ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آ بابت اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ

جيتوڻيڪ پاڻ شروع کان ئي ان را جا هئاسين ته پي ٽي آ يا عمران نيازي جي شڪل ۾ عوام، سياست ۽ جمهوريت خلاف هڪ نئين راند شروع ڪئي پئي وڃي، تنهنڪري، ان جو 2018ع جي اليڪشن ۾ هارائڻ بنهه ضروري آهي، پر جيئن ته ميڊيا ۽ پروپئگنڊا جا ٻيا وسيلا هر وقت نيازي کي هڪ “مسيحا” طور پيش ڪري رهيا هئا، ته جيئن را عامه کي پي ٽي آ جي حق ۾ ڪري ڇڏجي، تنهنڪري، ملڪ جي اڪثريت، جنهن ۾ نالي چڙهيا دانشور ۽ تجزئي نگار به شامل هئا، ان دوکي ۾ رهي ته نيازي جي شڪل ۾ واقعي ڪو “مسيحا” اچڻ وارو آهي. نيٺ اليڪشن کي نيازي جي حق ۾ ڪري، کيس کٽرايو ته ويو پر هن اچڻ سان ئي جيڪا باهه ٻاري ڏني، ان سان ماڻهن تان نيازي جي “مسيحائي” جو چڙهيل بخار جلد لهڻ شروع ٿي ويو. هاڻي ته سندس “صادق ۽ امين” هئڻ وارو ڪوڙ به پڌرو ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آ بابت اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، اهي انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن.
اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عطين جي حوالي سان غلط معلومات ڏني آهي. ان سان گڏوگڏ پرڏيهي فنڊنگ جا ڪي به ذريعا نه ٻڌايا آهن، جنهن ڪري اسڪروٽني ڪميٽي تبصرو ڪرڻ کان لاچار آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۾ شامل ڪيش رسيدون بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان هڪجهڙائي نه ٿيون رکن. اسٽيٽ بئنڪ جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ مان ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جا عطيا وصول ٿيا. پي ٽي آءِ 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن بئنڪن 2008 کان 2012 تائين جي اڪائونٽن جا تفصيل اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا، 5 سالن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرمز آڊٽ رپورٽن جو هڪ ئي ٽيڪسٽ جاري ڪيو. چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرم پنهنجي آڊٽ رپورٽ ۾ ڪا تاريخ داخل نه ڪئي. تاريخ جو داخل نه ٿيڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي. رپورٽ مطابق اسٽيٽ بئنڪ جي رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آ جا 65 بئنڪ اڪائونٽس آهن، پي ٽي آ اليڪشن ڪميشن ۾ 12 بئنڪ اڪائونٽس ظاهر ڪيا ۽ 53 پارٽي بئنڪ اڪائونٽس لڪايا ۽ سال 2008-9 ۽ 2012-13 ۾ پي ٽي آ اليڪشن ڪميشن آڏو هڪ ارب 33 ڪروڙ رپيا عطيو ظاهر ڪيو. پي ٽي آ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جو عطيو مليو. تحريڪ انصاف 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. پي ٽي آ 53 بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، پي ٽي آ 77 بئنڪ اڪائونٽس مان 12 اڪائونٽس ظاهر ڪيا آهن. پي ٽي آ نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا جي اڪائونٽس جي پهچ ناهي ڏني. رپورٽ موجب ايڇ بي ايل، بئنڪ اسلامي، ايم سي بي، بئنڪ آف خيبر، يو بي ايل ۽ بئنڪ آف پنجاب جا اڪائونٽ ظاهر ناهن ڪيا. تحريڪ انصاف جي ٻاهرين ملڪ مان فنڊز جو تفصيل رپورٽ ۾ شامل آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران پي ٽي آ جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل رپورٽ جو حصو آهي. آمريڪي اداري فارايل ايل سي جي پي ٽي آ اڪائونٽس مطابق تفصيل به رپورٽ جو حصو آهي. پاڪستان ۾ ڊالر آپريٽيڊ اڪائونٽس جو تفصيل به رپورٽ ۾ شامل آهي. رپورٽ ۾ روڪيل فنڊنگ بابت هندستاني، فرانسيسي، ۽ آسٽريلوي قانونن جو به حوالو ڏنو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي 2008 کان 2013 جي آڊٽ جو تفصيل به رپورٽ جو حصو آهي. اسڪروٽني ڪميٽي بئنڪ اڪائونٽس تي پنهنجو تجزيو به رپورٽ جو حصو بڻايو.
رپورٽ ۾ اهڙن انڪشافن باوجود نيازي سرڪار چئي ٿي ته پي ٽي آ “سرخرو” ٿي نڪتي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي: “تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي.”
ان کان وڌيڪ نڪ جي پڪائي ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي. بهرحال، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کان پو مخالف ڌر جو به ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي: “عوام کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ماڻهن ۽ تنظيمن پي ٽي آءِ جي مالي مدد ڪئي ۽ ڪهڙا مقصد حاصل ڪيا. فارن فنڊنگ ڪيس جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ اسان سڀني جي سامهون آهي. عمران خان اليڪشن ڪميشن کان 53 اڪائونٽس لڪايا، پرڏيهه مان ڪيترن ئي شڪي ماڻهن ۽ ادارن پي ٽي آءِ کي فنڊز جاري ڪيا. رپورٽ ۾ فنڊنگ جي حوالي سان اشارا به تمام خطرناڪ رحجان جي نشاندهي ڪن ٿا. جن پرڏيهي طاقتن پي ٽي آءِ کي وڏي مالي مدد ڏني، عمران خان اڄ به انهن طاقتن جي مالي مفادن کي تحفظ ڏيڻ ۾ رڌل آهي. اڳ به هن ڪيس کي اڪلائڻ ۾ غير معمولي دير ڪري خدشا پيدا ڪيا ويا. تحقيق کانپوءِ ثابت ٿيو ته اڪبر ايس بابر جا الزام درست هئا. وقت اسان جي موقف کي صحيح ثابت ڪيو. عمران خان عالمي طاقتن جو مهرو آهي، هن جي ساڍن ٽن سالن واري دور عوام جي مستقبل تي تباهي جهڙا اثر ڇڏيا.”
شهباز شريف اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ کي وزيراعظم عمران خان تي فرد جرم قرار ڏنو. شهباز شريف چيو ته “سچائي هڪ خاص انداز سان ماڻهن کي بي نقاب ڪندي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ عمران خان تي واضح فرد جرم آهي. سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته پي ٽي آءِ 7 سال پرڏيهي فنڊنگ کان ڇو ڀڄي رهي هئي، صادق ۽ امين جي چهري تان پردو لهي ويو.”
مريم نواز عمران خان سان مخاطب ٿي چيو ته “تيار رهو، حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. اڃا تائين رڳو رپورٽ سامهون آئي آهي ۽ توهان جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، توهان چوري ۽ فراڊ ڪيو، صادق ۽ امين لفظن جي توهين جا به ڏوهي آهيو.”
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته “اسڪروٽني رپورٽ کانپوءِ عمران خان جو ڪرپشن سان ڀريل چهرو عوام جي سامهون اچي ويو آهي. عمران خان ڪرپشن جي خلاف نام نهاد مهم جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪري ملڪ کي لٽيو. سچ ڳالهائڻ جو حلف کڻي تحريڪ انصاف بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. ڪروڙين رپيا خرد برد ڪندڙ سليڪٽيڊ وزير اعظم ٻين کي ڪرپشن جا طعنا ڏيندو هو.”
هوڏانهن سينيٽر پلوشا خان ۽ سبطل حيدر بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته “پي ٽي آ جي فارنگ فنڊنگ ڪيس ۾ چوري پڪڙي وئي آهي، هاڻي هو ان جي جواب ۾ ٻين پارٽين تي الزام مڙهي رهيا آهن، پاڻ کي صادق ۽ امين چوندڙن جي صداقت ۽ امانت ظاهر ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي سمورن بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل اليڪشن ڪميشن سميت سڀني آڏو رکڻ لاءِ تيار آهي. الزامن سان اوهان جا مسئلا حل نه ٿيندا، اوهان اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ نه وجهو. پي ٽي آ تي پابندي جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جي آئي ٽي ٺهڻ گهرجي جيڪا فنڊنگ ڪندڙن جا چهرا عوام آڏو آڻي. تحريڪ انصاف جا ماڻهو ڪوڙا الزام مڙهي تماشو ڪن ٿا. فارن فنڊنگ رڳو تحريڪ انصاف جو مسئلو آهي، ٻيون جماعتون ته 50-50 سال پراڻيون آهن. هن کان اڳ ڪنهن جماعت تي الزام ناهي لڳو. تحريڪ انصاف تي ڪنهن جماعت الزام ناهي مڙهيو پر ان جي پنهنجي ئي باني ميمبر ايس ڪي بابر الزام مڙهيو آهي. ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور آهي عمران خان وٽ درست ڪاغذ هئا ته اهي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪري ها.
احسن اقبال چيو ته “پاڪستان تحريڪ انصاف جي چوري پڪڙجي چڪي آهي، فارن فنڊنگ ڪيس پي ٽي آ جي شفافيت جو ميڪ اپ ڌوئي ڇڏيو آهي. عمران خان سڄي ملڪ ۾ شفافيت جو چئمپين بڻجي ٿو پر اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس کي روڪرائڻ لاءِ هيلا بهانا ڪري ٿو. پي ٽي آ ڪهڙِي ڳالهه کي لڪائڻ گهري ٿي. ڪهڙي ڳالهه کي راز ۾ رکڻ گهري ٿي. پي ٽي آ اليڪشن ڪميشن ۾ (ن) ليگ جي بدعنواني جو هڪ ثبوت پيش ناهي ڪيو. هي ڪوڙ ڳالهائي ڪراس ايف آ آر داخل ڪرائي پنهنجي چوري بچائڻ گهرن ٿا. پي ٽي آ پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام مڙهي رهي آهي.”
ان رپورٽ جي منظر عام تي اچڻ کان پو هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آهي ته جنهن پارٽي کي 2018ع جي اليڪشن کٽرائي عوام تي مڙهيو ويو، اها ڪنهن به لحاظ کان صادق ۽ امين ماڻهن جي پارٽي نه هئي. رپورٽ سان اهو واضح ٿي ويو ته 53 اڪائونٽ لڪائي دوکو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button