ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀاڻ جي کوٽ سبب پريشان آبادگار

Editorial

سنڌ ۾ ڀاڻ جو بحران اڃا تائين برقرار آهي، اهو بحران ان ڪري به ٿيو آهي جو سنڌ مان ڀاڻ اسمگل ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو آباگار پريشان آهن پر ڀاڻ مافيا جا مزا ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ڀاڻ جي اسمگلنگ جو سلسلو ائين هلندو رهيو ته آبادگارن جا فصل به نه ٿي سگهندا ۽ انهن کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، ڇاڪاڻ ته ڀاڻ جي کوٽ ان ڪري به ٿي آهي جو ذخيرا اندوز ڀاڻ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ان کانسواءِ سنڌ جو زراعت کاتو به ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار نه ڪري رهيو آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو ان سان اهو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي پر آبادگار مهانگو ڀاڻ وٺڻ تي مجبور پڻ ٿي رهيا آهن. آبادگار ڀاڻ نه ملڻ جون شڪايتون ته ڪري رهيا آهن پر اهي ان ڳالهه جو خدشو به ظاهر ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پڻ پيدا ٿي سگهي ٿو. اهڙن خدشن جو اظهار آبادگارن ايوان زارعت جي اجلاس ۾ ڪيو آهي.
سنڌ جي آبادگارن يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي يوريا ڀاڻ جي فراهمي نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ سڄي سنڌ جي آبادگارن جو اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سيد ميران محمد شاهه چيو ته ڪميشن مافيا سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪئي آهي، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڀاڻ جي ٽرڪن جي ڦرلٽ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪا صورتحال خطرناڪ آهي. هن چيو ته ڀاڻ جي ڦرلٽ ۾ ڪوبه آبادگار ملوث ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ڀاڻ جي ڦرلٽ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ سخت ايڪشن کڻي مسئلو حل ڪري. هن چيو ته ڀاڻ کي فوري طور تي اوپن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي، ڊيزل جون قيمتون وڌي ويون آهن، انڪري هلندڙ سال 2022ع ۾ ڪڻڪ جو نئون امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 25 سئو روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر ۽ ٽماٽي جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ لٿو آهي پر اهو ٽڪي ڌڙي اگهه تي وڪامجي پيو، جڏهن ته ايران مان بصر ۽ ٽماٽو امپورٽ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي بصر ۽ ٽماٽي جي اگهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته کجي به ايران مان امپورٽ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي کجيءَ جو اگهه گهٽجي ويو آهي، اڳ سنڌ جي کجي ۽ ڇوهارو انڊيا ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندو هو، جيڪو بند ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي کجيءَ کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي، کجيءَ جا آبادگار سخت پريشان آهن. هن مطالبو ڪيو ته ايران مان بصر، ٽماٽي ۽ کجيءَ جي امپورٽ بنا دير بند ڪري انهن جنسن جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، محمد خان ساريجو، سيد الطاف حسين شاهه، عبدالحليم ميمڻ ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي.
هڪ پاسي اڳ ئي ڪڻڪ جو بحران موجود آهي، جنهن جي ڪري عوام کي اٽو مهانگي اگهه تي ملي رهيو آهي، ان کانسواءِ انهن کي مهانگو ڀاڻ به نه ملندو ته پوءِ ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿيندو، جنهن جي ڪري نه رڳو مسئلو وڌي ويندو پر سڀاڻي اٽو هاڻوڪي اگهه کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪي بحران اهڙا آهن، جن کي وفاقي حڪومت بدران سنڌ حڪومت حل ڪري سگهي ٿي. ڀاڻ جو بحران به ان قسم جو آهي. تنهنڪري ان کي حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي هٿ وس آهي.
اسين سمجهون ٿا ته آبادگارن جي ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ۽ ان کانسواءِ انهن جا جيڪي به مطالبا آهن، انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان ۾ زراعت کاتو ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪم ڪن ڇاڪاڻ ته هي سنڌ جي سمورن آبادگارن جو مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو جيستائين حل نه ٿيندو، تيستائين سنڌ جا آبادگار پنهنجو فصل بهتر نموني نه پوکي سگهندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ مان جيترو جلدي ٿي سگهي اوترو ڀاڻ جو بحران ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button