شوبز

مري ۾ چانهه جي ڪوپ جا ٻھ هزار ڀريا: فضا علي

پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا فضا علي انڪشاف ڪيو آهي تھ مري ۾ هوٽل تي چانهه جي 3 ڪوپن جو بل اسان کي 2 هزار پيا ڏنو ويو، جيڪو ڏئي حيرت ۾ غرق ٿي ويس. ميڊيا مطابق فضا علي آسڪ مي سيشن دوران ٻڌايو تھ اها لاهور ۾ هڪ پراجيڪٽ جي مد ۾ ترسي جتان برفباري جو مزو وٺڻ ٽيم سان گڏ ڪوهه مري وئي، جتي هوٽل ۾ وڃي مون 20 هزارن ۾ هڪ رات خاطر جيڪو ڪمرو ورتو، پر اهو ڪمرو اسان کي ڏيکاريل تصويرن وارو نھ هو، ڇوتھ ان جي حالت بهتر نھ هئي. هن چيو تھ ڪمري جي واش روم ۾ پاڻي نھ هو، شڪات تي چيو ويو تھ موٽر هلايون ٿا، پر 4 ڪلاڪن بعد بھ پاڻي نھ آيو تھ هوٽل ڇڏڻو پئجي ويو. فضا علي موجب مري وارا هوٽل بااثر سياستدانن، وزيرن ۽ وڏن ڪاروباري ماڻهن جا ئي ڏٺا ويا. جڏهن تھ مقامي ماڻهو تھ اتي رڳو 10 سيڪڙو مس ڪاروبار ڪندي نظر آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button