ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌو درياهه جي بحالي

Editorial

سنڌو درياهه هن ملڪ جو واحد درياهه آهي، جنهن تي ملڪ جي سڄي آبادي ڀاڙي ٿي. پر هن وقت ان درياهه جي حالت اهڙي آهي جو ان ۾ رڳو واريءَ اڏامي رهي آهي. اها واري ڏهاڪن کان اڏامي رهي آهي. دنيا ۾ هاڻ درياهن کي ڊيمن ۽ بندن کان آجو پيو ڪيو وڃي ته جيئن انهن جا فطري لنگهه بحال ٿي سگهن ۽ درياهن وسيلي جيڪا آبي جيوت پلجي ٿي، ان ۾ به واڌ ويجهه ٿي سگهي. درياهه رڳو پاڻيءَ جا وهڪرا نه هوندا آهن پر ان سان معيشت به جڙيل هوندي آهي ته انهن جو هڪ پورو ايڪو سسٽم به هوندو آهي پر سنڌو درياهه سان جيڪي ڪجهه پنجاب ڪري رهيو آهي يا ڪندو آيو آهي، اهو عمل نه رڳو سنڌ جي زرعي زمين کي تباهه ڪري رهيو آهي بلڪه ان سان سامونڊي چاڙهه به وڌي وئي آهي، جنهن جي ڪري ٺٽي ۽ بدين وارا علائقا سمنڊ پائي ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو درياهه جي بحالي ۽ ان ۾ لاڳيتو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن پر پنجاب جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سري. ان حوالي سان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت گڏيل قومن کي جيڪا آگاهي ڏني آهي سا اهم آهي.
گڏيل قومن جي وفد ۾ يو اين جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر آفيس جي سربراهه شاهه ناصر خان، ريجنل ڪوآرڊينيٽر يو اين انوائرنمينٽ پروگرام ايشيا پيسفڪ ريجنل آفيس بئنڪاڪ مشتاق احمد ميمڻ، ڊبليو ايف پي سنڌ جي سربراهه ڊاڪٽر آفتاب احمد ڀٽي، يو اين ريجنل آفيس ابان مارڪر ڪبراجي، اسسٽنٽ يو اين فائو جي نمائندي عامر ارشاد، صوبائي رابطي واري آفيسر عمران خان لغاري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزارت موسمياتي تبديلي جوڊٿ اياز شرڪت ڪئي. پاڪستان جي گڏيل قومن جي سربراهه جولين چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل قومن جو موجوده پائيدار ترقي وارو فريم ورڪ 2022-2018ع ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گڏيل قومن جو ادارو هاڻي پاڪستان ۾ ايندڙ 5 سالن جي پروگرام يونائيٽيڊ نيشنس سسٽينبل ڊولپمينٽ آپريشن فريم ورڪ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جولين چيو ته نئون فريم ورڪ ايجنڊا 2030 تائين پاڪستان جي اوليتن موجب هوندو ۽ حڪومت کي پائيدار ترقي جي مقصدن تي عمل ۾ مدد ڏيڻ تي ڌيان ڏيندو. سنڌ جي وڏي وزير ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سندس حڪومت جي اسٽريٽجڪ ترجيح موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي آهي. هن چيو ته هڪ پائيدار ۽ صحتمند رور بيسن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو طاس جي انتظام ۽ ترقي ۾ سهڪار، پاڻي جي پهچ ۽ استعمال کي بهتر بڻائڻ، معاشي ترقي، آبهوا، جهڳين ۽ درياهه جي لنگهن تي رهندڙ ڪميونٽيءَ جي خوشحالي اولين ترجيح آهي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو سالياني شرح سان وڌي رهي آهي. آبادي جي هن وڌندڙ لاڙي جي نتيجي ۾ ملڪ عالمي سطح تي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي دستيابي 1950ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ اٽڪل 5 هزار ڪيوبڪ ميٽر في ماڻهوءَ مان گهٽجي اڄ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر في ماڻهو کان گهٽجي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيبن کان 5 هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين زندهه آهي، موسمياتي تبديلين سبب گليشيئر رجي رهيا آهن ۽ گهٽ برساتن سبب زرعي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي ۽ غريبن جا گهر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ گهرن واري گندگيءَ جي آلاڻ لکين ماڻهن کي بيمار ڪري رهي آهي جيڪي اهو پاڻي پي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آرسينڪ، نائٽريٽ، ڌات، پلاسٽڪ ويسٽ ۽ مائيڪرو بايولوجيڪل آلاڻ خطرناڪ سطح تي آهي. هن چيو ته درياهه جي واهن تي ماحولياتي تباهي ڊيلٽا جي لوڻياٺ کي وڌائي رهي آهي ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام ۽ مڇي مارڻ جي معيشت کي تباهه ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تُرت ۽ ٺوس اُپائن کانسواءِ هي درياهه جيڪو هزارين سالن کان پاڻ کي محفوظ رکندو پيو اچي، زوال پذير ٿيندو، زرعي پيداوار گهٽجي ويندي، ٻوڏن ۾ واڌ ايندي، غذائي کوٽ ٿيندي، پاڻي مان پيدا ٿيندڙ ۽ مرضن ۾ اضافو ٿيندو، تنهنڪري ٻار، زراعت، مزدور ۽ شهري ڪچي آبادين ۾ رهندڙ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو هي موقف وزنائتو آهي، ان ڪري جو جيستائين سنڌو درياهه جي بحالي نٿي ٿئي، تيستائين سنڌي ماڻهو خوشحال نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪو ٽيڪو ملي سگهندو. اسان کي مستقبل ۾ ٿيندڙ نقصان کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياهه جي بحاليءَ لاءِ ڪوششُون تيز ڪرڻيون پونديون. ان ڪري پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button