ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪمند جي آبادگارن جي پريشاني

Editorial

جڏهن به ڪمند پيڙائيءَ لاءِ شگرملن تائين پهچائڻ جو مرحلو ايندو آهي ته مل مافيا نه رڳو آبادگارن کان وقت تي ڪمند وٺڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيندي آهي پر ان جو اگهه به ايترو رکيو ويندو آهي جو آبادگارن جو خرچ ئي ڪونه نڪري سگهندو آهي. جڏهن ته ڪمند جو سرڪاري اگهه به طئي ڪيو ويندو آهي پر تنهن هوندي به مل مالڪ آبادگارن کي پريشان ڪندا رهندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويندا آهن پر آبادگار لوڙيندا رهندا آهن. شگر مل مافيائن جي ملي ڀڳت جي ڪري سنڌ ۾ ڪمند پوکيندڙ آبادگار سالن کان پريشانيءَ جو شڪار آهي. پر تنهن هوندي به مل مالڪ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هن وقت به ميرپورخاص ۾ اهو مسئلو هلي رهيو آهي. جنهن ۾ آبادگار شگر ملن ٻاهران ڪمند رکي ان انتظار ۾ ويٺل آهن ته مل مالڪ ڪمند وٺي کين گهربل رقم ڏيندا پر هيستائين اهو مسئلو حل نه ٿي سگهي آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص پاران آبادگار اڳواڻ حاجي امين پنهور جي رهائشگاهه تي آبادگارن جي هنگامي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ آبادگار اڳواڻن محمد عمر ٻگهيو، حاجي ملوڪ راڄڙ، ممتاز مري، الهبچايو راڄڙ ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو سميت ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کانپوءِ آبادگار اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شگر مل مالڪ مافيا بڻجي آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، ٽن ڏينهن کان بنا ڪنهن جواز جي شگرملون بند ڪرڻ سبب ملن ٻاهران اسان جو ڪمند سڪي رهيو آهي. هڪ ڏينهن اندر شگرملون چالو نه ڪيون ويون ته ملن جي گيٽن اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا. هنن وڌيڪ چيو ته مختلف شگرمل مالڪن پاران گذريل ٽن ڏينهن کان بنا ڪنهن ڪارڻ جي شگرملون بند ڪرڻ سبب اسان جي ڪمند جون ٽراليون ملن سامهون بيٺل آهن، جنهن ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي رهيو آهي، جنهن سان آبادگارن توڙي هارين کي نقصان پهچندو. هنن چيو ته شگر مل مالڪ چاهين ٿا ته پنهنجي مرضيءَ جي اگهھ تي ڪمند خريد ڪري سگهن، پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، سرڪاري اگهھ تي ڪمند ڏنو ويندو. هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهھ آهي ته سنڌ حڪومت مل مافيا اڳيان بيوس بڻيل آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي نقصان پهچي رهيو آهي، ملون بند ٿيڻ ڪري ڪمند جي ڪٽائي لا ٿر مان ايندڙ مزدور طبقو پڻ مالي بحران جو شڪار آهي، اسان ضلعي انتظاميا کي شڪايت ڪئي آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته هڪ ڏينهن اندر مل مالڪن ملون چالو نه ڪيون ته هزارين آبادگار ملن جي مک گيٽن اڳيان ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻا هڻندا. هي هڪ ڳنڀير صورتحال آهي. آبادگارن جو مطالبو جائز آهي ته انهن کان ڪمند ورتو وڃي ته جيئن اهو سڪڻ کان بچي وڃي. ڇاڪاڻ ته هيترن ڏينهن کان جيڪڏهن مل مالڪ انهن کان ڪمند خريد نه ڪري رهيا آهن ته ان سان ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو ۽ آبادگارن کي وڌيڪ نقصان ٿيندو. هنن جيڪو خرچ ڪمند جي فصل تي ڪيو آهي، اهو نڪري نه سگهندو. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جو آبادگار ڪڏهن ٽماٽي جي فصل جي ڪري لوڙيندو آهي ته ڪڏهن وري ڪمند جو فصل پوکي پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو هڻندو آهي. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ڪمند جي فصل جو مناسب اگهه فراهم ڪيو وڃي، نه رڳو فراهم ڪيو وڃي پر وقت سر فراهم ڪرڻ به لازمي آهي. جڏهن مل مالڪ آبادگارن کان ڪمند گهرائين ٿا ته انهن کان ڪمند کڻڻ ۾ دير ڇو ٿي ڪئي وڃي. شگر مل مالڪن جي اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي جو اهي ڏينهن جا ڏينهن ڪمند جو ٽراليون ملن جي ٻاهران بيهاري کين انتظار پيا ڪرائيندا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميرپورخاص جي آبادگارن جو مسئلو ترت حل ڪيو وڃي نه رڳو ميرپورخاص جي آبادگارن جو پر سنڌ ۾ جتي به ڪمند جا آبادگار آهن، انهن کان ترت ڪمند ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button