ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عجب حڪومت جا غضب فيصلا

Editorial

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته کيس معيشت تباهه حال ملي، جنهن کي هاڻوڪي حڪومت بهتر ڪيو آهي. ملڪ ته ٺهيو پر دنيا جي ڪنهن به معاشي ماهر کي هاڻوڪي حڪومت جي معيشت جي باري ۾ ڪو تجزيو پيش ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته نواز ليگ جي دور ۾ معيشت تباهه حال هئي يا هاڻوڪي دور ۾ آهي. جڏهن مهانگائيءَ جي شرح لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي، جيڪا نواز ليگ جي دور ۾ 4 سيڪڙو تي هئي، ان دور ۾ ڪي به اهڙيون مافيائون ظاهر ڪونه ٿينديون هيون، جيڪي ڪڏهن کنڊ، اٽي ۽ ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري سگهن، پر هاڻوڪي حڪومت ۾ نه رڳو هڪ ٻئي پويان بحران ئي بحران آهن پر حڪومت انهن بحرانن کي حل ڪرڻ جي قابل نه ڪانهي. جيڪڏهن اها انهن بحرانن کي حل ڪرڻ چاهي به ٿي ان لاءِ ڪو اهڙو طريقو ڳوليو ٿو وڃي جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. جڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ مناسب مقدار ۾موجود ڪانه هئي، تڏهن به افغانستان موڪلي وئي ۽ پوءِ حڪومت کي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پئي. هاڻ ڪجهه وقت کان ڀاڻ جو بحران هلي رهيو آهي. ان ڪري حڪومت ڀاڻ به ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) چين مان 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جڏهن ته اي سي سي گاڏين سميت ٻين شين جي درآمد تي لاڳو ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن ۾ تبديلي ۽ پيٽروليم ڊويزن لاءِ مشروط طور تي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري به ڏني آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جي آمدني واپار ۽ آمدني واپار جي گاڏين ۽ ٻين شين تي ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس اربع ڏينهن هتي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري وزارت طرفان آمدني واپار وارين گاڏين ۽ ٻين شين تي ٽيرف جي شرح کي معقول بنائڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي، اها سمري صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ ٻين شعبن جي درخواست تي جمع ڪرائي وئي. اجلاس ۾ ان سمري جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترين ئي تبديلين سان ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي فيصلو ڪيو ته آٽو جي شعبي بابت ڪجهه سفارشن جو 6 مهينن کانپوءِ جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي چين مان يوريا جي آمدني واپار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِِ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽيءَ مان ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي فوري آمدني واپار جي اجازت ڏني. ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي چيني حڪومت جي منظور ٿيل سپلائير کان يوريا جي قيمت تي ڳالهائڻ جو هدف به ڏنو ويو. اجلاس ۾ پئٽروليم ڊويزن ۽ پاور ڊويزن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري به ڏني وئي، اجلاس ۾ پاور ڊويزن لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏني وئي جڏهن ته ان کي ناڻي واري وزارت سان مفاهمت سان مشروط ڪيو ويو آهي.
هاڻوڪي حڪومت جو گهڻو زور دارآمدي شين تي آهي. جڏهن ته ملڪ مان ڀاڻ اسمگل ٿي رهيو آهي يا وري ذخيرو ڪندڙ پنهنجن گودامن ۾ رکيو ويٺو آهن. پر حڪومت انهن خلاف ڪي اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي، جن سان ان مسئلي کي حل ڪري سگهجي. پر حڪومت کي اهو احساس به ناهي ته اهي بحران ٿوري ٿوري وقفي سان پيدا ٿيندا ئي رهندا آهن. ڇا حڪومت ايتري به اهل ناهي جو انهن بحرانن کي حل ڪري سگهي. هي فيصلو به حڪومت جي عقلمنديءَ جو هڪ مثال آهي ۽ اهڙا ٻيا فيصلا به حڪومت جلدي ڪندي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button