سنڌ حڪومت جي سرواڻ گڏيل قومن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌو دريا کي بچائڻ ۾ سهڪار ڪري. هاڻي گڏيل قومن جو ادارو ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري؟ ان جي خبر اسان کي في الحال ته ڪونهي پر اسان ايترو ضرور چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به عرض اگهامجڻ جون بنيادي طور تي ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ ته اهو عرض ڪيتري تياريءَ ۽ ڪيتري اثر پزيريءَ سان ٿو ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته عرض اگهائڻ واري ڌر جا عرض اگهائڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙا مفاد آهن؟
اسان کي معلوم ناهي ته پيپلز پارٽيءَ جي هٿن ۾ رهندڙ سنڌ سرڪار کي ساڍن تيرنهن سالن کان پوءِ سنڌو درياهه جي سار ڇو آئي آهي؟ هن مهل تائين سنڌو درياهه جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جو اهڙو ڪو قدم نه کڄيو آهي، جنهن کي ڏسي سمجهي سگهجي ته سنڌ سرڪار کي پنهنجي ڌرتيءَ جي درياهه جي ٿوري به ڳڻتي آهي. فطرت جا اهي وسيلا جن سان زندگيءَ جو گهرو تعلق هوندو آهي، انهن کي بچائڻ زندگيءَ کي بچائڻ برابر آهي. پر سنڌ جي ڪنهن به حڪومت هن مهل تائين سنڌ جي واهن، ڪئنالن، ڍنڍن ۽ درياهه توڙي سمنڊ جي سلامتيءَ جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اهو هڪ افسوسناڪ عمل آهي پر اها حقيقت آهي ته سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ ۽ موجوده وزير اعليٰ جي والد عبدالله شاهه جي دور ۾ هن جي ڳوٺ جي ڀرسان موجود سنڌ جي جڳ مشهور ڍنڍ منڇر زهريلي پاڻيءَ سبب ختم ٿي وئي پر ان جي بحاليءَ لاءِ هن مهل تائين ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر سنڌ ۾ آهي ۽ ان شهر جو پوري غلاظت شروع کان وٺي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ ان جي لاءِ به هن مهل تائين ڪجهه نه ٿيو آهي.
سنڌو دريا ۾ پنجاب جي گٽرن جو پاڻي داخل ٿئي ٿو پر ان جي تحفظ لاءِ هن وقت تائين ڪجهه به نه ٿيو آهي. هڪ طرف پنجاب جي آبپاشيءَ وارن ڪامورن کي اها ڳڻتي ڳاريندي رهي آهي ته سنڌو درياهه جي معرفت پاڻي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ ٻي طرف سنڌو درياهه جي حالت کي بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي تر جيترو به تحرڪ ۾ نه ڏٺو ويو آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن سنڌ سرڪار گڏيل قومن جي اداري کي اپيل به ڪندي ته ان سان ڇا ٿيندو؟ اهڙيون اپيلون “موهن جي دڙي”جي سلسلي ۾ به ڪيون ويون پر ان سان ڇا ٿيو؟ ڇا گڏيل قومن ان لاءِ ڪجهه ڪيو؟
اسان گڏيل قومن جي ڏوهه تي پوءِ ٿا اچون. پهريان اهو ڏسون ته اسان پاڻ پنهنجن ورثن جي لاءِ ڇا ٿا ڪريون؟ هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن گڏيل قومن کي موهن جي دڙي لاءِ ڳڻتي هئي پر جڏهن هن ڏٺو ته اسان پاڻ پنهنجي تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪريون ۽ اسان جو ڪردار ڪجهه به ناهي ۽ اسان پاڻ موهن جي دڙي لاءِ ملندڙ امداد ۾ گهوٻيون ٿا هڻون ته پوءِ ڪنهن جي دل ڪيترو چوندي؟ آخر عالمي ادارا انڌا ته ناهن. جڏهن انهن جا نمائندا اچن ٿا ۽ اهي ڏسن ٿا ته موهن جي دڙي جي آثارن ۾ موٽر سائيڪلون هلي رهيون آهن ۽ اتان جا ملازم اتان جي ميوزم جون چوريون ٿا ڪن ته ان صورت ۾ هو اسان جي مدد ڇو ڪندا؟ ڇا اسان جي انهن ڪوشش ڏٺي آهي ته اسان پاڻ پنهنجن تاريخي ماڳن يا زندگيءَ جي وسيلن جي باري ۾ ڪيترا فڪرمند آهيون؟
سنڌ جي تاريخ جا سمورا عالم ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته سنڌ جو نالو ۽ سنڌ جو حوالو سنڌو دريا سان آهي. اسان اها ڳالهه فخر سان چئون ٿا ته سنڌ قديم تهذيب جي آغوش آهي ۽ اسان کي معلوم به آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ دريا نه هجي ها ته سنڌ ڪڏهن به آڳاٽي ثقافت جي جوت نه جرڪي ها. سنڌ تاريخ ۾ جيڪو ڪجهه به رهي آهي، اها پنهنجي درياهه جي ڪري رهي آهي ۽ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن درياهه رخ مٽايو آهي، تڏهن تهذيبن جي مٿان زوال اچي ويو آهي.
درياهه سان ڌرتيءَ جو رشتو فطري آهي ۽ جڏهن به جنهن ڌرتيءَ سان درياهه جو سنگم ٿئي ٿو ته اها ڌرتي تهذيب سان روشن ٿي وڃي ٿي. هن مهل سنڌ ۾ جيڪڏهن تمام گهڻو ثقافتي ۽ سماجي توڙي سياسي بحران آهي ته ان جو وڏو سبب درياهه جي تباهيءَ آهي. جڏهن ته درياهه جي تباهيءَ کي روڪڻ ۽ درياهه کي وري پنهنجي اصلوڪي اوج تي آڻڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن ڪجهه به نه ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي وفاقي حڪومتن کي به ڪجهه نه ڪيو آهي پر اسان انهن کي مهڻو پوءِ ڏيون، پهرين ڏسون ته اسان جي سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ اها هڪ افسوس جهڙي حقيقت آهي ته سنڌ جي سرڪاري عملدارن درياهه لاءِ رکيل بجيٽ جا ڌاڙا هنيا آهن. انهن درياهه جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي. انهن کي درياهه جي لاءِ اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن مهل تائين دنيا جي سڌريل قومن پنهنجن درياهن جي لاءِ ڪيو آهي. جڏهن اسان دنيا جا سڌريل ملڪ ڏسون ٿا ته اسان کي پنهنجي حال تي شرم اچي ٿو. دنيا اڻ ٺهيل شين کي ٺاهيو آهي، جڏهن ته اسان ٺهيل شين کي ڊاهيو آهي ۽ اسان کي تاريخ ان سلسلي ۾ ڪڏهن معاف نه ڪندي ته اسان تاريخ جو ٻيڙو ٻوڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي. اسان وٽ ڪرپشن جا جيڪي وڏا مثال قائم ٿيا آهن، اهي اسان جي قومي ۽ تاريخي تباهيءَ جي سبب کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اسان جڏهن ڏسون ٿا ته دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان پوئتي هٽي رهيا آهيون ته ان جو ڪارڻ به ڪرپشن آهي.
سنڌ سرڪار سان سهڪار ڪرڻ لاءِ دنيا جا سڌريل ملڪ بلڪل به سامهون ايندا پر ان لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان اول سنڌ سرڪار پنهنجي اميج کي اجاري ۽ پنهنجي مٿان لڳل ڪرپشن جا داغ مٽائي ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان تي موجود وسيلن جي وارثي ڪري ۽ انهن جو تحفظ ايئن ڪري جيئن سڌريل سرڪارون ۽ انهن جا سرواڻ ڪندا آهن. سنڌ حڪومت جن هٿن ۾ آهي، انهن هٿن تي ڪرپشن جا داغ لڳل آهن. انهن هٿن جي تبديلي ضروري آهي.
هيءَ دنيا ايتري ديواني ناهي، جيترو اسان سمجهيو آهي. هن دنيا ۾ اصول ۽ قائدا اهڙا آهن، جن کي ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي اميج کي بهتر نه بڻايو ته اسان ڪڏهن به مٿي اڀري نه سگهنداسين. هيءَ دنيا جنهن دور مان گذري رهي آهي، ان دور جون لازمي حقيقتون اسان کي به سمجهڻ گهرجن. اسان اهو ڏسي رهيا آهيون ته دنيا انهن جي مدد ڪري ٿي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جن قومن ۽ ملڪن کي پنهنجي عوام تي قياس نه ٿو اچي، انهن قومن ۽ ملڪن جي عوام مٿان ٻيا ملڪ ڪيترو قياس ڪندا؟ ان حوالي سان اسان جي آڏو افغانستان جو مثال موجود آهي. افغانستان جي عوام جي حالت گهڻي وقت کان وٺي رحم جوڳي آهي پر انهن جي مدد ڪنهن ڪئي آهي؟ هن وقت افغانستان جو عوام خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب سرديءَ جي موسم ۾ موت جي آغوش طرف وڌي رهيو آهي پر دنيا کي ڪا پرواهه ئي ناهي. جيڪڏهن دنيا کي چئجي به ٿو ته دنيا تمام گهڻي بي فڪريءَ سان جواب ڏئي ٿي ته جيڪڏهن افغان عوام کي پنهنجو خيال ناهي ته اسان انهن جو خيال ڪيترو ۽ ڪيستائين ڪريون؟
سنڌ جي سلسلي ۾ به دنيا جو انداز ڪجهه اهڙو ئي آهي. جڏهن اسان دنيا جي حڪومتن کي چئون ٿا ته اسان جي مدد ڪريو، تڏهن دنيا جون حڪومتون اسان کي چون ٿيون ته اسان توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي عوام جي پئسي جي قرباني ڏيون ٿا ۽ اهو پئسو اوهان ڪم تي خرچ ڪرڻ بدران ان پئسي مان ڪرپشن ڪريو ٿا ۽ اها ڪرپشن اسان جي اعتبار کي ٽوڙي ٿي. اسان پنهنجي آس پاس ڏسون ته دنيا جي انهن قومن کي ئي ترقي ڪندي ۽ اڳتي وڌندي نوٽ ٿو ڪيو وڃي جنهن قوم پنهنجا پانڌ ڪرپشن کان آجا ڪيا آهن. اسان ڪرپشن به ڪريون ۽ اسان ترقيءَ جا خواب به ڏسون ته اهو ممڪن ناهي. اسان کي ڪنهن به هڪ شيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. اسان جيڪڏهن ترقي چاهيون ٿا ته سڀ کان اڳ ۾ اسان کي تحفظ سلسلي ۾ فڪر ڪرڻو پوندو.
سنڌو درياهه جو تحفظ سنڌ جي تحفظ جو بنياد آهي. ڇو ته سنڌ جي نه صرف ڄاڻ سڃاڻ پر سنڌ جي زندگيءَ جو سبب سنڌو درياهه آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سرڪار هن مهل تائين سنڌو دريا جي تحفظ ۽ ترقيءَ جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان باري ۾ ڪرپشن جا مثال وڌيڪ قائم ٿيا آهن. جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته ڪرپشن ڪندي به دنيا اسان جي مدد ڪندي اها اسان جي ڀل آهي. هن مهل دنيا ڪنهن به ڪرپٽ حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته دنيا کي احساس آهي ته هوءَ پنهنجي عوام جي محنت جو پئسو ڪنهن ڪم لاءِ ڏئي ٿي پر جڏهن ڏسي ٿي ته ان ڪم جي بدران هن جو ڏنل پئسو ڪرپشن جي معرفت حڪمرانن جي کيسن ۾ ٿو وڃي ته هو فوري طور تي پنهنجو هٿ روڪي ڇڏي ٿي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن دنيا پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئي ۽ اها مدد ڪندي به هئي پر جڏهن دنيا کي پتو پيو ته پاڪستان جا حڪمران انهن جي ڏنل امدادن ۾ گهوٻيون هڻن ٿا ته انهن پنهنجو هٿ روڪي وتو. اڄ پاڪستان تمام گهڻو پريشان آهي پر عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ساڳي طرح سان سنڌ لاءِ ڪڏهن عالمي برادريءَ ۾ وڏو احساس هو ۽ اهو احساس هن مهل ان ڪري ڪونهي جو سنڌ حڪومت جي مٿان ڪرپشن جو داغ لڳل آهي ۽ اهو داغ ڌوئڻ جي لاءِ هن ڪجهه به نه ڪيو آهي. جيستائين سنڌ سرڪار پنهنجي اميج کي صاف نه ڪندي تيستائين دنيا هن جي مدد نه ڪندي. هن مهل اسان درياهه کي بچائڻ جون اپيلون ڪرڻ بدران پاڻ ڪجهه ڪوشش ڪريون ۽ ان ڪوشش ۾ دنيا به اسان سان شامل ٿي ويندي.