انساني حقن جي لحاظ کان گذريل سال پاڪستان لاءِ اڳي کان وڌيڪ برو رهيو آهي. جڏهن به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان ڪنهن ماڻهوءَ شڪايت ڪئي ته رياستي ادارا سدائين ڌر بڻيل رهيا. ڪيترن معاملن ۾ ته پاڻ رياستي ادارا ئي انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ملوث رهيا آهن.
هندوستان تي برطانوي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ سامراجي ظلم ۽ جبر جي انتها هئي. انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڏهاڙيءَ جو معمول بڻيل هئي پر ان دور جي سامراجي حڪمرانن وٽ ايتري شرافت ۽ اخلاقيات پوءِ به هئي، رياستي ادارن تي حڪومت جو ڀروسو ايترو ضرور هو جو ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جڏهن جيل ۾ بک هڙتال ڪئي ته سامراجي حڪومت سندن اهڙي عمل کي ڏسي اڻ ڏٺو نه ڪيو، کين بک هڙتال دوران مرڻ نه ڏنو ويو. بلڪه اها بک هڙتال ٽوڙائڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي وئي. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين سميت پوري دنيا کي خبر هئي ته سامراجي عدالتون ساڻن انصاف نه ڪنديون. آخر ۾ کين موت جي سزا ئي ملندي پر ان هوندي به حڪمرانن عدالتي ڪارروائي مڪمل ڪئي. ڀڳت ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڳالهائڻ، وڪيل ٻَڌڻ ۽ بيان بازيءَ توڙي اپيل جو حق ڏنو. ان جي ابتڙ اسان جي اسلامي جمهوري ملڪ ۾ ماڻهن جو ڪو داد فرياد ئي ڪونهي. رياستي ادارا پنهنجي مرضيءَ جا قانون ۽ عدالتون جوڙيون ويٺا آهن. شرعي عدالتون، فوجي عدالتون، روايتي عدالتون ۽ دهشتگردي ٽوڙ توڙي احتساب عدالتون هوندي به ماڻهن کي شفاف عدالتي ڪارروائيءَ جو حق نه ٿو ڏنو وڃي. ايتري تائين جو عدالت کان مٿانهيون گرفتاريون، ناحق بند ۽ قتل به ٿيندا رهن ٿا.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت پڌرنامي جون ڪل 30 شقون آهن، جن منجهان ڪا هڪ به اهڙي ڪانهي جنهن جي پاڪستان ۾ ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي هجي. يا خاص ڪري گذريل سال دوران ان جي ڀڃڪڙي نه ٿي هجي. ان هوندي به هڪڙي پاسي پاڪستان رياستِ مدينه بڻجڻ کان نه ٿو مڙي ته ٻئي پاسي وري گڏيل قومن کي به پاڪستان اندر انساني حقن جي ان سطح تي ڀڃڪڙيءَ تي ڪا ڳڻتي ڪانهي. مذهب جي جبري تبديليءَ کان وٺي جنسي ڏوهن ۽ مذهبي اقليتن خلاف جبر جو استعمال توڙي معصوم ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائڻ تائين هر قسم جا ڏوهه بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي مڪمل آزاديءَ سان ڪيا پيا وڃن. جبري گمشدگي ۽ عدالتن کان مٿانهون قتل توڙي ناحق بند ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سندن راءِ جو اظهار ڪرڻ کان منع ڪرڻ، نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ جي مڪمل اجازت هئڻ ۽ قبائلي جهيڙن سميت هر قسم جي ڏوهن لاءِ گنهگارن کي ڇوٽ مليل آهي. رياستي توڙي حڪومتي ادارن پريس کي به پنهنجي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. سوشل ميڊيا تي صحافين جي تذليل ڪرائڻ، سندن عزتن سان گڏوگڏ جان ۽ مال تي حملا پڻ معمول بڻيل رهيا آهن. ان کان پوءِ به سنوت ۾ نه ايندڙ صحافين جي جبري گمشدگي پڻ هڪ پڌرو راز ئي رهي. ان کانسواءِ سرڪاري اشتهار ميڊيا کي رشوت طور ڏنا ويا ۽ ڪجهه اخبارن ۽ چينلن کي اهڙي سهولت کان ڄاڻي ٻجهي محروم رکيو ويو ته جيئن اهي سرڪار ۽ رياست مخالف احتجاج توڙي راءِ زنيءَ کي ڪوريج نه ڏين جنهن جو هڪڙو مثال گوادر وارو وڏو ۽ ڊگهو وقت جاري رهندڙ ڌرڻو آهي، جنهن کي اوهان سوشل ميڊيا تي ته ڏٺو هوندو پر اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا ان باري ۾ ائين خاموش رهي ڄڻ اتي ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.
گذريل سال مذهبي انتهاپسنديءَ به انتهائن کي پهتل رهي. خاص ڪري پهرين ڪالعدم ۽ پوءِ تازه دم قرار ڏنل تحريڪِ لبيڪ کي جهڙي ريت کليل نموني ريليون ڪڍڻ ۽ دهشت ڦهلائڻ جي اجازت مليل رهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اندر عام ماڻهو ته ٺهيو پر پوليس آفيسر ۽ ايتري تائين جو سريلنڪن شهريءَ کي به بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اهڙي نموني توهينِ مذهب جي الزام ۾ ڪير، ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت مارجي ويندو؟ ان بابت پڪ سان ڪجهه به چوڻ ممڪن نه هو نه آهي.
ان کانسواءِ حڪومت عوام جي مٿان پنهنجون معاشي، سماجي ۽ سياسي پاليسيون ۽ فيصلا بنا ڪنهن شفافيت ۽ انصاف جي مڙهيندي رهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عام شهريءَ جي زندگي موت کان به بري بڻجي وئي. ڏٺو وڃي ته بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اها شيءِ به ڳڻي سگهجي ٿي پر هتي انڌير نگري چرٻٽ راجا هئڻ سبب ايتري ته مايوسي ڦهليل آهي جو ماڻهو سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ته پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جي دانهن نيٺ ڪنهن وٽ کڻي وڃي. جيڪي قاتل آهن، اهي ئي منصف به بڻيا ويٺا آهن. اهڙي صورت ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي گھٽ کان گھٽ سماجي رتبي تي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان ڦُر ٿي وڃي ٿي ته ڪٺي ٿيل هجوم توڙي مٽ مائٽ ۽ يار دوست اوهان کي اهو چوندي نظر ايندا: بابا شڪر ڪر جو رڳو پيسا يا موبائيل يا موٽر سائيڪل ڦُري ويا اٿئي. سر جيئدان ڏنائون، انهن جي مهرباني. جيڪڏهن گولي هنيون هليا وڃني ها ته ڇا ٿئي ها!
مني صدي گذري وڃڻ کان پوءِ به هيءُ ملڪ پنهنجي شهرين کي عزت، جان ۽ مال جي سلامتيءَ جي ضمانت به نه ٿو ڏئي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستان جا شهري ملڪ سان محبت نيٺ ڪن ڪهڙي خوشيءَ ۾؟ عوام جي اهڙي خراب حالت تي مخالف ڌر وري ان ڪري خاموش آهي يا وري توري تڪي ردِعمل ڏئي رهي آهي ڇاڪاڻ ته حڪمران سياسي جماعت کي سگهه ڏيندڙ رياستي ادارا سڀني کان ڏاڍا آهن. اسي سالن جي عمر کي پهچي ويل سياسي اڳواڻ به جيل وڃڻ، شهادت جو رتبو ماڻڻ يا عوام خاطر ڪا تڪليف سهڻ لاءِ تيار ڪونهن. نتيجي ۾ عوام کي ڪٿان به سوجهرو نظر نه پيو اچي. رهجي ويا انقلابي سياسي اڳواڻ، سو انهن کي متبادل طور ڏسڻ ته پري رهيو عوام انهن بابت اڃان تائين سنجيدگيءَ سان سوچڻ به شروع ڪونه ڪيو آهي. جنهن جو وڏو سبب انهن انقلابين جون پنهنجون ڪمزوريون، غلط حڪمت عملي ۽ ترجيحون آهن. سو اهڙي صورتحال ۾ اسين نئين سال ۾ پير پائي چڪا آهيون جتي شاعر چواڻي: اي نئي سال بتا تجهه ۾ نيا پن ڪيا هي” وارو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي. جهڙي نموني 2021ع وارو سال 2020ع جي مقابلي ۾ رڳو هڪڙي انگ جي اضافي کان سواءِ ڪجهه ڪونه هو، اهڙي نموني ئي محسوس اهو پيو ٿئي ته هيءُ سال يعني 2022ع به رڳو ڪيلينڊر ۾ هڪڙي انگ جي تبديلي ثابت ٿيڻو آهي، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو يا اڃان به وڌيڪ برو هوندو. خاص ڪري نئين سال جي شروعات ۾ ئي ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ وارو بل ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ارب روپين جو نئون بار کڻي آيل مني بجيٽ جو منظور ٿيڻ ان دعوى جي ثابتيءَ لاءِ ٻه وڏا دليل آهن.
گذريل ٻن سالن دوران ڪورونا وبا جي ڪري عالمي طور تي سرمائيدارن کي جنهن ٻاڙائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اهو نقصان عوام کان ڀرائڻ لاءِ انهن جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، ان جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪڙي عالمي مسئلي طور اڀري آهي پر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ته ان هاڃا ڪري ڇڏيا آهن. ڇاڪاڻ ته سرمائيدار کي جتي باشعور ۽ منظم عوام جي مزاحمت سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، اتي اهو وري به هلڪو هٿ رکي جان ڇڏائي وڃي ٿو پر جتي عوام اجتماعي شعور ۽ تنظيم ڪاريءَ جي صلاحيتن کان ان سطح تي مالامال ڪونهي جيترو هئڻ گھرجي اتي ته سرمائيدارن ۽ انهن جي ساٿاري حڪمرانن جا وارا نيارا لڳا پيا آهن. آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي بجلي ۽ پيٽرول مهانگو ڪرڻ جون صلاحون بلڪه حڪم ان لاءِ ٿا ملن ته جيئن رهي کهي صنعت جو ٻيڙو به ٻڏي وڃي ۽ ملڪ مڪمل طور تي صارفين جي سماج ۾ تبديل ٿي وڃي. عالمي سامراجي مالياتي ادارن پاران دفاعي خرچ گھٽائڻ، وفاقي ڪابينا ۾ قينچي وجهڻ يا حڪمرانن جا شاهي خرچ گھٽائڻ بدران قومي اثاثا وڪرو ڪرڻ جون صلاحون ۽ عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ جا حڪم به ان سلسلي جي ڪڙي آهن ته جيئن پاڪستان جهڙا ملڪ آسودن سرمائيدار ملڪن جا مڪمل طور تي ڳيجهو بڻجي وڃن. اسان جا حڪمران ۽ انهن جا حڪمران وري اکيون پوري انهن حڪمن تي ان ڪري عملدرآمد ڪندا پيا وڃن جو کين ملڪ ۽ قوم جو اونو ڪونهي. انهن کي پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد پيارا آهن جيڪي حاصل ٿي رهيا آهن. کين خبر آهي ته جيڪڏهن ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي ته اڳوڻي افغان صدر اشرف غنيءَ وانگر اهي به ڏوڪڙن ۽ سون جو جيترو ذخيرو پاڻ سان گڏ کڻي سگهيا، کڻي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا. جيتوڻيڪ مٿي ذڪر ڪيل سموريون ڳالهيون مايوس ڪندڙ آهن پر اها افسوسناڪ حقيقت آهي جنهن کي دل پڪي ڪري قبولڻ کانسواءِ چارو ڪونهي. بهرحال، ان گگهه اوندهه ۾ جيڪڏهن ڪو ٽانڊاڻو آهي ته اهو وري به عوام جي اجتماعي شعور ۽ تنظيم ڪاريءَ جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ مزاحمت آهي جيڪڏهن اها ڪنهن به ڪنڊ کان ڪر موڙي اٿي کڙي ٿئي ته ڪنهن بهتريءَ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ٻِي صورت ۾ هيءُ سال به اڳين سالن جيان ئي عوام آزار ثابت ٿيندو.