ٽيون ڏينهن ڏهين جنوري تي سنڌ جي نوجوانن پنهنجي ديس جي نج عوامي فنڪار استاد جلال چانڊيي کي سوشل ميڊيا تي جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، تنهن ڀيٽا سٻاجھي سنڌ بابت ان راءِ کي هيلوڪي دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون ڪيو آهي ته:
“سنڌ ڪنهن جو به پورهيو نه وڃائيندي آهي”
جي نه ته اسان جي سياست توڙي دانش جي دنيا جي چڱن ڀلن نامور ڪردارن جي رڪارڊ تي اها شڪايت موجود آهي ته:
“سنڌ بيقدرو ديس يا سماج آهي”
پاڻ هتي انهن صاحب لوڪن جا نالا نٿا ڳڻايون، جو جنهن کي به ٻه اکر پيٽ ۾ پيل آهن، تنهن کان اهي ماڻهو ڳُجها نه هوندا، جيڪي ويندي ويندي پنهنجي وطن کي مياري ڪري ويا.
بهرحال پنهنجو اڄوڪو قصو ئي جيئن ته استاد جلال چانڊيو آهي، تنهن ڪري ٻين جي پچار ڇڏيون ٿا ۽ اچون ٿا يارن جي تنهن يار تي، جنهن کي راڳ ۽ راڳڻين جي جيڪا خبر هوندي سا هوندي پر سندس رڳن ۾ اهو رباب ضرور وڳو ٿي، جنهن کي سنڌ جي عام لوڪ سُڻي سمجهي ورتو ۽ اهو طئي ڪيو ته جلال ئي سندن طبقي جو ترجمان آهي. ٻيو ته استاد جلال سنڌ وطن جي انهن ڪيترين ئي هاڪاري روايتن کي پنهنجي پيار ۽ پورهئي سان پاڻي ڏيئي به پاڻ مڃايو ۽ ملهايو، جيڪي روايتون سنڌ ۾ هڪ راڄائتي ۽ مڙس ماڻهو جي سُڃاڻپ ڪرائين ٿيون.
استاد جلال جيڪا ڪيسٽ ڪمپنين ۾ شاعري ڳاتي، تنهن ۾ مٿس تنقيد ڪندڙن جي اها راءِ جُڙي ته جلال جيڪا غير معياري شاعري ٿو ڳائي، تنهن سان سماج ۾ بگاڙ ٿو پيدا ٿئي. پاڻ کي اها خبر ناھي ته جلال جي ڳايل ڪلامن کان اڳ سنڌ ۾ اهي ڪهڙيون چڱايون هيون جيڪي جلال جي ڪلامن کان پوءِ بگڙي ويون پر پاڻ ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته هن فقير منش ويراڳي جيڪا عملي زندگي گذاري، تنهن ۾ هو پنهنجي راڄ ڀاڳ جي اميد ۽ اڀرن جو ڀرجهلو هو. جڏھن ته جلال جي علمي نقادن جون عملي زندگيون ڦلهوڙي ڏسبيون ته انهن مان نه ڪڏھن سڄڻ کي آسرو رهيو آهي ۽ نه دشمن کي ڀئو. انهن جي ڀيٽ ۾ جلال نه فقط پنهنجي تَر جُوءِ پر سموري سنڌ ۾ هڪ اهڙي مڙس طور ڄاتو ٿي ويو، جنهن وٽ ڪنهن به ڏُکي ويل پهچي پناهه وٺي سگهجي پئي ۽ سندس انهي گُڻ ئي کيس ان آڌر ۽ عزت جو حقدار بڻايو جو اڄ سندس مزار تي وڃو ته اوهان کي سندس مزار تي ايئن ئي موڙ ڳانا سينگاريل نظر ايندا جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ فقيرن درويشن جون مزارون موڙن سان سينگاريل نظربيون آهن.
اهو ڇاهي؟ اها ان پيار جي ثابتي آهي، جنهن پيار جي پوکي استاد جلال قدم قدم تي پنهنجي ديس ۾ ايئن ڪئي جيئن فقير ڪندا آهن.
هونئن ته استاد جلال بابت ڪئين قصا ڪهاڻيون ٻُڌل آهن پر هتي پاڻ فقط هڪ ٻه ڳالهيون حوالي طور بيان ڪيون ٿا ته جيئن اها ڳالهھ سمجهي سگهون، جنهن ڳالهھ جي ڳَڻ استاد کي سنڌ جو هردلعزيز بڻايو.
ڳالھه ٻُڌل آهي ته ٻه هڪڙا پورهيت ڀائر هئا جن مان هڪڙي ڀاءُ پنهنجي پُٽ لاءِ پنهنجي ٻئي ڀاءُ کان نياڻيءَ جو سڱ گهريو. سندس ڀاءُ پنهنجي نياڻي جو سڱ ته خوشيءَ سان پنهنجي ڀائٽي کي ڏنو پر هُن فقط هڪڙي شرط رکي ته جيڪڏھن توهين گهوٽائتا ڪاڄ ۾ استاد جلال کي گهرائيندئو ته ٺيڪ نه ته پوءِ سڱ کان نه سمجهو. واضح ڪندا هلون ته سنڌ ۾ صدين کان ڀوڳ چرچا سماجي ڪڙاڻ ۽ محرومي کي ختم ڪرڻ جو وسيلو رهيا آهن ۽ ذڪر هيٺ آيل ڀائر به سنڌ جي انهن خاندانن مان ئي هئا جنهن ۾ ڪُڙم جا ننڍا وڏا هڪ ٻئي سان ڀوڳ چرچو بنا حجاب ڪندا آهن. سو ٿيو ايئن جو هاڻ سڄي ڳوٺ ۾ چرچو ٿي ويو ته ابا نه ڪو جلال اچي ۽ نه ڪو فلاڻي جو پُٽ گهوٽ ٿئي. سبب اهو هو جو گهوٽ توڙي ڪنوار جا والدين پورهيت غريب هئا، جڏھن ته جلال لاءِ اهو جڳ مشهور هو ته هو وڏن وڏن ماڻهن جي ڪاڄن ۾ ويندو آهي ۽ ٻيو ته کانئس مهينن جا مهينا اڳ تاريخون وٺبيون آهن. تنهن ڪري گهوٽ جو پيءُ جيڪو آڻين ۽ چاڙهين واري حال ۾ هو سو ڪٿان جلال گهرائي!؟
بهرحال ڳالھه جڏهن ڊيگهھ ڪري وئي تڏهن چون ٿا اميدوار پورهيت گهوٽ جو هڪ پورهيت دوست جيڪو ڪجھه رليل پِنل هو، تنهن پنهنجي يار کي صلاح ڏني ته هل پاڻ پنهنجي درد جو سمورو داستان استاد جلال کي سامهون هلي ٿا ٻُڌايون. ڇاڪاڻ ته استاد غريبن جو يار ۽ مهل جو مڙس ماڻهو مشهور آهي ۽ پڪ ڄاڻ ته هو پنهنجو به ڀرجهلو ضرور ٿيندو. ۽ پوءِ چون ٿا ته ٿيو هيئن جو ٻئي دوست ڪٿان مڙئي اوڌر سوڌر وٺي وڃي استاد جلال وٽ پهتا ۽ سمورو قصو ڪري ٻڌايائونس. جنهن تي چون ٿا ته استاد اميدوار گهوٽ ڏانهن کِلي ڏسي چيو ته:
“ادا! جيڪڏهن اسان جي هلڻ سان توکي ڪُنوار ملي ٿي ته اسين هلون ٿا پر هڪڙي ڳالھه سدائين ياد رکجان ته پنهنجي وني کي ڪڏهن به ڏکيو نه ڪجان جو هاڻ اڄ کان اها منهنجي ڌيءَ آهي”
۽ پوءِ چون ٿا استاد پنهنجي خرچ ڀاڙي سان لاڳاپيل ڳوٺ پهتو ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ راڄ اچي مِڙيا. آخر ۾ چون ٿا ته استاد کي جيڪو به راڳ ۾ ونڊ مليو تنهن مان هڪ ٽڪو به نه کنيائين ۽ سڀ جا سڀ ڏوڪڙ ڀري ٻڌي ڪاڄ ڌڻين جي حوالي ڪندي چيائين ته:
” ابا! هي پئسا منهنجي ڌيءَ ڪنوار کي هٿ ۾ ڏجو. هي سندس مبارڪي آهي” ۽ پوءِ استاد سموري راڄ کان موڪلائي روانو ٿيو. هاڻ ٻڌايو ته اهي وڙ سنڌ ڪيئن ٿي وساري سگھي؟
آخر ۾ استاد جي زندگي جو هڪ ٻيو مشهور واقعو به بيان ڪندا هلون جنھن بابت ٻڌائين ٿا ته دادو واري پاسي رات جو استاد ڪٿان موٽيو پئي ته اڳيان ڌاڙيل روڊ جهلي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦُر ڪري رهيا هئا. جيئن ئي استاد جي گاڏي روڪيائون ته گاڏي روڪيندڙ ڌاڙيل کان چون ٿا رڙ نڪري وئي ۽ هن هڪدم چيو:
“اڙي استاد!!”
۽ پوءِ ڌاڙيلن استاد کي چيو ته ٻيلي استاد اوهين هتان تڪڙا نڪري وڃو، جو ڏسو پيا اسين ڇا پيا ڪريون!!
جنهن جي موٽ ۾ استاد وراڻيو ته:
” آئون نه ويندس، مون کي به ڦُريو يا سڀني کي ڇڏيو. ڇو ته سڀاڻي جو سج به ته اُڀرڻو آهي ۽ مون کي پنهنجي ماڻهن کي منهن به ڏيکارڻو آهي. جي آئون هليو ويس ته سنڌ ڇا چوندي ته جلال راڄ ڦُرائي پاڻ بچائي آيو!؟”
پوءِ چون ٿا ڌاڙيل شرمسار ٿيا ۽ جيڪي به ان مهل تائين گاڏيون روڪيون هئائون تن کي سُئي سڳو موٽائي ڏنائون.
بس اهو هو جلال جنهن راڄ بچايو. جي نه ته اسان وٽ انقلاب جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ راڄ ڦُرائي پاڻ بچايو ويٺا آهن. سو ادا سنڌ ڪنهن جو به پورهيو اڄ تائين ناهي وڃايو ۽ جلال به سدا حيات رهڻو آهي ۽ سنڌ جو هر نئون سماڻل عاشق استاد پاران ڳاتل غوثل فقير جا اهي ٻول پيو ٻُرائيندو ته:
منهنجو دارون دوا تنهنجو ديدار آ
ڏيکارڻ طبيبن کي بيڪار آ.