ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مري واقعو ۽ حڪومتي بي حسي

Editorial-Article- Sher Muhammad Solangi

پاڪستان ۾ اهو الميو آهي ته جڏهن به ڪو ان وڻندڙ واقعو ٿيندو آهي ته وڏيون وڏيون ڪانفرنسون ڪري رڳو پنهنجو نالو چمڪايو ويندو آهي پر ڪوبه عملي ڪم نه ڪيو ويندو آهي. مري واقعو ان ڳالھه جو ثبوت آهي ته سرد موسم هجڻ ڪري اسان جا ادارا ڪٿي هئا ڇا موسميات کاتي، پوليس ۽ مريءَ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪي اپاءَ ورتا، اهڙيون حالتون ڇو پيدا ٿيون جو هيڏو واقعو ٿيڻ کان پوءِ ڪوبه عملي اپاءُ نه کنيو ويو. جڏهن ته مري ۾ شديد برفباري سبب هزارين ماڻهو روڊن تي ڦاسي پيا. ان کانسواءِ سخت سيءَ ۽ ساهه منجهڻ سبب هڪ خاندان جي 8 ۽ ٻئي خاندان جي 5 ڄڻن سميت 22 ڄڻا فوت ٿي ويا. انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ ۽ ان جي خاندان جا 7 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ اي ايس آءِ جي 43 ورهين جي گهرواري، سندس 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن.
سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڄڻا به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، سندس گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن. ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن. مري انتظاميا موجب 22 ورهين جو اسد پٽ زمان شاهه، 21 ورهين جو بلال پٽ غفار عمر، 24 ورهين جو محمد بلال حسين پٽ سيد غوث خان به سانحي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا، هوڏانهن گهرو وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مريءَ ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب مريءَ ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت مريءَ کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير عثمان بوزدار سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. نواز ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هڪ پاسي مريءَ ۾ قيامت برپا آهي ۽ ٻئي پاسي وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف کي جيل اماڻڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، هي بيشرميءَ جي حد آهي، پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته وفاقي وزيرن جي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرمندگي يا وري ڏک بدران مرڪندڙ چهرا نظر آيا ۽ سانحي جي ذميواري قبول ڪرڻ بدران شاهد خاقان عباسيءَ کي ريسڪيو جو ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي. هن چيو ته وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۾شهباز شريف کي جيل اماڻڻ ۽ اليڪشن کان اڳ مخالفن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته مريءَ ۾ قيامت برپا هئي، بيشرمي ۽ بي حسي جي حد آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جو وڏو وزير ۽ وفاقي وزير ڪيترائي ڪلاڪ تنظيم سازي اجلاس ۾ مصروف هئا، مرڪندڙ چهرن سان پريس ڪانفرنس ڪرڻ سوڌو اپوزيشن تي طنز جا تير هلائيندا رهيا. سي ايم صاحب اوهان ڪٿي آهيو؟ شهباز شريف هجي ها ته مري ۾ امدادي ڪم ۾ رڌل هجي ها، واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته اپوزيشن اڄ به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، شاهد خاقان جنهن تڪ تان چونڊيو ويو، کيس ماڻهن جي مدد لاءِ اتي وڃڻ گهرجي ها پر هو پنڊي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته سانحو نه ٿئي ها.
مريءَ ۾ سيءَ سبب سياحن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ۽ وارثن سان تعزيت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان سانحي تي سڄو ملڪ سوڳوار آهي، انتظاميا سياحن جي مدد لاءِ بنا دير هنگامي قدم کڻي. هن چيو بهتر هجي ها ته مري ۾ سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته جيئن اهڙو واقعو پيش نه اچي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته مري سانحو هڪ قومي آفت آهي، حڪومت قومي سوڳ جو اعلان ۽ واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي، پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته خراب موسم باوجود سياحن جو مري پهچڻ انتظامي ناڪامي آهي ۽ سانحي جي ذميواري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا آهي. هن چيو ته مريءَ ۾ سياح پاڻي ۽ خوراڪ بنا واڙيل رهيا، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير لاهور ۾ موجود رهيو. کيس لاهور بدارن مري پهچي پاڻ آپريشن جي نگراني ڪرڻ گهرجي ها. رضا رباني مطالبو ڪيو ته مري سانحي جي سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. حڪومت سوڳ جو اعلان ڪري، آپريشن ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، ملڪ جي اهم سياحتي هنڌ مريءَ ۾ جتي برفباري سبب وڏو سانحو پيش آيو. اُتي پنجاب جو وڏو وزير وري پارٽي جي تنظيم سازي ۾ رُڌل هو، برف ۾ ڦاٿل سياحن جون حياتيون بچائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ بدران وڏو وزير پارٽي جي اجلاس ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ ٻئي پاسي 20 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
جڏهن ته وفاقي وزير شفقت محمود ٻڌايو ته اڄ پنجاب ايڊوائيزري ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير خاص طور شرڪت ڪئي هئي، گڏجاڻي اڍائي ڪلاڪ جاري رهي ۽ پارٽي جي معاملن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مون کي پنجاب جي اجلاس بابت ڪا ڄاڻ ناهي پر پنجاب جي وڏي وزير سان رابطو ٿيو هو ۽ ريسٽ هائوس کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون هيون، شيخ رشيد چيو ته مري سانحي بابت پنجاب جي وڏي وزير مون کان 2 ڀيرا رپورٽ ورتي هئي.
ملڪ ۾ آفتن جو اچڻ جا حادثا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. پاڪستان ۾ حادثا عام جام ٿيندا رهندا آهن. پر اصل ڳالهه انهن حادثن جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي هوندي آهي. هڪ ذميوار حڪومت جو ڪم اهو هوندو آهي ته اها پهرين پنهنجي ڪوتاهيءَ کي مڃي ۽ ان کان پوءِ حادثي جو شڪار ٿيندڙن کي جلدي اتان ڪڍڻ جو بندوبست ڪري پر پي ٽي آءِ جا وزير مشير نه رڳو هن واقعي کان پوءِ عذر پيش ڪندا رهيا پر حادثي جو شڪار ٿيڻ ماڻهن جي وارثن جو مذاق به اڏائيندا رهيا، جنهن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
عمران خان جڏهن اپوزيشن ۾ هوندو هو ته هلڪي ڦلڪي حادثي تي به وزيرن کي استعيفيٰ لاءِ چوندو هو پر هاڻ جڏهن پاڻ حڪومت ۾ آهي ته هو استعيفيٰ ته ٺهيو پر ان حادثي تي افسوس جو اظهار ڪري ماڻهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت ڪيتري بي حس آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا مري واقعي جي انتظاميه کي ڪا سزا ايندي يا فقط ڳالهيون ۽ پريس ڪانفرنسون ٿينديون، مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿيندا، پي ٽي آءِ حڪومت ان لاءِ ڪو عملي قدم کڻندي يا وري روايتي سياست ڪندي پي ٽي آءِ رڳو اپوزيشن جماعتن کي نشانو بنائيندي رهندي ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار نه ٿيندي. وقت جي حڪومت جي ذميواري اپوزيشن کان وڌيڪ هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button