڙي طرح ميان نواز شريف پنهنجي هنيل هام سان تمام گهڻو تنها نظر آيو. ميان نواز شريف جي مزاج ۾ جيڪو انتقام پسنديءَ جو عنصر آهي، ان کان ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به گهڻي حد تائين چڙيل آهي. ان ڪري ميان نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ “ووٽ کي عزت ڏيڻ” وارو اختلاف ناهي پر انهن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ويڇو آهي ته ان جو ڪارڻ هن جي پنهنجي انا آهي ۽ هن کي پنهنجي پارٽي اهو سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پئي آهي ته اقتداري سياست ۽ انا اهي ٻه تلوارون آهن، جيڪڏهن ڪڏهن به هڪ مياڻ ۾ ماپي نه سگهنديون آهن.
ميان نواز شريف وچ وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ٺهڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي ته هن جوڪو نه ڪو بيان هن جي پنهنجين ڪوششن تي پاڻي هارڻ جو ڪارڻ بڻبو آهي. ميان شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ جي اهڙي روش مان تمام گهڻو تنگ آهي. پر هو خانداني روايتن جي سامهون سدائين ڪمزور ٿي پوندو آهي. هن جو پنهنجو ڪٽنب ان ڳالهه تي ڪاوڙيل آهي. پر هو ڇا ڪري؟ هو پنهنجي وڏي ڀاءَ سان عمر جي هن حصي ۾ بغاوت ڪري نه ٿو سگهي. هن جي هن مهل به اها ڪوشش آهي ته ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي انهن فردن جا نالا کڻي، کين خار نه ڏياري، جيڪي هن کي پسند ناهن. پر ميان نواز شريف پنهنجي طبيعت کان مجبور آهي. هن جي واپسي جن شرطن سان مشروط آهي، انهن کي طئه ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت اڃان ته لڳڻو آهي. ان وقت کان پوءِ ميان نواز شريف جي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو فيصلو ٿي سگهندو. هن مهل ميان جي موٽ جو معاملو وچ تي لڙڪيل آهي ۽ ڪنهن کي معلوم ناهي ته هن جي باري ۾ ملڪ جا واڳ وارا ڪهڙو فيصلو ڪندا؟