شوبز

ڪيٽ ونسليٽ، نڪول ڪڊمين ۽ ول سمٿ مک گولڊن گلوب ايوارڊ ٻوهاري ويا

گولڊن گلوب جا هن سال وارا ايوارڊ تقريب منعقد ڪرڻ بنا ئي ڏنا ويا آهن ۽ اهو ايوارڊ جي تاريخ ۾ 79 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. جڏهن تھ ڪيٽ ونسليٽ، نڪول ڪڊمين ۽ ول سمٿ مک گولڊن گلوب ايوارڊ ٻوهاري ويا آهن. ميڊيا مطابق گولڊن گلوب ايوارڊ جي اختيارين تي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فرق رکڻ وارن الزامن بعد تقريب منعقد ڪرڻ بنا ئي ايوارڊ جي فاتحن جو اعلان ڪيو ويو آهي،

بهترين اداڪارا نڪول ڪڊمين

فلم ڪنگ رچرڊ جي مد ۾ بهترين اداڪار طور ول سمٿ ۽ بيئنگ دي رڪارڊوس ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ نڪول ڪڊمين کنيو، راچل زيگلر ويسٽ سائيڊاسٽوري ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪيو، هن فلم مجموعي طور 3 اهم ايوارڊ ماڻيا. ڪيٽ ونسليٽ محدود سيريز جي بهترين اداڪار بڻي. جڏهن تھ بهترين فلمن ۾ ويسٽ سائيڊ اسٽوري ميوزيڪل ۽ ڊراما فلم جي مد ۾ پاور آف دي ڊاگ کي ايوارڊ ڏنا ويا آهن. ڊرائيو مائي ڪار بهترين پرڏيهي فلم، اينيمٽڊ فلم جي ڪيٽيگري ۾ انڪانتو ڪاميابي ماڻي، اهڙي ريت بهترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ جين ڪيمپيئن ماڻيو آهي. ٽي وي فلم ۾ سڪسيشن 3 ايوارڊ کنيا آهن.

مشيل ايوارڊ ماڻيندڙ پهرين ٽرانسجينڊر اداڪارا بڻجي وئي

ٽراسنجينڊر اداڪارا مشيل ردرگيز

گولڊن گلوب ايوارڊ ۾ اداڪارا مشيل جائي ردرگيز بهترين ٽي وي سيريز اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهرين ٽرانسجينڊر اداڪارا جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق گولڊن گلوب جي بهترين ٽي وي اداڪارا جو ايوارڊ مشيل جائي ردرگيز کي مليو آهي، ان کان اڳ اهڙو ايوارڊ ڪنهن بھ ٽرانسجينڊر اداڪارا کي اهو ايوارڊ ناهي ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button