
هالي ووڊ جي اسرائيلي اداڪارا گال گيڊوٽ حيران ڪندڙ بيان ۾ چيو آهي تھ منهنجو وس هلي تھ هر هفتي هڪ ٻار کي جنم ڏيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ مون کي ٻار تمام گهڻو وڻندا آهن ۽ پهريون ڀيرو امڙ بڻجڻ تي خوش ٿي هيس. هن چيو تھ ٻار کي جنم ڏيڻ وقت لڳندو آهي تھ ڄڻ ڪا زندگي تخليق ٿيندي هجي، تنهنڪري خوش آهيان.