حڪومت ۽ اپوزيشن جي سياسي اختلافن ۾ جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿينديون آهن يا انهن جو پري پري تائين امڪان ڪمزور ۽ مايوس ڪن هوندو آهي تڏهن مخالف ڌر وٽ هڪ ئي رستو بچي ٿو اهو رستو احتجاج جو، يعني حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جو هجي ٿو. سياسي تحريڪون هونئن ته تمام گھڻي ڊگھي تاريخ رکن ٿيون پر هن ملڪ جي ويجھي تاريخ ۾ سياسي تحريڪ صرف ٻن دورن ۾ هلي، هڪ 77 جي اليڪشن، جيڪا پ پ پ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت هوندي وقت کان اڳ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، سندس مقابلي ۾ ان وقت تمام جماعتن گڏيل اتحاد جوڙيو هو، جيڪو ” پاڪستان نيشنل الائنس” نون ستارن جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ان جي سربراهي جمعيت علماءِ اسلام جو سربراھه مرحوم مولانا مفتي محمود ڪري رهيو هو ۽ ان جي ٻئي طاقتور ۽ مضبوط اتحاد جماعت، جماعت اسلامي هئي انهيءَ اتحاد ۾ مذهبي جماعتن جي اڪثريت هجڻ سان گڏوگڏ ڀٽو مخالفت جي ڪري پٺاڻ ۽ بلوچ قوم پرست به ان اتحاد جا حمايتي هئا نه رڳو اهو پر سنڌ جي قوم پرستن به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح انهيءَ جي حمايت ڪئي هئي.
پي اين اي تحريڪ جو مرڪز گھڻو ڪري وڏا شهر هئا، جنهن ۾ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ پشاور، پنڊي تحريڪ جو مرڪز هئا. باقي ننڍن شهرن ۾ جلوس ۽ جلسا تحريڪ سان يڪجهتي جي طور تي آرگنائيز ڪيا ٿي ويا. پي اين اي تحريڪ جو مطالبو هي هيو ته 1977 جي اليڪشن ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، نيشنل اسيمبلي تحليل ڪري هڪ عبوري حڪومت قائم ڪري جيڪا مخالف ڌر جي رضامنديءَ سان هجي ۽ پوءِ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي، ڪجھه عرصي کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي مخالف ڌر کي ڳالهين ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو، ڳالهيون شروع ٿيون جماعت اسلامي جو اڳواڻ پروفيسر عبدالغفور پي اين اي جي قيادت ڪندي ڳالهيون شروع ڪيون، ذوالفقار علي ڀٽي اهو موقف رکيو ته اوهان قومي اسميبلي جي اليڪشن وڙهڻ کان پوءِ صوبائي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي (واضح رهي ته پهريان اليڪشن ٻن مرحلن ۾ ٿينديون هيون، پهريان قومي اسيمبلي ۽ هڪ ڏينهن ڇڏي يعني ٽي ڏينهن صوبائي اليڪشن ٿيندي هئي، تڏهن قومي اسميبلي جا نتيجا صوبائي اليڪشن تي پوڻ اڻ ٽر هوندو هيو بعد ۾ هڪ ڏينهن تي اليڪشن تي فيصلو ٿيو) تنهن ڪري پهريان صوبائي اليڪشنون ڪرايون ٿا، جي اوهان انهن ۾ ڪاميابي ماڻي ته پوءِ قومي اسيمبلي جي اليڪشن ڪرائينداسين، تڏهن 4 جولائي جي رات يعني 5 جولائي جي شروع ٿيڻ سان هي معاهدو ٿي چڪو هو، صرف هي فيصلو ڪيو ويو ته صبح جو صحيحون ڪنداسين، هاڻي رات جو ٿڪاوٽ آهي ڇو ته نئين سري سان معاهدي جي ڊرافٽنگ به ڪرڻي هئي، جڏهن اها خبر جنرل ضياالحق کي پئي ته هن اڌ رات جو مارشل لا لڳائي، جنهن کي 5 جولائي 1977 جي مارشل لا چيو ٿو وڃي ۽ 5 جولائي ڪارو ڏنيهن ڪري ملهايو ويندو آهي، بعد ۾ يعني ڀٽي جي شهادت کان پوءِ جماعت اسلامي جي پروفيسر عبدالغفور صاحب اهو اعتراف ڪيو هو ته اسان جون ڳالهيون ڪاميابي ٿي چڪيون هيون، رڳو صبح جو اعلان ڪرڻو هو ته مارشل لا لڳائي وئي.
حيرت جي حد اها آهي ته پي اين اي جنهن ڳالهين جي ٺاهھ تائين پهچڻ جو قدم وڌايو هو ۽ ٺاھه تي به پهچي چڪا هئا، تنهن ٻئي ڏينهن فورن قدم پوئتي هٽائيندي ضيائي مارشل لا جي حمايت ڪئي ۽ پوءِ هڪ ٻئي اونداهي دور جي شروعات ٿي، جنهن جي گھڻي تفصيل ۾ نٿا وڃون.
ٻي تحريڪ ضيا آمريت جي خلاف ايم آر ڊي جي اتحاد جي جڙڻ کان پوءِ 1983 ۾ هلي، جيڪا پوري جو پوري تحريڪ پوري شدت سان سنڌ ۾ هلي هئي ۽ ان ضيا آمريت جا بنياد ڌوڏي ڇڏيا هئا، انهيءَ کي ايم آر ڊي جي قيادت يعني ان وقت غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب ڪندي هلايو به هو ته هلندڙ تحريڪ کي روڪيو به هو، واضح رهي ته ان وقت پ پ پ جي چيئرپرسن محترمه نصرت ڀٽو هئي، تڏهن ان هي اعتراف ڪندي چيو هو ته تحريڪ ۾ عوام خاص ڪري سنڌ ايتري اڳتي وڌي چڪي هئي جو انهيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هو، تنهن ڪري اسان تحريڪ کي روڪيوسين، ڇو ته اسان جي به ڪنٽرول ۾ تحريڪ نه رهي سگھي ها.
انهن تحريڪن کان پهريان گڏيل پاڪستان ۾ بنگال جي قومي ٻولي يعني بنگالي قومي ٻولي جي مطالبي جي تحريڪ هلي هئي، جنهن ۾ بنگالي شاگرد شهيد ٿيا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ بنگالي ٻولي کي به قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو، ايوب آمريت جي خلاف سندس آخري دور ۾ تحريڪ هلي هي به واضح رهي ته ايوب آمريت جي خلاف پهرين تحريڪ جماعت اسلامي هلائي هئي ۽ جنهن جي اڳواڻ مولانا مودودي صاحب کي جيل ۾ بند ڪري کيس ڦاسي ڏيڻ جي حڪمتِ عملي جوڙي وئي هئي ۽ جماعت تي پابندي لڳائي وئي هئي، تڏهن سعودي حڪومت جي مداخلت ڪرڻ کان پوءِ مولانا مودودي صاحب کي آزاد ڪيو ويو پر تحريڪ قدم به قدم اڳتي وڌندي 1965 جي جنگ کان پوءِ ۽ تاشقند معاهدي ڪرڻ تي ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجه تان استعيفيٰ ڏئي ايوب شاهي جي خلاف تحريڪ هلائي، ايوب استعيفيٰ ڏئي جنرل يحيٰ کي آندو، جنهن 1970 جي اليڪشن ڪرائي، اليڪشن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان جي اندر يعني بنگال ۾ اڪثريتي جماعت عوامي ليگ شيخ مجيب جي پارٽي کٽي آئي، هتي اڪثريتي پارٽي پ پ پ هئي، جنهن کان پوءِ اليڪشن جي نتيجي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ بنگال جو عظيم سانحو تاريخ جو باب بڻجي ويو پر 1983 جي تحريڪ کان پوءِ سياسي جماعتن ڪا به عوامي تحريڪ هلائڻ کان توبھه ڪري ڇڏي، اسٽيبلشيمنٽ ۽ سياستدانن جي وچ ۾ ڄڻ هي اڻ لکيل معاهدو ٿي چڪو آهي ته ڪا به سياسي تحريڪ ناهي هلائڻي يعني اهڙي تحريڪ ناهي هلائڻي جيڪا عوام جي طاقت سان هلائي وڃي ۽ اهڙي به ڪا تحريڪ نه هلائي وڃي جيڪا عوام جي حقن جي تحريڪ هجي.
حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اختلافن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مارچ ۽ جلسا ڪرڻا آهن اها به ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪا به هڙتال ناهي ڪرڻي، انهيءَ کان پوءِ جو پورو منظر نامو اسان جي اڳيان آهي جنرل مشرف جي آمريت جنهن کي پاڻ ملڪي تاريخ جي هڪ ڊگھي ۽ بدتر آمريت سڏيون ٿا، جنهن هر قسم جي آمرانه چال هلي، پاپولر سياسي پارٽين کي نه رڳو ڪمزور ڪيو پر ان جي قيادتن جي خلاف هر قسم جي سازش ڪئي. نواز شريف جو گرفتار ٿيڻ، جلاوطن ٿيڻ ۽ انهيءَ کان وڌيڪ محترمه جي قتل جو سڌو الزام به هن آمر جنرل تي اچي ٿو، هن جو ئي دور هيو، جنهن عدالت کي تحس نحس ڪيو ۽ عدالتن جي بحاليءَ جي عظيم تحريڪ شروع ٿي، ڪراچي جي 12 مئي جو ڪوس ۽ انهيءَ جو کليو اعلان خود جنرل پاڻ ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هٽايل چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي اچي ڏيکاري ۽ اسان جي طاقت جو مقابلو ڪري.
ايڏن وڏن قتلن ۽ ڪيسن کان پوءِ سياسي جماعتن ڪا به مزاحمتي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو نه ڪيو ۽ هر وقت اها ڪوشش ڪئي وئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪا نه ڪا ڊيل ڪجي واضح رهي ته هر ڊيل ۾ جيڪو نقصان پهتو آهي اهو نقصان وڌ کان وڌ عوام جي سياسي حقن کي پهتو آهي سياسي جماعتن کي ٻئي نمبر تي ٿيو آهي پر مزاحمت تي سڀني توبھه ڪري ڇڏي آهي ها البته پنهنجي مطالبن جي مڃتا جي لاءِ هاڻي لانگ مارچ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي اٿئون، جنهن جي به شروعات 93 ۾ محترمه بينظير صاحبه ڪئي هئي، جنرل ڪاڪڙ ڊيل ڪري نواز شريف ۽ صدر اسحاق کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو، انهيءَ کان پوءِ ٻيو لانگ مارچ ججن جي بحاليءَ جي لاءِ نواز شريف ڪيو، جيڪو اڌ رستي تائين پهتو ته تنهن وقت صدر آصف زرداري جج بحال ڪيا ۽ پوءِ جو پورو نقشو پنهنجي اڳيان آهي. 2018 جي اليڪشن کان پوءِ پي ڊي ايم جي تحريڪ باربار لانگ مارچ جون ئي تاريخون ڏيندي رهي آهي ۽ هاڻي جو ڪيل اعلان 23 مارچ تي لانگ مارچ جو ڪيل آهي پر انهيءَ کان پهريان جو 23 مارچ جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچي، پ پ پ جي چيئرمين 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هن اها به اميد ظاهر ڪئي آهي ته ادارا رنڊڪ نه وجھندا، ممڪن آهي ته ايئن ٿئي ۽ اهو به ممڪن آهي ته پسِ پرده ڪو سمجهوتو ٿئي، ڇو ته اهو پاڻ کي ٺيڪ طرح سان علم آهي ته موجوده سياسي جماعتون خاص ڪري جيڪي پارليامينٽ ۾ ويهن ٿيون ۽ انهن جي اڪثريت آهي، اهي ڪا به مزاحمتي تحريڪ نه هلائينديون پر لانگ مارچ اهڙو به نه ڪنديون، جيڪو هنن جي ذلت ۽ خواري جو سبب بڻجي يقينن ڪو انڊيڪيٽر آهي، ڇو ته اسان جو خان ڀائي به چئي پيو ته 3 مهينا حڪومت جي لاءِ اهم آهن.